اڄوڪو ڏينهن 15 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

'فيبروري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    15 فيبروري 1887ع شاعر ڀاون علي شاهه ”ساقي“ جي پيدائش ٿي.
    15 فيبروري 1919ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالرحيم ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1919ع بزنيس مين منگهارام ونجاڻي (درٻيلو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1923ع ليکڪ عبدالله گنڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1925ع صحافي شيخ علي محمد جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1930ع شاعر ۽ گلوڪار آزاد صوفي (خيرپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1932ع اداڪار رام لهيجا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1933ع شاعر غلام قادر ”سوز“ سومرو پئدا ٿيو.
    15 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ڊاڪٽرمير نور محمد ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1935ع شاعر ۽ صحافي ڪرشن لال پرديپ (ڳڙهي ياسين / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1938ع محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1941ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان سيد ذاولفقار علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1948ع شاعر احمد حسين احمد جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1948ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ سنڌو ميراڻي جي پيدائش ٿي.
    15 فيبروري 1951ع صحافي فتح چند ڪالرا (جيڪب آباد) جي پيدائش ٿي.
    15 فيبروري 1952ع سگهڙ سگهڙ محمد صديق ساريو جي پيدائش ٿي.
    15 فيبروري 1955ع ليکڪ مشتاق پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1960ع شاعر پرڪاش سيوڪ آهوجا (الهاس نگر / پونا) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1964ع ليکڪ صدف حسيني (دادو) جي پيدائش ٿي.
    15 فيبروري 1965ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ اظهر هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1966ع ليکڪ ذوالفقار باڊاهي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ بهادر صحافي شهيد اميربخش بروهي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1973ع شاعر اياز لاکير جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1974ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش جو جنم ڏينهن آهي.
    15 فيبروري 1976ع سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ کل مُک ماڻهو غلام مرتضى وساڻ جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    15 فيبروري 1869ع اردو جي ناليواري شاعر مرزا اسد الله غالب جي وفات ٿي.
    15 فيبروري 1881ع آخوند اميد علي ٿانوي (هالا) جي وفات ٿي.
    15 فيبروري 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر هيرانند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
    15 فيبروري 1935ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر سيد حاجي حاڪم شاهه جي وفات ٿي.
    15 فيبروري 1967ع تعليمي ماهر رحيم بخش شيخ لاڏاڻو ڪري ويو.
    15 فيبروري 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالهادي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو.


    اڄوڪي ڏينهن 14 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 فيبروري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آزاد صوفي:

    مشھور سنڌي گائڪ، سندس اصل نالو پي. بي. درياناڻي آھي. 15 فيبروري 1930ع ۾ خيرپور، سنڌ ۾ ڄائو. مختلف سرن ۾ گيت ڪمپوز ڪري ڳايل اٿس. ھن ماسٽرس وائس پاران سندس ڪيترائي رڪارڊ ڀريل آھن. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي سنگيت جا پروگرام ڪيائين ۽ ھندستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان آزاد صوفيءَ جا ڳايل ڪلام اڪثر نشر ٿيندا رھندا آھن. 1968ع کان 1978ع تائين سندس ڪلامن جا ”ٺار ماتا ٺار“، ”ست نارائڻ جي ڪٿا“، ”صوفين جي سوغات“ ۽ ”شو راتري مھاتم“ ڪتاب شايع ٿيل آھن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو