اسان جي هِي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي اسان جي۔۔۔ٽنڊومحمد خان مان رپورٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڳڀرو گهمن گهاٽن سان جت ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جت
    اوڍيو گهمن سي اجرڪون ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
    ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سُونهن جون لاهِن سِڪون،
    اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اميون مهراڻ جون.............(سرويچ سجاولي)​

    ]پوري دنيا ۾ وسندڙ سنڌ جا سڄڻو اڄ اسان کي اهو ٻُڌائيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اڄ اسين صدين پُراني سنڌو تهذيب جو ثقافتي ڏينهن وڏي شان ۽ مان سان ملهائي رهيا آهيون، تاڪه دنيا کي خبر پئي ته سنڌي ماڻهون پنهنجي ثقافت تهذيب ۽ روايتن جا پڪا امين آهن ، هُو سندن مخصوص ۽ منفرد ثقافت جا وارث آهن، جيڪي پنهنجي ثقافت تي کنيل ڪنهن به آڱر کي هرگز برداشت نه ڪندا .
    ٻُڌي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويري
    ڪڍي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري
    اسان جِي هي اجرڪ ۽ ٽوپي اسان لئه،
    صدين کان مقدس صدين کان ڀليري (نثارناز)​

    ان سلسلي ۾ اڄ منهنجي خوبصورت شهر ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف سياسي ، سماجي ادبي ۽ عام مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪري پنهنجي سنڌي هُجن جوسچو ۽ پڪو ثبوت ڏنو اڄ سنڌي ماڻهن پنهنجي قومي ايڪتا ۽ ٻڌيءَ جو ڀرپور نموني اضهار پنهنجي سنڌي ٽوپي ، اجرڪ، سنڌي پٽڪا پائي ۽ ڪهاڙيون هٿن ۾ کڻي ڪيو، ان سلسلي ۾ ٻارن نوجوانن ٻُڍن، معصوم نياڻن خوبصورت لباس اوڍي سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته
    اڃان رُڃَ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
    متان ائين سمجهو مُئا مور سارا، (شيخ اياز)​

    اهي خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ منظر اڄ منهنجي ڪئمرا جي اک ۾ سمائي آئون پوري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ٿو ڪريان ته حاضر آهن اهي شاهڪار ۽ دل کي ٿڌاڻ ڏيندڙ منظرجنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جا سمورا رنگ پنهنجي آب وتاب سان جرڪي رهيا آهن.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو

    پيارا سنڌي دوستو اڃان ته منهنجي سنڌي مٺڙن جا ڪافي سارا رنگ موجود آهن جيڪي توهان سان ونڊيندس۔۔۔۔۔۔۔۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار ناز سائين اوهان کي هن ڏهاڙي تي لک لک مبارڪون هجن ماشآء الله توهان ته هن ڏهاڙي جو حق ادا ڪري ڏيکاريو آهي. اوهان تمام ڪافي محنت ڪئي آهي. هينئر سائين منير احمد پاٽائي جن ۽ مان اوهان جي پوسٽ گڏجي ڏسي رهيا آهيون ۽ اوهان جي ڪم جي تعريف به ڪيون پيا الله اوهان کي خوش رکي۔ سائين عبدالرشيد جن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ جيئي منهنجا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن

    مٺا دوستو بس نه ڪجو مونکي منهنجي مٺڙي سنڌ منهنجي جند جا سهڻا سٻاجهڙا اجرڪ پهريل او سنڌي ٽوپي پهريل پيارن پيارن سنڌيئڙن جا ٻهڪندڙ چهرا دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ڏيو۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين اصل هينئون ٺري پيو۔۔۔۔۔ جيئي سنڌ سدا جيئي۔۔۔۔۔ اوهان کي لک لک واڌايون هجن جواوهان اسان کي پنهنجن سنڌين سٻاجهڙن جو زيارتون ڪرايون۔۔۔۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    چئي ڏيو اي سنڌيو، اسان جي سنڌ پنهنجي تمام تر جوڀن سان انتهائي انتهائي سُهڻي آهي۔۔۔

    ڪجهه اڃان به دل چوي ٿي ته سهڻي سنڌ جي سرويچن سپوتن جا انداز اڃان به توهان سان ونڊيان۔۔۔۔۔۔۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه جيڪو ڪي ٽي اين جو ضلع ٽنڊو محمد خان جو مين ڪئمرا مين آهي پنهنجي ڪئمرا سان پنهنجون آفيشل ذميواريون ادا ڪندي​


    [​IMG]

    اسان جي سنڌين جون اهي خوشيون گواهيون پيون ڏين ته اسان سنڌي پنهنجي ثقافت سان پنهنجي جان کان وڌيڪ پيار ٿا ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    الله واهي ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
  7. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نهايت ئي لاجواب تصويري رپورٽ آهي
    ڄڻ ته اسان به هن ريلي ۾ شريڪ هيا سين
    سائين توهان کي اهڙي محنت لاءِ ايوارڊ ڏيڻ گهرجي
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل سائين عظيم سچ پيو چئي

    توهان کي ته ان محنت لا۽ ايوارڊ ملڻ کپندو آهي

    سدائين گڏ


    sindhsalamatsaathsal
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي، واقعي ايئن محسوس ٿيو جو اسان به انهي ريلي ۾ شريڪ آهيون،
    سائين ايوارڊ ته توهان کي ضرور ملندو. پر اهو ايوارڊ اسان جي ايوارڊ جي ڪاميٽي چونڊيدي ته ڪهڙو ايوارڊ ڏنو وڃي.
     
  10. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    سائين توهان جي وڏي مهرباني منهجو فوٽو اپلوڊ ڪرڻ لا۽ . توهان جي تمام گھڻي محنت آهي. سنڌ سلامت فورم ۾ . ۽ هن پروگرام جي وڊيو انشاءٌ الله آئون سڀاڻي تائين اپلوڊ ڪندس. پو۽ توهان اها وڊيو به رکجو. آئون ان وڊيو جو لنڪ ٽنڊو محمد خان سنڌي ٽوپي ريلي رکندس. انشاءُالله سڀاڻي تائين. وري به وڏي مهرباني.
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مانوارا سائين رحيم بخش توهان کي به سنڌي قومي ايڪتا واري ڏينهن جو کوڙ ساريون مُبارڪون، مٺا اهو ته اسان جو فرض هو جو سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيٌءَ واري ڏينهن کي شاندار نموني ملهايون ۽ شاندار نموني ساري دنيا سان ونڊ ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين منير صاحب جن جو به ٿورائتو آهيان ، جنهن سان گڏجي توهان منهنجي هن حقير محنت جو مشاهدو ڪري ان کي پسند ڪيو، سائين توهان جا لک ٿورا ڪالهه مان بروقت توهان جا ٿورا ادا انه ڪري نه سگهيس جو سچ پُڇو ته پوڙهو مڙس سارو ڏينهن هن قومي ڪاڄ جي سنڌ سلامت لاءِ رپورٽنگ ڪندو رهيس تصويرن جي ايڊيٽنگ ۽ انهن کي اپلوڊ ڪري توهان سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيم ، سارو ڏينهن گهر کان گُم هئس بابا سائين جيڪي شديد بيمار آهن پوءِ انهن جي تابعداري ۽ تيمارداري ۾ لڳي ويس۔۔۔۔۔۔۔ اڃا بابا سائين جن جي خدمت ۾ هئس ته رات جي ٻارهين وڳي ادا عبدالغفور سمون هوسڙي شهر کان هن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ واري ڏينهن جي ٽوٽل وڊيو رپورٽ ۽ تصويرون سنڌ سلامت لاءِ کڻي آيو، هوسڙي شهر ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد طرف 30 ڪلو ميٽر پري آهي، ان جي تصويرن کي پنهنجي پي سي تي چاڙهيم عبدالغفور سمي جي ماني ٽڪي ۾ لڳي ويس سو رات جا ٽي وڄي ويا، نتيجي طور اڄ ٿورو بُخار ۽ شديد مٿي ۾ سور هو، پر ان هوندي به عبدالغفور سمون واري رپورٽ سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪري سارو ڏينهن آرام ڪيم۔۔۔۔ ۔۔۔ توهان جا ٿورا جو هر گهڙي هر وقت منهنجي همت افزائي ڪندا رهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا زاهد سومرا، تنهنجو هينئون ٺريو ڄڻ ساري سنڌ سلامت جو هينئون ٺريو، شال جُڙيو هجين پنهنجي پيارن سان۔۔۔۔۔۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا عظيم توکي هي تصوير رپورٽ وڻي يقين ڄاڻ منهنجي حقير محنت مونکي ساڀيان پئي، دوست تو منهنجي هن شيئرنگ تي پنهنجي پسنديدگيءَ جو اضهار ڪيو مونکي سڀ ڪجهه ملي ويو، مونکي دنيا جي ڪنهن به ايوارڊ جي ضرورت ڪانهي بس توهان جو پيار ئي مون لاءِ منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا وحيد ڦلپوٽا، ادا عظيم جيڪو چيو ان جا لک لائق، توهان منهنجي هن رپورٽ کي پسند ڪيو مون لئه سڀ ڪجهه ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي لاءِ منهنجو ايوارڊ صرف ۽ صرف توهان جو پيار آهي، دنيا جا ايوارڊ ڀڄي سگهن ٿا ڀور ٿي سگهن ٿا، پر رب سائين جا لکين شڪرانا آهن جو سنڌ سلامت جي دوستن جا ٿورا ۽ پيار منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي، منهنجي لاءِ عظيم ايوارڊ آهن۔۔۔۔۔۔۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    او لڪيل چاهت وارا تون آهين ڪٿي، اصل ڏسڻ کان مهانگو، نه مٺا نه۔۔۔۔۔۔۔ پليز پنهنجي ايوارڊ ڪاميٽي کي مٿان حرڪت ۾ آڻين۔۔۔۔۔۔۔ جي تو واري ايوارڊ ڪاميٽي مونکي ايوارڊ ڏنو، ته سمجهجائين ته مان ايوارڊ وٺڻ کان پهرين پنڊ پهڻ ٿي ويندس۔۔۔۔۔۔ مونکي صرف تنهنجي دعا جي ضرورت آهي۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني پُٽ غلام علي شاهه تنهنجو وڊيو سڀاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان اڄ ئي شيئر ٿي ويو۔۔۔۔۔۔ شاباس ۔۔۔۔۔ تنهنجي سنڌ سلامت لاءِ اهڙي همت کي ڏسي مان چئي سگهان ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ته گهٽ ۾ گهٽ شهر ٽنڊو محمد خان مان سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ لاءِ تنهنجي صورت ۾ مونکي محنتي ٻانهن ٻيلي ملي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔ شال جُڙيو هُجين پُٽ۔۔۔۔۔۔
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين منهنجا اوهان مونکي ايڊريس پي ايم ڪيو اسان جي ڪاميٽي توهان کي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. بس توهان جي ايڊريس جو انتظار آهي. suhnan saan shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو