Valentine Day يا ويلڻ ڏائڻ ڊي

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فيبروري جو مهينو ڪافي حوالن سان سُٺو آهي. هڪ ته اهو احساس ڏياريندو آهي ته هاڻ سال نئون سال ناهي رهيو. مون جهڙا گهڻا ڀولا هاڻي تاريخ لکڻ مهل 2012 بدران 2013 لکڻ تي هٿ هيري ويا هوندا. ٻيو ته هن مهيني جي موسم ڀلي هُجي ٿي. نه گهڻا سيءُ نه گرمي. بلڪه بهار جي آمد هوندي آهي هن مهيني ۾ جڏنهن اهو هلندو هلندو پنهنجي اڌ ڄمار تي پُهچي ٿو. پر ويچاري جي سڀني مهينن کان ننڍي عمر جي پوري اڌ تي پُهچڻ تي هڪ مشهورِ زمانه ڏينهن جي ياد ملهائي وڃي ٿي. جي منهنجو اشارو ويلنٽائن ڊي ڏانهن آهي جيڪو مسٽر ويلنٽائن ڊي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن جي عشق جو فسانو ڏند ڪٿائن جي آسري ئي سهي پر ايترو عجيب آهي جو هزار مخالفتن ۽ تضادي راين جي باوجود ياد ڪيو وڃي ٿو بلڪه ملهايو به وڃي ٿو. اهي مخالف ڪي ٻيا نه پر اُهي ئي آهن جن وٽ ڪو ٻيو ڪوبه ڪم نه هُجي ته به سوشل نيٽ ورڪ جي سائيٽس تي ويٺا سروي ڪرائيندا, مطلب ٺهي نه جُڙي پر وٺ رينگٽ کي.
    چون ٿا ته مسٽر ويلنٽائن شادين ڪرائڻ ۾ مشهور هوندي به پنهنجي محبوبه سان شادي نه ڪري سگهيو هو. ۽ کوڙ ٻيون ڏند ڪٿائون به هن نالي سان جُڙيل آهن پر لڳي ٿو شادي نه ڪرڻ ئي سندس مشهوري جو وڏو سبب لڳي ٿي ڇو ته شادي کان پوءِ انهي حوالي سان مشهور ٿيل تمام ٿورا آهن. پر هن همراهه جو ڏينهن نئين سال کان پوءِ ٻيو نمبر وڌيڪ جوش سان ملهايون ويندڙ ڏينهن ٿي چُڪو آهي.
    پاڙيسري مُلڪ جي هڪ مووي “ريڊي” جو ڇا خوب ڊائلاگ آهي ته واقعي محبت انڌي هوندي آهي پر شادي اکيون کوليو ڇڏي. سو پاڻ به ويلنٽائن ڊي جي مناسبت سان انهن جوڙين کي ياد ڪريون ته بهتر ٿيندو جن جون اکيون هاڻي کُلي چُڪيون آهن. يا ٻين لفظن ۾ سندن شادي ٿي چُڪي آهي. جِن جون اکيون اڃان بند آهن ۽ بند اکين سان هي ليک پڙهي رهيا آهن تِن لاءِ به سٺو ٿيندو ته جيترا گُل ڏيڻا آهن. سي پنهنجي ويلنٽائنز کي ڏيئي ڇڏيو. متان ڪٿي اکيون کُلي وڃنؤ ۽ پوءِ پڇتايو. ڇو ته اکيون کُلڻ کان اڳ اوهان کي پنهنجي محبوبه ڪنهن ڪوهه ڪاف جي پري کان به حسين و جميل لڳندي هوندي. بلڪه ڪنهن سان ڪا تشبيهه ڏيڻ ئي گواره نه هوندي. ڇو جو ماءُ جو ٻچو ۽ ڪنهن جو محبوب صرف سندن ئي اکيون صحيح سڃاڻي سگهنديون آهن. پر جڏنهن اهي اکيون کُلي ويون ته پوءِ اسان جي هڪ يار واري ڪار ٿيندي.
    ڳوٺائي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪو وقت هو جو فيبروري ايندي هئي هئي ته رومانس جا رنگ بدلجي ويندا هئا. بهارون پيار جا انداز بدلائي ڇڏينديون هُيون. ڳاڙهو رنگ ئي سڀ ڪُجهه لڳندو هو. گلابن سان سينگاريل ڪارڊ ۽ گُلاب جو اُهو گُل نه سُجهندو هو جو پرين کي ڏجي. پر هاڻ ته قصو ئي نرالو آهي. ويلنٽائن ڊي ويلڻ ڏائڻ ڊي بڻجي ويو آهي. هڪ ته سياري جي بي موسمي برسات سبب پير جو تِرڪيو ته وڃي ڦهڪو ڪيم ته چيلهه ۾ سَٽ الڳ پئي. پير ۾ ڪا ڪاٺي جي ڇيت لڳي وئي سو فروڙي به ٿي پئي. ٻه ڏينهن وڌيڪ بارش ۾ هليس ته اهو ڦَٽ ويلڻ چڙهڻ جو سبب ٿيو ۽ صفا وئيل ۾ پئجي ويس. اصل هلڻ کان لاچار هُجان. مٿان اچي 14 فيبروري پُهتي. سو وڏيري چئي مون کي ويلنٽائن وِش نه ڪندين؟ اڳي ته اهو چوندي هئي ته هٿ ۾ رئي جو پَلو هوندو هيس جيڪو ڪلهن کان ٿيندو هيٺ ويندل هوندو هُيس. ۽ صراحي مثل قد ڪاٺ ڏِسي دل بار بار ويلنٽائن وِش ڪرڻ تي چوندي هئي. پر هاڻ نه قد رهيو صراحي مثل نه رئو رهيو ڪُلهن تي. قد ٿي ويو ڪنهن پراڻي بڙ جي ٿڙ جيان ۽ هٿ ۾ آنچل بجاءِ ويلڻ جيڪا کنيو ڪچن مان جارحانه انداز سان اچي پُڇيو هئاين ته ويلنٽائن ڪيئن وِسري ويئي؟ ڪوتاهي ته کڻي هئي پر ڇا چوانس ته مائي هاڻي اُهي ڏينهن اُهي شينهن ٿيا. هاڻي نه ويلنٽائن آهي نه ڪا وِش. هاڻي بس اها ويلڻ هٿئي هٿ ۾ جنهن کان امانَ کپي ۽ ٻي ويلڻ جيڪا پير کان ٿي سٿرن تي اچي پُهتي آهي سا وڌيڪ عذاب نه ڏي. باقي ويلنٽائن پاڻ به ويلنٽائن تي نه پُهچي ها جيڪڏنهن شادي ڪري وٺي ها.
    هي همراهه گهڻو اڳ ڳوٺائي هوندي به شهرين کان اڳرو هوندو هو. سڀ شوق ۽ انتخاب شهرين وارا رکندو هو. ڪُتن جو ڀؤ (ڪڏنهن ته حملو) هوندي به رات جا واڪ پيو ڪندو هو. ڪڏنهن وري پَل جي ڪپر تي ڪپڙو وڇائي ڪڇو پائي اونڌو ٿيو سن باٿ پيو وٺندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڪثر آسپاس ڪپڙا ڌوئيندڙ ماين جي شڪايتن تي سندن مرد پيا هِن کي دڙڪا به ڏيندا هئا. پر هِن جا جذبا جوان کان جوان تر رهيا. نيٺ وڃي شادي به پسند جي ڪيائين. شادي ٿيس ته پهريان ٻه سال شادي جي سالگراهن جا تحفا وٺندي ڏٺوسونس. ويلنٽائن تي به ڪارڊ ۽ گُلن جي ڳولا پيو ڪندو هو. ٻه ٽي دفعا ته ڳوٺ جي هڪ ڏنگي زميندار جي باغ مان تازو گُل پٽڻ تي جيڪا ٿيس سا به واهه جي هئس. پر جلدي ئي همراهه ٺيڪ ٿي ويو ۽ هاڻي ويلنٽائن ڊي تي کيس پنهنجي زال ڏائڻ ۽ هٿ ۾ ويلنٽائن کي ڏيڻ لاءِ گُل بدران گُل نه ملڻ تان ڊپ ڏيڻ لاءِ ويلڻ آهي ۽ ٻي ويلڻ کيس فروڙي جي ڪري ڄنگهه ۾ آهي. هاءِ ويچارا پرڻيل ۽ انهن جي ويلنٽائن ڊي سيليبريشن.
    [​IMG]
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مطلب شادي کان اڳ ويلنٽائين ۽ پو ويلڻ ڏائڻ ۔۔۔۔۔۔۔ ههههههه
    اها حالت گهڻن سان آهي پر مونسان ناهي ۔۔۔ اڳ به پيار ئي پيار هاڻ به پيار ئي پيار، ڇاڪاڻ 12 مهيني موڪل تي جو اچانٿو ۔۔۔ هههههه
    بلڪ پرديسين لا هر 12 مهيني نئين شادي ۔۔۔ نوان شوق نوان جذبا ۔۔۔

    ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا ۔۔۔ اسين ان بدڪردار ويلنٽائين جو ڏينهن ته ملهايون ٿا پر اسانجا پنهنجا ڪردار ،،،

    ڄام تماچي
    سسئي
    مارئي
    سهڻي
    مومل
    ۽ ٻيا سنڌ جا ڪيترائي عظيم ڪردار آهن جن کي ملهائڻ سان سنڌيت کي هٿي ملندي پر اهو نڀاڳو ويلنٽائين الائجي ڪير ۽ الائجي ڪٿان جو ۔۔۔ سو ويلنٽائين اسان لا ڪجهه به ناهي ۔۔۔

    اوهانجو ليک مزيدار ۽ سٺو لکليل آهي۔

    لک قرب
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هههههههههههه

    ادا عبدالحفيظ لغاري مونکي پرڻيل تان ڪجهه ياد پيو اچي۔

    مزيدار ليک موقعي جي مناسبت سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    آيا هيا قبر تي ڏيو ٻارڻ
    قبر تي پيل گلَ کڻي
    ويا ويلنٽائن ملهائڻ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Muhammad Muslim Jokhio

    Muhammad Muslim Jokhio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 نومبر 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    36
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ويلڻ واري ڏينهن به ڪو خوشي ڪندو آ ڇا، ان ڏينهن ته دل روئيندي آ سائين۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    نه سائين اوهان ٻاهر رهڻ بند ڪيو پيار جي خبر پئجي ويندي ۔
    عاشقن ان لاءِ ته عشق ۾ وصال کي حرام قرار ڏنو آهي
    اقبال رحمه جو شعر آهي
    تو رهنورد شوق هي منزل نه ڪر قبول
    ليله ڀي هو همنشين تو محمل نه ڪر قبول۔
    وسلام۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هٿ ۾ هٿ وججي هن چيو منهنجي جان خيال سان هي هيٺ کڏو آهي ڪٿي پير ۾ موڇ نه اچي وڃي سائين کي۔
    ڪجھ سالن کان بعد اهو محبوب ساڳي جڳھ تان گذريو محبوب ساڳيو بس هٿ هٿن ۾ نه ها
    جان خيال ڪجان کڏو آهي ۔
    ان کان پوءِ ڪجھ سالن کان بعد وري اتان گذر ساڳي سڄڻن جو ٿيو
    خيال ڪجان کڏ ۾ نه ڪري پوين
    وري ڪجھ سالن کان پوءِ گذر ٿيو
    خيال سان کڏ ۾ نه مرين
    ۽ پوءِ
    تو به توبه
    هي عشق جو انجام
    الله معاف ڪري
    خدا اهي ڏينهن ڪنهن دشمن کي به نه ڏيکاري
    سابقه عاشق
    سابقه محبوب
    کي عجيب جملو چيو
    تو به توبه
    مرين نه ٿي ان کڏ ۾
    عشق ۾ وصال حرام۔
    وسلام
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيسبوڪ ڀريو پيو هو ويلنٽائين سان ۽ مونکي وري حفيظ جي ويلڻ ۽ ڏائڻ ياد اچي وئي ، جنهن جو ذڪر علي علي ڪيو آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سال اڳ ڪاوش لاء لکيل هي ليک علي علي وري ياد ڏياريو آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    توهان وارو مٿيون ليک منهنجي هڪ دوست ڪاوش ۾ پڙهيو هو ان کي تمام گهڻو پسند آيو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀلا اوهان کي دل سان لڳو ڇا ؟؟؟ جو پسند نه آيو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مون سميت ڪريم چانڊيو ۽ ٻين گهڻن کي دل سان ڳالهه لڳي هوندي پر باسي ڪير به نٿو سواء چاچي ڪريم جي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ويلنٽائن ۽ ماڻهن جا انيڪ تبصرا ... هڪڙا مخالف ته ٻيا حامي ... پر مونکي هي ليک ياد رهي.

    مراد علي شاهه بڪيرائي به زبردست ڪارٽونسٽ آهي

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين مضمون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ههههههه واه اوهان به اهڙو ڪارٽون چونڊي کڻيو آهي جو ٿيو خير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو