يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
جيڪر خدانخواسته گذريل پنج سالن دوران اوهان جو ڪو مٽ مائٽ يا عزيز گذاري ويو هجي ته پهرين واندڪائي ۾ پنهنجي محدود بجيٽ مان سئو کن ڪولڊ ڊرنڪس (جن مان ڪجهه شگر فري به هجن، لازمي آهن)، منرل واٽر جون ڊزن کن بوتلون، گهر ۾ مينهن يا ڍڳي اٿئو ته ٺيڪ نه ته خشڪ کير جو ڪلو وارو پيڪٽ ۽ بسڪيٽن جي اٺن ڏهن پيڪٽن جا پيسا ڪڍي پنهنجي ڀاڳن ڀري جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جئين آئي مهل ان جي پلئه مان ڇوڙي عزت بچائي سگهو. اهو عجيب مينيو پڙهي اچرج ته ٿيندئو پر سائين ڪجهه يادگيري رکو، خبر نه اٿئو ڇا ته اليڪشن اجهو ٿيڻ واري آهي ۽ اوهان جو عزيز فوت ٿي چڪو آهيجنهن جي عذرخواهي لاءِ ڪيڏي مهل به اوهان جي غريباڻي جهڳي تي وڏيون وڏيون گاڏيون اچي بريڪ هڻي سگهن ٿيون جن مان اوهان جا سڃاتل ۽ اڻسڃاتل چهرا نڪري پٿلي هڻي ويهي “ادا دعا گهرو” چئي سگهن ٿا. آخر اسان جو به اسان جي چونڊيل يا اڻ چونڊيل اميدوارن تي ڪو حق ٿئي ٿو ۽ هو اسان جي غمي ۾ اسان سان ڀائيوار به نه ٿيندا ڇا؟ پوءِ سال اڌ پهريان يا پوءِ، ڪهڙو فرق پوندو. همراهه به ته مري ويو آهي عذرخواهي دير يا سوير ڪرڻ ڪو اشو ناهي بس اهو ڏسجي ته اسان جا سرواڻ اسان وٽ اسان جي غم ۾ آيا آهن. انهي عذرخواهي ۾ ئي اهي چونڊيل يا اڻ چونڊيل اميدوار لازمي طور تي اهو اشارو ڏيئي ويندا آهن ته “وؤٽن ۾ اسان کي ياد رکجو” ۽ اهو اشارو ئي سندن اصل مقصد هوندو آهي ۽ ڪنهن جي مرتئي تي به پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪندي نه مُڙندا آهن پر اسان ويچارا حاضر سائين کان ٻاهر نڪرندا ئي ناهيون. جنهن جو هو ڀرپور فائدو وٺندا آهن ڪنهن پراڻي عذرخواهي کان پوءِ انهن جي دل ۾ اها پڪ هوندي آهي ته هي ويچارا سادڙا سٻاجهڙا هاڻي اسان کان پري ڪونه ويندا، انهن جي ڳوٺ جي پولنگ ڄڻ اسان فتح ڪري ورتي آهي ۽ حقيقيت ۾ اسان به سندن اميدن تي بلڪل پورو لهندا آهيون. هن وقت اسان وٽ پراڻيون عذرخواهيون شروع ٿي چڪيون آهن، فخرو ڀائي روز روز اليڪشن ڪرائڻ جون “ڌمڪيون” ڏيئي رهيو آهي جيڪي نيٺ رنگ لائينديون جنهن مان صاف سمجهو ته اوهان وٽ به پراڻيون عذرخواهيون شروع ٿينديون، اهي عذرخواهيون ڄڻ چونڊ مهم جو گيٽ وي هونديون آهن عذرخواهيون شروع ٿين ته صاف سمجهو ته اليڪشن مهم شروع ٿي چڪي آهي اوهان مهرباني ڪري انهن عذرخواهين تي ايندڙ کي سندس پيٽ جو سور هلڪو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي مطلب جي ڳالهه ضرور ٻڌائجو ۽ پنهنجي عزيز جو غم وساري اميدوار کي صاف لفظن ۾ سندس اڳئين دور جي بيواجبين جو احساس ڏياري ڇڏجو نه ته “ادا دعا گهرو” ۾ کڄندڙ هٿ اوهان جي عزيز جي فاتحه لاءِ نه پر اوهان جي ايندڙ مستقبل جي تباهي جي دعا لاءِ هوندا جن تي اوهان “آمين” چئي رهيا هوندا!!!.
سنڌ جي ٻهراڙي جي قوم به عجيب آهي، ڪيڏو به ناحق ٿي ويو هجي پر هڪ ڀيرو هلي اچڻ سان سڀئي ڏک، تڪليفون ۽ رنج وساري وري به انهن جي ڄار ۾ ڦاسندي آهي جيڪي پنجن سالن تائين کين ملڻ ته هڪ طرف پر ڏسڻ به پسند نه ڪندا هئا. هر دور ۾ ائين ئي ٿيو آهي جو وؤٽ وٺڻ وارن مان ڪجهه اسلام اباد وڃي ويهي رهيا ۽ ڪجهه ٻاهرين ملڪن جي سير ڪندا رهيا ۽ ڪي وري “ويجها ئي ڏور سپرين” بڻيل رهيا پر عام ماڻهو وٽ ڪوبه لڙي نه آيو ۽ اهو هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي هاڻي به موجوده حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪري رهي آهي ۽ ان جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي پنهنجي بنگلن مان نڪري سنڌ جي پري پري وارن واهڻ وسندين ۾ اچڻ وارا آهن انهن پنجن سالن ۾ اهڙا ڪيترا سنڌي هوندا جيڪي اڳواڻن جي بلاول هائوس، سي ايم هائوس، نائين زيرو، مخدوم هائوس، مورجهر، ملاڻي هائوس، جيلاني هائوس کان ويندي ڪراچي جي انهن پوش علائقن جا، جن ۾ وڃڻ لاءِ الائي ڪيترا ڀيرا تڪليف دهه حد تائين تلاشي ورتي ويندي آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُس ۾ بيهڻو پوندو آهي، انهن علائقن جا خبر ناهي ڪيترا چڪر ڪاٽيا هوندا ۽ تڪليف سان پهچڻ باوجود به کين پنهنجي ايم پي اي يا ايم اين اي سان ملاقات ته هڪ طرف پر سندن زيارت به نصيب نه ٿي هوندي، ۽ جيڪڏهن چونڊيل نمائندي جي گاڏي جي پويان ڊوڙندي کيس پنهنجو عرض ٻڌائڻ ۾ ڪاميابي به ٿيندي آهي ته به سندن اکين آڏو سندن ڏنل عرضي بنا پڙهڻ جي گاڏي جي پوئين سيٽ تي اڇلائي ڇڏيندا آهن. پر اهي ئي ظالم وري جڏهن چونڊن جي وقت ۾ “ويچارا” ٿي اسان جي غريباڻي جھڳي تي اچن ٿا ته اسان کي اهو سڀ وسري ويندو آهي ۽ ٻيهر ڍڳو پير پيران وارو ڊرامو شروع ٿي ويندو آهي انهن پيشيور وؤٽ جي ڦوروئن وٽ سدائين کان هڪ ئي نفسياتي هٿيار آهي جنهن تي سنڌي سر ڪپائيندي به دير ناهن ڪندا. سندن هڪ ئي جڳ مشهور ڌوڪي باز جملو سدائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته “ اسان اوهان وٽ هلي آيا آهيون هاڻي عزت ڏيو يا نه ڏيو اها اوهان جي مرضي” انهي جملي جي ڪشش ئي ايتري آهي جو اسان ڪُسجي ويندا آهيون ۽ “عزت اهو ئي ڏيندو جنهن وٽ عزت هوندي آهي” جي فارمولي تحت وري به انهن جا ٿي ويندا آهيون پوءِ ڀلي ڪو ٻيو اميدوار اچي ڪيترو به قسم کڻي ته آئون اوهان جي خدمت ڪندس مون کي وؤٽ ڏيو پر ڇاڪاڻ ته مڙسن جي زبان هڪ آهي سو اسان به پنهنجي زبان بدلائيندا ناهيون.
ضروري ناهي ته اسان هر واري چونڊن ۾ نوان چهرا سامهون آڻيون ۽ اهو به لازمي ناهي ته اسان اڳئين ڀيري وؤٽ وٺي وري واپس نه اچڻ وارن کي وري وؤٽ نه ڏيون، اوهان جو جنهن کي دل چوي ان کي وؤٽ ڏيو پر هڪ ڀيرو ان کي احساس ته ڏياريو ته سائين وؤٽ اوهان جو آهي ۽ اوهان کي ئي ڏينداسين پر وؤٽ وٺڻ کان پوءِ به اوهان ساڳيا رهندا وڃو. هڪ ڀيرو ان اميدوار کي مڙس ماڻهو ٿي سندن ڪيل بي واجبين جو به احساس ڏياريندا وڃو، اوهان پنج سال ان جي پويان ڀڳا آهيو هاڻي انهن جو وارو آهي اگر اوهان انهن کان ڪجهه گهرندا ئي نه ته هو اوهان کي ڪيئن ٿا ڏيئي سگهن ۽ گهرڻ اوهان جو حق به آهي. بيشڪ هو اوهان جي تڏي تي هلي آيو آهي پر هو اوهان کان وؤٽ وٺڻ آيو آهي ۽ پنهنجي ضمير جي فيصلي کي داءُ تي لڳائيندي وؤٽ ڏيئي رهيا آهيو. سو وؤٽ ڏيڻ مهل ئي اوهان ان سان اڳتي جي ڪا ڪميٽمينٽ ڪري سگهو ٿا. پنهنجون شرطون رکي سگهو ٿا جن تي عمل ڪرڻ جو هڪ ٽائيم ٽيبل وٺي سگهو ٿا ۽ گڏوگڏ جيءُ ڪڙو ڪري کيس اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪر اوهان پنهنجا واعدا وفا نه ڪيا ته پوءِ “نينگر ننڍي آهي ته جُمع به جام آهن”. اڳتي اسان وٽ سوچي سمجهي اچجو.
شايد اسان مان هرڪو وؤٽ وٺڻ لاءِ ايندڙن سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ چاهيندو آهي پر سوال اهو ئي اٿندو آهي ته ٻلي جي ڪنڌ ۾ گهنٽي ڪير ٻڌندو؟ ٻين معاملن ۾ اها گهنٽي ٻڌڻ واقعي ڏکي آهي پر جڏهن به ڪو اهڙو ڪوڙو ۽ دغاباز اڳواڻ تڏي تي هلي ايندو آهي ته ڳوٺ، پاڙي يا اوطاق ۾ اهڙا “چريا” ضرور هوندا آهن جيڪي انهي تي ڪاوڙيل هوندا آهن پر اڪثر ڪري انهي اڳواڻ جي پارٽي جا همراهه ان “چرئي” بابت اڳواٽ ئي ڪاڄ جي ڌڻي کي خبردار ڪري چڪا هوندا آهن ته “ان کي جهلي رکجو متان اوهان جي بي عزتي نه ڪري وٺي، اوهان جو تڏو آهي اگر صاحب کي اوهان جي تڏي تي ڪنهن ڏکيو لفظ ڳالهائي وڌو ته اها اوهان جي بي عزتي آهي پوءِ اوهان جي اوطاق تي ڪير ايندو؟”. مٿان وري ڳوٺ جي وڏيري جي به پنهنجي پارت ڪيل هوندي آهي ۽ پوءِ واقعي ان “چرئي” تي ان اوطاق جي پاسي ۾ اچڻ تي به ڪرفيو لڳل هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن پروگرامن ۾ “صاحب” جي ڪوڙن ڏٽن جا ڊزڪا ٻڌي ٻڌي ڪنهن جو بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويندو آهي ته به ان سان ماڻهو وڙهڻ ٿا اچن، وڏا وات تي هٿ رکي ماٺ ڪرڻ جو اشارو ڪندا ته هڪ جيڏا وري ان کي ٻاهر وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا. اسان وٽ هڪ “چرئي” جو ڳوٺ وارن ان ڳالهه تان جيئڻ حرام ڪري وڌو جو هن پنهنجي چونڊيل نمائندي کان مسلسل چار سالن جاري رهندڙ واعدي بابت ٿورو سختي سان پڇي ورتو ته سائين اهو ڪم نيٺ ٿيندو ڪڏهن؟؟؟ اسان جا ته چار سالن کان ساڳيا آسري وارا جواب ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن. توڙي جو صاحب کي اهو تمام خراب لڳو ۽ هو محفل مان اٿي هليو ويو، “چرئي” کي ڳوٺ وارن دڙڪا داٻا ڏنا، تڏي جو ڌڻي پنهنجو تڏو خراب ٿيڻ جي خيال سان پريشاني جو شڪار رهيو، پر سڀني ڏٺو ته چونڊيل نمائندي وري اچي اهو واعدو نه ورجايو بلڪه ڪجهه ڏينهن ۾ ئي اهو ڪم ڪري وڌائين. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته جيڪر اسان کي ڪم وٺڻا آهن ته گهٽ ۾ ننڍي حد تائين ئي سهي پر اسان کي ٿورو منهن جو پڪو (يا سڌي ڳالهه ڪجي ته “غير مهذب”) ٿيڻو پوندو ۽ وؤٽ وٺڻ لاءِ ايندڙن سان وؤٽر جي روايتي زبان بدران عام ماڻهو واري زبان سان ڳالهائڻو پوندو جنهن سان اوهان جي به ڪا اهميت رهندي ۽ اوهان جي وؤٽ جي به ڪا اهميت ٿيندي.