محمد رمضان ترڪ

'تعارف' فورم ۾ رمضان ترڪ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2009۔

  1. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    سنگت کي سلام
    منهنجي اصل پيدائش ته ڪوٽ غلام جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي آهي، مان هينيئر حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهيان، منهنجي تعليم بي اي آهي، هن وقت مان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهيان، انهي سان گڏوگڏ سنڌي جي گهڻو پڙهجندڙ اخبار ڪاوش گروپ جي اخبار ڪوشش ۾ ڪمپيوٽر سيڪشن انچارج طور به پنهنجو خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهيان.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا محمد رمضان ترڪ،
    والڪيم السلام و رحمت الله؛
    دل جي گهراين سان ڀليڪار،
    اوهان اسانجي پياري ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لئه جاکوڙيندڙ اداري ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، اسانجون دعائون آهن ته اوهين ۽ اهو ادارو اسانجي هن سهڻي ٻوليءَ لئه ڪارائتا ثابت ٿيو ... اسانجو هڪ ٻيو دوست شايد ابو واصف يا ادو ابو زين پڻ ان اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ... اوهان ايترا پيارا دوست جي ان اداري ۾ آهيو ته اميدن جا ڏيئا روشن آهن ...

    اوهان مٺڙن دوستن جو هن ساٿ سان ساٿ نڀائڻ اسان لئه خوشنصيبي ٿيندي ۽ اميد اها به آهي ته اوهان پنهنجي علم ۽ عرفان سان اسانجي ذهني پرورش ۾ مددگار پڻ ثابت ٿيندا ... اوهان دوستن کي هڪ عرض آهي ته جي اوهان پنهنجي اداري جي تاريخ ۽ ان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سندس جون سنڌي ٻوليءَ لئه ڪيل خدمتون ونڊ ڪري سگهو ته هوند اسانجي ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيندو ۽ اسانجي ذهن ۾ جي هروڀرو (شايد) اهي خيال آهن ته سنڌ جا ادارا ڍڳو پير پيران واري روش تي ڪم ڪري رهيا آهن ... ان جو ازالو به ٿي پوندو ...

    هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ... اميد ته ڪافي دوست اوهانکي گلن ۽ مٺائين سان ڀليڪار چوندا ...

    سنڌ جي خاڪ
    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رمضان تُرڪ ، جي ڪري آئين ڀلي ڪري آئين، توهان جي اچڻ سان اسان جي سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ اصل جرڪي پيو، رنگ لڳي ويا، اسين سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي توهان جي اچڻ سان تمام گهڻا سرها ٿيا آهيو، اسين توهان جو انتهائي پاٻوهه ۽ اُڪير سان ويلڪم ٿا ڪريون ۽ توهان کي ڀليڪار ٿا چئون، توهان جي وساطت سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تان سنڌي سٻاجهڙن جي ڏُکن سورن ، اهنج ايذائن کي ختم ڪرڻ لاءِ يقينن نت نيون نيون تجويزون، نت نوان مضمون، نت نڪور ويچار سموري دنيا جي سنڌين سان ضرور ونڊ ٿيندا۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي توهان جي قلم جي نوڪ مان نڪتل هر ونڊ جو انتهائي بي صبريءَ سان انتظار رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيار ن سان۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا رمضان ڀلي ڪري آيا۔۔۔ هن محبتي ميڙاڪي ۾ توهان کي انتهائي چاهت ۽ قرب ملندو ۔۔۔ هتي گهاريل توهان جون گهڙيون توهان کي ٻيهر قدم ڀرڻ تي پڻ مجبور ڪنديون۔۔۔ هتي هر دوست ڪنهن نه ڪنهن خوبي ۾ ماهر آهي ۔۔۔ توهان جنهن اداري ۾ فرض نڀايو پيا ۔۔۔ ان اداري مان اسان جو قابل دوست ادا ابو واصف اڳ ئي فورم تي فعال ڪردار نڀائين پيا ۔۔۔ اسان کي توهان مان پڻ اهڙيون ئي اميدون آهن۔۔۔
    سائين نثار ابڙو جي ڏنل ٽاسڪ کي ذهن ۾ ضرور رکندا ۔۔۔ ڇو ته مون وانگر ٻيا پڻ ان بابت ڄاڻ چاهيندا هوندا۔۔۔۔۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رمضان ڀلي ڪري آيا. هتي توهان جي ناياب لکڻين جو انتظار رهندو. پر توهان جي لکڻين سان گڏ مونکي ڦلپوٽي فقير جي گلن جو به انتظار اهي، لڳي ٿو سردين ۾ گل گهٽ هجڻ جي ڪري دير ڪئي اٿس، يا وري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو