2018 اٽيچمينٽ ڏسو فيبروري جو مهينو ڪافي حوالن سان سُٺو آهي. هڪ ته اهو احساس ڏياريندو آهي ته هاڻ سال نئون سال ناهي رهيو. مون جهڙا گهڻا ڀولا هاڻي تاريخ لکڻ مهل 2012 بدران 2013 لکڻ تي هٿ هيري ويا هوندا. ٻيو ته هن مهيني جي موسم ڀلي هُجي ٿي. نه گهڻا سيءُ نه گرمي. بلڪه بهار جي آمد هوندي آهي هن مهيني ۾ جڏنهن اهو هلندو هلندو پنهنجي اڌ ڄمار تي پُهچي ٿو. پر ويچاري جي سڀني مهينن کان ننڍي عمر جي پوري اڌ تي پُهچڻ تي هڪ مشهورِ زمانه ڏينهن جي ياد ملهائي وڃي ٿي. جي منهنجو اشارو ويلنٽائن ڊي ڏانهن آهي جيڪو مسٽر ويلنٽائن ڊي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن جي عشق جو فسانو ڏند ڪٿائن جي آسري ئي سهي پر ايترو عجيب آهي جو هزار مخالفتن ۽ تضادي راين جي باوجود ياد ڪيو وڃي ٿو بلڪه ملهايو به وڃي ٿو. اهي مخالف ڪي ٻيا نه پر اُهي ئي آهن جن وٽ ڪو ٻيو ڪوبه ڪم نه هُجي ته به سوشل نيٽ ورڪ جي سائيٽس تي ويٺا سروي ڪرائيندا, مطلب ٺهي نه جُڙي پر وٺ رينگٽ کي. چون ٿا ته مسٽر ويلنٽائن شادين ڪرائڻ ۾ مشهور هوندي به پنهنجي محبوبه سان شادي نه ڪري سگهيو هو. ۽ کوڙ ٻيون ڏند ڪٿائون به هن نالي سان جُڙيل آهن پر لڳي ٿو شادي نه ڪرڻ ئي سندس مشهوري جو وڏو سبب لڳي ٿي ڇو ته شادي کان پوءِ انهي حوالي سان مشهور ٿيل تمام ٿورا آهن. پر هن همراهه جو ڏينهن نئين سال کان پوءِ ٻيو نمبر وڌيڪ جوش سان ملهايون ويندڙ ڏينهن ٿي چُڪو آهي. پاڙيسري مُلڪ جي هڪ مووي “ريڊي” جو ڇا خوب ڊائلاگ آهي ته واقعي محبت انڌي هوندي آهي پر شادي اکيون کوليو ڇڏي. سو پاڻ به ويلنٽائن ڊي جي مناسبت سان انهن جوڙين کي ياد ڪريون ته بهتر ٿيندو جن جون اکيون هاڻي کُلي چُڪيون آهن. يا ٻين لفظن ۾ سندن شادي ٿي چُڪي آهي. جِن جون اکيون اڃان بند آهن ۽ بند اکين سان هي ليک پڙهي رهيا آهن تِن لاءِ به سٺو ٿيندو ته جيترا گُل ڏيڻا آهن. سي پنهنجي ويلنٽائنز کي ڏيئي ڇڏيو. متان ڪٿي اکيون کُلي وڃنؤ ۽ پوءِ پڇتايو. ڇو ته اکيون کُلڻ کان اڳ اوهان کي پنهنجي محبوبه ڪنهن ڪوهه ڪاف جي پري کان به حسين و جميل لڳندي هوندي. بلڪه ڪنهن سان ڪا تشبيهه ڏيڻ ئي گواره نه هوندي. ڇو جو ماءُ جو ٻچو ۽ ڪنهن جو محبوب صرف سندن ئي اکيون صحيح سڃاڻي سگهنديون آهن. پر جڏنهن اهي اکيون کُلي ويون ته پوءِ اسان جي هڪ يار واري ڪار ٿيندي. ڳوٺائي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪو وقت هو جو فيبروري ايندي هئي هئي ته رومانس جا رنگ بدلجي ويندا هئا. بهارون پيار جا انداز بدلائي ڇڏينديون هُيون. ڳاڙهو رنگ ئي سڀ ڪُجهه لڳندو هو. گلابن سان سينگاريل ڪارڊ ۽ گُلاب جو اُهو گُل نه سُجهندو هو جو پرين کي ڏجي. پر هاڻ ته قصو ئي نرالو آهي. ويلنٽائن ڊي ويلڻ ڏائڻ ڊي بڻجي ويو آهي. هڪ ته سياري جي بي موسمي برسات سبب پير جو تِرڪيو ته وڃي ڦهڪو ڪيم ته چيلهه ۾ سَٽ الڳ پئي. پير ۾ ڪا ڪاٺي جي ڇيت لڳي وئي سو فروڙي به ٿي پئي. ٻه ڏينهن وڌيڪ بارش ۾ هليس ته اهو ڦَٽ ويلڻ چڙهڻ جو سبب ٿيو ۽ صفا وئيل ۾ پئجي ويس. اصل هلڻ کان لاچار هُجان. مٿان اچي 14 فيبروري پُهتي. سو وڏيري چئي مون کي ويلنٽائن وِش نه ڪندين؟ اڳي ته اهو چوندي هئي ته هٿ ۾ رئي جو پَلو هوندو هيس جيڪو ڪلهن کان ٿيندو هيٺ ويندل هوندو هُيس. ۽ صراحي مثل قد ڪاٺ ڏِسي دل بار بار ويلنٽائن وِش ڪرڻ تي چوندي هئي. پر هاڻ نه قد رهيو صراحي مثل نه رئو رهيو ڪُلهن تي. قد ٿي ويو ڪنهن پراڻي بڙ جي ٿڙ جيان ۽ هٿ ۾ آنچل بجاءِ ويلڻ جيڪا کنيو ڪچن مان جارحانه انداز سان اچي پُڇيو هئاين ته ويلنٽائن ڪيئن وِسري ويئي؟ ڪوتاهي ته کڻي هئي پر ڇا چوانس ته مائي هاڻي اُهي ڏينهن اُهي شينهن ٿيا. هاڻي نه ويلنٽائن آهي نه ڪا وِش. هاڻي بس اها ويلڻ هٿئي هٿ ۾ جنهن کان امانَ کپي ۽ ٻي ويلڻ جيڪا پير کان ٿي سٿرن تي اچي پُهتي آهي سا وڌيڪ عذاب نه ڏي. باقي ويلنٽائن پاڻ به ويلنٽائن تي نه پُهچي ها جيڪڏنهن شادي ڪري وٺي ها.هي همراهه گهڻو اڳ ڳوٺائي هوندي به شهرين کان اڳرو هوندو هو. سڀ شوق ۽ انتخاب شهرين وارا رکندو هو. ڪُتن جو ڀؤ (ڪڏنهن ته حملو) هوندي به رات جا واڪ پيو ڪندو هو. ڪڏنهن وري پَل جي ڪپر تي ڪپڙو وڇائي ڪڇو پائي اونڌو ٿيو سن باٿ پيو وٺندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڪثر آسپاس ڪپڙا ڌوئيندڙ ماين جي شڪايتن تي سندن مرد پيا هِن کي دڙڪا به ڏيندا هئا. پر هِن جا جذبا جوان کان جوان تر رهيا. نيٺ وڃي شادي به پسند جي ڪيائين. شادي ٿيس ته پهريان ٻه سال شادي جي سالگراهن جا تحفا وٺندي ڏٺوسونس. ويلنٽائن تي به ڪارڊ ۽ گُلن جي ڳولا پيو ڪندو هو. ٻه ٽي دفعا ته ڳوٺ جي هڪ ڏنگي زميندار جي باغ مان تازو گُل پٽڻ تي جيڪا ٿيس سا به واهه جي هئس. پر جلدي ئي همراهه ٺيڪ ٿي ويو ۽ هاڻي ويلنٽائن ڊي تي کيس پنهنجي زال ڏائڻ ۽ هٿ ۾ ويلنٽائن کي ڏيڻ لاءِ گُل بدران گُل نه ملڻ تان ڊپ ڏيڻ لاءِ ويلڻ آهي ۽ ٻي ويلڻ کيس فروڙي جي ڪري ڄنگهه ۾ آهي. هاءِ ويچارا پرڻيل ۽ انهن جي ويلنٽائن ڊي سيليبريشن. 2019 اٽيچمينٽ ڏسو
مطلب شادي کان اڳ ويلنٽائين ۽ پو ويلڻ ڏائڻ ۔۔۔۔۔۔۔ ههههههه اها حالت گهڻن سان آهي پر مونسان ناهي ۔۔۔ اڳ به پيار ئي پيار هاڻ به پيار ئي پيار، ڇاڪاڻ 12 مهيني موڪل تي جو اچانٿو ۔۔۔ هههههه بلڪ پرديسين لا هر 12 مهيني نئين شادي ۔۔۔ نوان شوق نوان جذبا ۔۔۔ ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا ۔۔۔ اسين ان بدڪردار ويلنٽائين جو ڏينهن ته ملهايون ٿا پر اسانجا پنهنجا ڪردار ،،، ڄام تماچي سسئي مارئي سهڻي مومل ۽ ٻيا سنڌ جا ڪيترائي عظيم ڪردار آهن جن کي ملهائڻ سان سنڌيت کي هٿي ملندي پر اهو نڀاڳو ويلنٽائين الائجي ڪير ۽ الائجي ڪٿان جو ۔۔۔ سو ويلنٽائين اسان لا ڪجهه به ناهي ۔۔۔ اوهانجو ليک مزيدار ۽ سٺو لکليل آهي۔ لک قرب
نه سائين اوهان ٻاهر رهڻ بند ڪيو پيار جي خبر پئجي ويندي ۔ عاشقن ان لاءِ ته عشق ۾ وصال کي حرام قرار ڏنو آهي اقبال رحمه جو شعر آهي تو رهنورد شوق هي منزل نه ڪر قبول ليله ڀي هو همنشين تو محمل نه ڪر قبول۔ وسلام۔
هٿ ۾ هٿ وججي هن چيو منهنجي جان خيال سان هي هيٺ کڏو آهي ڪٿي پير ۾ موڇ نه اچي وڃي سائين کي۔ڪجھ سالن کان بعد اهو محبوب ساڳي جڳھ تان گذريو محبوب ساڳيو بس هٿ هٿن ۾ نه ها جان خيال ڪجان کڏو آهي ۔ان کان پوءِ ڪجھ سالن کان بعد وري اتان گذر ساڳي سڄڻن جو ٿيو خيال ڪجان کڏ ۾ نه ڪري پوينوري ڪجھ سالن کان پوءِ گذر ٿيوخيال سان کڏ ۾ نه مرين۽ پوءِ تو به توبه هي عشق جو انجام الله معاف ڪري خدا اهي ڏينهن ڪنهن دشمن کي به نه ڏيکاري سابقه عاشق سابقه محبوب کي عجيب جملو چيوتو به توبه مرين نه ٿي ان کڏ ۾ عشق ۾ وصال حرام۔وسلام
فيسبوڪ ڀريو پيو هو ويلنٽائين سان ۽ مونکي وري حفيظ جي ويلڻ ۽ ڏائڻ ياد اچي وئي ، جنهن جو ذڪر علي علي ڪيو آهي.
ويلنٽائن ۽ ماڻهن جا انيڪ تبصرا ... هڪڙا مخالف ته ٻيا حامي ... پر مونکي هي ليک ياد رهي. مراد علي شاهه بڪيرائي به زبردست ڪارٽونسٽ آهي