”نوبل انعام“ جو خالق الفريڊ نوبيل

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2013۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ”نوبل انعام“ جو خالق الفريڊ نوبيل،
    جنهن ڊائنامائيٽ ۽ ٻيا جنگي هٿيار ٺاهيا
    محسن علي
    1888ع ۾ مشهور سائنسدان، بارود جي ايجاد ڪندڙ ۽ ”نوبيل انعام“ شروع ڪندڙ الفريڊ نوبيل جو ڀاءُ لڊوگ نوبيل فرانس جي شهر ڪانز جو دورو ڪندي اُتي گذاري ويو ته هڪ فرانسيسي اخبار غلطيءَ سان الفريڊ نوبيل جي موت جي خبر شايع ڪري ڇڏي. هن خبر ۾ ان اخبار بارود (ڊائنامائيٽ) جي ايجاد تي الفريڊ نوبيل جي مذمت ڪندي لکيو هو ته: “The Merchant of death is dead” يعني ”موت جو واپاري مري ويو.“ اهو لکڻ سان گڏ اخبار هي به اکر لکيا هئا ته ”ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل جيڪو ماڻهن کي مارڻ جا نوان نوان طريقا ڳولي شاهوڪار ٿي ويو هو، سو ڪالهه مري ويو.“
    ڊاڪٽر ۽ سائنسدان الفريڊ نوبيل، ان اخبار ۾ پنهنجي متعلق اهي ريمارڪس پڙهي صدمي ۾ اچي ويو، هن کي فوراِ اهو احساس ٿيو ته، ”سندس موت“ کان پوءِ کيس اهڙي ئي نفرت واري نموني سان ياد ڪيو ويندو.“ ان ڪري هن 27 نومبر 1895ع تي پيرس ۾ سويڊش-ناروي جين ڪلب ۾ پنهنجي آخري وصيت تي صحيح ڪئي، جنهن مطابق هن پنهنجي ٺاهيل ملڪيت ۽ دولت جو هڪ وڏو حصو ”نوبيل انعام“ ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. اهي پيسا 1908ع جي آمريڪي ڊالر مطابق 250 ملين ڊالر ٿين ٿا.
    نوبيل انعام جو آغاز:
    ڊاڪٽر نوبيل جي وصيت مطابق ”هر سال پنج نوبيل انعام، بنا ڪنهن ملڪ، قوم، مذهب، رنگ ۽ نسل جي ڏنا ويندا، جن مان ٽي انعام مختلف سائنسي ميدانن ۾ تخليق، ايجادن ۽ سڌارن تي ڏنا ويندا يعني فزڪس، ڪيمسٽري ۽ دوا سازي تي، چوٿون انعام ادب جي ميدان ۾ ”هڪ مثالي رخ“ ڏيکارڻ واري ادبي شخصيت کي ڏنو ويندو ۽ پنجون نوبيل پرائيز دنيا ۾ امن امان لاءِ ڪوششون ڪندڙ ۽ امن جي واڌ ويجهه ڪندڙ ۽ فوجون گهٽائيندڙ شخصيت کي ڏنو ويندو.“
    مئٿميٽڪس لاءِ ڪو نوبيل انعام نه رکيو ويو. ادب ۾ مثالي رستو ڏيکارڻ “In an ideal direction” جي لفظن جي ڪافي سال ڪير وضاحت نه پئي ڪري سگهيو، ان ڪري مشهور روسي ليکڪ ليوٽالسٽاءِ جهڙي عظيم اديب کي به ان ادبي ايوارڊ کان محروم رکيو ويو هو، پنهنجي هڪ صفحي واري وصيت ۾ الفريڊ نوبيل وڌيڪ وضاحتون نه ڪري سگهيو هو، ان ڪري فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ ۾ به نوبيل انعام نئين تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ڏانهن ويندا رهيا آهن ۽ جيڪي انجنيئرن ۽ موجدن ڏانهن نه ويا آهن.
    2001ع ۾ الفريڊ نوبيل جي پوٽي جي پڙپوٽي پيٽر نوبيل (پيدائش 1931ع) بئنڪ آف سوئيڊن کي لکيو ته، ”اها جيڪو انعام اقتصاديات جي ميدان ۾ الفريڊ نوبيل جي ياد ۾ جاري ڪري رهي آهي، اُن کي الفريڊ نوبيل جي ”نوبيل انعامن“ کان الڳ رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جو نوبيل انعامن سان ڪو تعلق نه هجڻ گهرجي.“ رائيل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز، سائنس جي ٻن ميدانن ۾ هر سال نوبيل انعامن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي.
    الفريڊ نوبيل جون اهم ايجادون:
    الفريڊ نوبيل 1867ع ۾ پنهنجي اهم ترين ايجاد بارود يعني “Dynamite” کي پيٽنٽ ڪرايو. هن پنهنجي ان ايجاد جو مظاهرو پهريون ڀيرو ساڳئي سال سري (انگلينڊ) جي هڪ ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائيءَ دوران ڌماڪو ڪري ڏيکاريو، جنهن کان پوءِ کاڻين ۽ جبلن جي کوٽائي سولي ٿي پئي، پوءِ ته دنيا جي فوجُن پڻ هن اهم ايجاد يعني ڊائنامائيٽ يا بارود کي پنهنجي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. نوبيل پنهنجي هن ايجاد جو نالو ”نوبيل جو سيفٽي پائوڊر“ رکيو، پر بعد ۾ پاڻ ئي ان کي ”ڊائنامائيٽ“ سڏڻ لڳو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي. هي لفظ يوناني زبان مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب “Power” يعني ”طاقت“ آهي.
    نوبيل جي ٻي اهم ايجاد ”گيلگنائيٽ“ هئي، جيڪا هن نائيٽروگليسرين کي ڪجهه ٻين ڪيميائي مادن سان ملائي ٺاهي هئي، جيڪا کاڻين جي کوٽائيءَ ۽ اهڙن ٻين مقصدن لاءِ بارود کان وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿي. هن جي ٽين اهم ايجاد ”بيلسٽائيٽ“ هئي، جيڪو به هڪ بارود هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين راڪيٽ ۽ ميزائيل هلائڻ ۾ ڪم اچي ٿو، ۽ ان ڪري ئي اهڙن ميزائيلن کي بيليسٽڪ ميزائيل چيو وڃي ٿو. نوبيل 1896ع ۾ پنهنجي وفات تائين پنهنجون ڪل 355 مختلف ايجادون پيٽنٽ ڪرايون هيون.
    ابتدائي زندگي ۽ جدوجهد:
    هن جو جنم 21 آڪٽوبر 1833ع تي اسٽاڪ هوم (سوئيڊن) ۾ ٿيو ۽ سندس لاڏاڻو 10 ڊسمبر 1896ع تي اٽلي ۾ ٿيو. هيءُ ڪيمسٽ، انجنئير، مؤجد ۽ هٿيار ٺاهيندڙ هو ۽ سندس شهرت جو سبب ڊائينامائيٽ (Dynamite) يعني بارود جي ايجاد ۽ نوبيل انعام شروع ڪرڻ آهي.
    هن جو پيءُ ايمانويل نوبيل هڪ انجنئير ۽ صنعتڪار هو، جيڪو پُليون ۽ عمارتون ٺاهيندو هو. سوئيڊن ۾ ڌنڌي ۾ نقصان ٿيڻ ۽ ڏيوالي نڪرڻ سبب هو 1837ع ۾ پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏ فن لينڊ ۽ اُتان روس هليو ويو. روس ۾ هن روس جي بادشاهه زار کي اهڙيون بارودي سرنگهون ٺاهي ڏنيون، جن سان ٻاهريان حملي آور بحري جهاز روس جي بندر گاهن ۾ داخل ٿيڻ کان رڪجي ويا. ايمانويل نوبيل اسٽيم انجڻ جي بانين مان به هو ۽ هٿيار به ٺاهيندو هو. هن پنهنجي پٽ الفريڊ نوبيل کي سويڊش، روسي، فرينچ، انگريزي ۽ جرمن ٻوليون سيکاريون، جيڪي هن کي پنهنجي سائنسي تحقيق ۾ ۽ جوانيءَ جي زندگيءَ ۾ وڏيون ڪم آيون. الفريڊ نوبيل وڌيڪ باقاعده تعليم حاصل نه ڪري سگهيو هو.
    الفريڊ نوبيل کي فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ سان گڏ ادب ۽ شاعريءَ سان به دلچسپي هئي. اڳتي هلي هن شاعري به ڪئي ۽ ڊرامو به لکيو. سندس پيءُ کيس سائنسي تحقيق ۽ ٻي معلومات لاءِ ٻن سالن لاءِ ٻاهر موڪليو، جنهن عرصي دوران هو سوئيڊن، جرمني، فرانس ۽ آمريڪا ويو، پر پئرس ۾، مشهور ڪيمسٽ پروفيسر ٽي-جي پلوزي جي ذاتي ليباريٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن جي ملاقات اٽليءَ جي هڪ ڪيمسٽ اسيڪانيو سابريرو سان ٿي، جنهن هن جي قسمت ۽ آئنده جي زندگيءَ کي ئي بدلائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو ان ڪيمسٽ کيس ٻڌايو ته، ”هن ٽي سال اڳ نائيٽروگليسرين ايجاد ڪئي آهي، جيڪا هن گليسرين کي سلفيورڪ ايسڊ ۽ نائيٽرو ايسڊ کي ملائڻ سان ٺاهي آهي، ۽ جنهن ۾ بارود جهڙيون خاصيتون آهن، پر ان کي ٺاهڻ يا ڪنهن استعمال ۾ آڻڻ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو اها فورا باهه پڪڙي وٺي ٿي.“
    الفريڊ نوبيل هاڻي هن نئين ايجاد نائٽرو گليسرين جي پيٺان پئجي ويو ۽ 1863ع ۾ واپس پنهنجي وطن سوئيڊن پهچي، هن پنهنجي ان نئين ايجاد تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته، ڪيئن ان پاڻياٺ يا محلول کي ڌماڪن لاءِ، سلامتيءَ سان استعمال ڪيو وڃي. الفريڊ نوبيل ان مقصد لاءِ ڪجهه ٻيون شيون نائٽرو گليسرين سان ملائي، ان جا پئڪٽ ٺاهي ورتا، جن کي کاڻين جي کوٽائيءَ يا جبلن جي ٽڪڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. انهن پئڪيٽن سان هڪ ڌاڳو ڳنڍي، ان کي پري رکي، اُن کي باهه ڏني وئي ته، اُن باهه پئڪٽ تائين پهچي، ان کي ڌماڪي سان اُڏائي ٿي ڇڏيو، پر ان ڪاميابيءَ کان اڳ الفريڊ نوبيل کي وڏي قيمت اها به ادا ڪرڻي پئي ته، اسٽاڪ هوم (سوئيڊن) ۾ 1864ع ۾ سندس ذاتي تجربيگاهه ۾ هڪ ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو ٿڏي تي مري ويا، جن ۾ هڪڙو سندس پنهنجو ڀاءُ ايمانوئيل نوبيل به هو.
    ڪامياب صنعتڪار
    الفريڊ نوبيل سائنسدان ۽ مؤجد هئڻ سان گڏ هڪ وڏو ڪامياب صنعتڪار ۽ ڪارخانيدار به ثابت ٿيو. هن پنهنجي خاص ايجاد ڊائينامائيٽ يعني بارود ۽ ٻين ايجادن کي سڄي يورپ اندر پنهنجن ڪارخانن ۾ ٺاهي، ملڪ اندر ۽ ان کان ٻاهر وڪڻڻ شروع ڪيو. 1865ع ۾ هن جي هيمبرگ (جرمني) جي فيڪٽريءَ آمريڪا، يورپ ۽ آسٽريليا کي ڊائينامائيٽ ايڪسپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ ڪجهه سالن اندر ئي هن 20 ملڪن جي 90 ليبارٽريون قائم ڪري ڇڏيون، جن مان ڪيتريون اڄ به وڏي پيماني تي ڪم ڪري رهيون آهن.
    هيءُ مسلسل سفر ۽ تحقيق ۾ رڌل رهندو هو. فرانس جو مشهور اديب وڪٽر هيوگو هن کي يورپ جو ”امير ترين رولاڪ“ “Europe’s richest vagabond” چوندو هو. هن سوئيڊن ۾ بوفورس جي شهر وٽ هڪ فولاد ساز فيڪٽري خريد ڪري، اتي توبون ۽ ٻيا جنگي هٿيار ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا، جن جي تياري اڄ ڏينهن تائين، اُتي جاري آهي. اڄ به يورپ ۾ ڪيترا ارب پتي ڪارخانا هن جي پراڻن قائم ڪيل فيڪٽرين ۾ سندس نالي تي ئي قائم آهن. هن مصنوعي رٻڙ ۽ ٻيون شيون به ٺاهڻ شروع ڪيون هيون.
    نجي زندگي
    الفريڊ نوبيل پنهنجي سائنسي تحقيق، ايجادن ۽ ڪارخانن لڳائڻ ۾ ايڏو مصروف ٿي ويو، جو هن وٽ ڪنهن ذاتي دلچسپي، عشق، شاديءَ ۽ اولاد لاءِ وقت ئي ڪو نه هو، ان ڪري هن سموري عمر شادي ڪا نه ڪئي. هن نوجوانيءَ ۾، روس ۾، هڪ ڇوڪريءَ اليگزيندرا کي شادي لاءِ چيو هو، جنهن انڪار ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ هن 43 سالن جي عمر ۾ اخبار ۾ اشتهار ڏنو ته، ”هڪ امير ڪبير پڙهيل شخص کي گهر جي انتظام ۽ ذاتي ڪم ڪارن لاءِ هڪ عورت سيڪريٽري کپي.“ هن آسٽريا جي هڪ ڪائونٽنيس برٿا ڪنسڪي کي ان نوڪريءَ لاءِ موزون سمجهيو، جنهن سان اڳتي هلي کيس پيار به ٿي ويو، پر برٿا هن سان شادي ڪرڻ بجاءِ جلد واپس آسٽريا هلي ويئي ۽ اتي ڪائونٽ آرٿر وان اسٽنر سان شادي ڪري ڇڏي ۽ دنيا مان هٿيار گهٽائڻ لاءِ مهم هلائيندي رهي.
    برٿا ۽ الفريڊ ۾ الفريڊ جي مرڻ تائين خط و ڪتابت ٿيندي رهي ۽ الفريڊ جي مرڻ بعد امن جي ڪوششن لاءِ ڪم ڪرڻ تي پهريون امن انعام برٿا کي ڏنو ويو هو. الفريڊ نوبيل جي ٽين محبت ويانا شهر جي هڪ گل فروش ڇوڪري سوفي هئي، جنهن سان هن 18 سال خط وڪتابت ڪري پنهنجي دوستي قائم رکي هئي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو