نثارناز
سينيئر رڪن
ڳڀرو گهمن گهاٽن سان جت ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جت
اوڍيو گهمن سي اجرڪون ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سُونهن جون لاهِن سِڪون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اميون مهراڻ جون.............(سرويچ سجاولي)
]پوري دنيا ۾ وسندڙ سنڌ جا سڄڻو اڄ اسان کي اهو ٻُڌائيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اڄ اسين صدين پُراني سنڌو تهذيب جو ثقافتي ڏينهن وڏي شان ۽ مان سان ملهائي رهيا آهيون، تاڪه دنيا کي خبر پئي ته سنڌي ماڻهون پنهنجي ثقافت تهذيب ۽ روايتن جا پڪا امين آهن ، هُو سندن مخصوص ۽ منفرد ثقافت جا وارث آهن، جيڪي پنهنجي ثقافت تي کنيل ڪنهن به آڱر کي هرگز برداشت نه ڪندا .اوڍيو گهمن سي اجرڪون ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سُونهن جون لاهِن سِڪون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اميون مهراڻ جون.............(سرويچ سجاولي)
ٻُڌي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويري
ڪڍي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري
اسان جِي هي اجرڪ ۽ ٽوپي اسان لئه،
صدين کان مقدس صدين کان ڀليري (نثارناز)
ان سلسلي ۾ اڄ منهنجي خوبصورت شهر ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف سياسي ، سماجي ادبي ۽ عام مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪري پنهنجي سنڌي هُجن جوسچو ۽ پڪو ثبوت ڏنو اڄ سنڌي ماڻهن پنهنجي قومي ايڪتا ۽ ٻڌيءَ جو ڀرپور نموني اضهار پنهنجي سنڌي ٽوپي ، اجرڪ، سنڌي پٽڪا پائي ۽ ڪهاڙيون هٿن ۾ کڻي ڪيو، ان سلسلي ۾ ٻارن نوجوانن ٻُڍن، معصوم نياڻن خوبصورت لباس اوڍي سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو تهڪڍي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري
اسان جِي هي اجرڪ ۽ ٽوپي اسان لئه،
صدين کان مقدس صدين کان ڀليري (نثارناز)
اڃان رُڃَ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
متان ائين سمجهو مُئا مور سارا، (شيخ اياز)
اهي خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ منظر اڄ منهنجي ڪئمرا جي اک ۾ سمائي آئون پوري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ٿو ڪريان ته حاضر آهن اهي شاهڪار ۽ دل کي ٿڌاڻ ڏيندڙ منظرجنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جا سمورا رنگ پنهنجي آب وتاب سان جرڪي رهيا آهن.متان ائين سمجهو مُئا مور سارا، (شيخ اياز)