”ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    ”ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“

    اسين سنڌي هميشه ٻين قومن جي شين مان متاثر ٿيڻ ۾ دير ناهيون ڪندا، انڪري اها چوڻي رائج ٿي.

    آءُ سلام ڪريانٿو، سنڌ جي بادشاه ڄام تماچيءَ کي جنهن نوريءَ مهاڻيءَ خاطر پنهنجي رتبي جو لحاظ نه ڪيو، جنهن سيڪڙن جي تعداد ۾ سميون سهڻيون عورتون ٺڪرايون، جنهن هڪ نوريءَ خاطر سوين طعنا تنڪا برداشت ڪيا پر نوريءَ سان نينهن نڀايو.

    آءُ سلام ڪريان ٿو مارئيءَ جي محبت کي جنهن پنهنجي وطن جي اڪير ۾ جيل ڏٺا، عياشيون ٺڪرايون ۽ آخر دم تائين پنهنجي محبوب کيت ۽ پياري وطن لاءِ تڙپندي رهي.

    آءُ سلام ڪريانٿو سسئيءَ کي جنهن پنهنجي محبوب، پياري مڙس لاءِ پنهنجو ڳوٺ، ڇڏيو، جهنگ، ريگستان ۽ جبلن جون سختيون برداشت ڪيون، خونخوار جانورن جو مقابلو ڪيو ۽ آخر ۾ پنهنجي محبوب جي راهه ۾ جان نثار ڪري امرتا پاتي.

    آءُ سلام ڪريان ٿو بادشاه راءِ ڏياچ کي جنهن پنهنجي محبوب زال سورٺ جي صحتمند ٿيڻ خاطر پنهنجو بادشاهي سر فقير جي صدا تي دان ڏئي ڇڏيو.

    آءُ سلام ڪريانٿو مومل کي جنهن پنهنجي مڙس راڻي خاطر پنهنجا سڀ طلسمي محل برباد ڪيا، پنهنجو سک چين برباد ڪيو ۽ رات و ڏينهان راڻي جي راهه نهاريندي آخر پنهنجي محبوب آڏو پنهنجي سچ ۽ ستر جي شاهديءَ ۾ باهه جي آڙاهه ۾ پاڻ ساڙايو.

    مونکي افسوس آهي جو ڪجهه نوجوان ۽ ڪجهه ته پاڻ کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ اڪابر سڏائيندڙ به دنيا جي عظيم ڀڙوي، عورتن جي دلالي ڪندڙ ”ويلنٽائين“ جيڪو رومن فوجن کي ڇوڪريون مهيا ڪندو هو ڀڙوت ڪري گذارو ڪندو هو ۽ آخر ۾ پنهنجي ئي محسن جيلر جيڪو پنهنجي ڌيءَ هٿان کيس مانيون موڪليندو هو، ان ڇوڪريءَ سان منهن ڪارو ڪري ڦاهيءَ چڙهيو هو .... انجو ڏينهن ملهائي خوش پيا ٿين ۽ هنبوڇيون پيا هڻن ..... انهن جي ان سوچ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

    محبت هڪ ڏينهن جي ناهي هوندي جو انکي ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ قيد ڪجي، محبت پل پل جي راند آهي ... جو پل محبت کانسواءِ سو پل به ضايع سمجهو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو