پارس ميمن
سينيئر رڪن
ٺٽي ضلعي جا اجڙيل اجڙيل ، ٽٽل ڦٽل روڊ ۽ رستا، ويتر 2010 ۾ آيل تباھ ڪن ٻوڏ سڄي ضلعي جي انفرا اسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو. وري اسان جي سياستدانن ۾ ڪو حال نـ آھي سڀ پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن.ڪنهن سان سور سلجن ڪنهن کي دانهن ڏجي. منهنجو پنهنجو ڳوٺ ڪوٽ عالمون ضلعي ٺٽي جو هڪ قديم ڳوٺ آهي جيڪو ٻوڏ تباه ڪري ڇڏيو ان جي بحالي لاءِ سرڪار ڪجھ بـ نـ ڪيو صرف واعدا ڪيا ويا. سالن کان پوءِ ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ آئي هئس تـ ڳوٺ جي اهڙي حالت ڏسي روئي ڏنو هئم. بس مان ايترو چونديس تـ ”حيف تنين هوءِ وطن جنين وساريو“.