عربستان ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب ۽ برسات نه هئڻ سبب، ڪڏهن ڪڏهن ڏُڪار پئجي ويندو هو. هڪ ڀيري مديني شريف ۾ ڏڪار پيو. ماڻهو کاڌي پيتي جي شين لاءِ پريشان ٿيڻ لڳا. ڪٿي به اناج ڪونه ٿي مليو. مديني جا رهواسي پنهنجي پروردگار کي پڪارڻ لڳا ته ”يا مولا ڏڪار جا ڏينهن ختم ڪر، سُڪار آڻ ته ماڻهو سُک جو ساهه کڻن!“ مولا مٿن مهربان ٿيو. هڪ ڏينهن ڪنهن ملڪ جو هڪ واپاري اناج سان ڀريل اُٺن جو وڳ ڪاهي آيو. جڏهن ان واپاريءَ جي اچڻ جي خبر مشهور ٿي ته مديني جي هڪ شاهوڪار ان واپاريءَ کان سمورو اناج خريد ڪري ڇڏيو. شهر جي رهاڪن کي جڏهن اها خبر پئي ته واپاري جو سمورو اناج هڪ ئي شخص خريد ڪري پاڻ وٽ رکيو آهي ته اُهي ان شاهوڪار شخص وٽ ويا، ۽ کيس مناسب نفعي سان اناج وڪڻڻ لاءِ چيائون. پر ان شاهوڪار کين چيو ته ”آئون اناج وڪڻڻ چاهيان ٿو، پر جيترو نفعو آئون چاهيان ٿو، اوترو اوهان نه ڏيئي سگهندا.“ مديني جي رهواسين بازار جي اگهه کان کيس وڌيڪ اگهه ڏيڻو ڪيو، پر هن نه مڃيو ۽ اهوئي چوندو رهيو ته هُو وڌيڪ نفعو چاهي ٿو. ماڻهو حيران هئا ته هي ڪهڙو واپاري آهي جو خلق خدا بُک مري رهي آهي، تڏهن به کيس رحم نٿو اچي مناسب نفعو کيس ڏنو ٿو وڃي، پر اڃا وڌيڪ نفعو گهري ٿو ۽ اهوئي چوندو رهي ٿو ته اوهين گهربل نفعو نه ڏيئي سگهندؤ!“ ماڻهن کي ان ڳالهه تي به حيراني هئي ته مديني شريف جو اهو شاهوڪار لالچي انسان نه هو، پر وڏو سخي ۽ رحمدل هو. هُو هميشہ غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندو رهندو هو. شهر جي ماڻهن کي معلوم هو ته هُو نيڪيءَ جي ڪمن ۾ تمام گهڻو خرچ ڪندو رهندو آهي، پر اڄ کيس الاجي ڇاٿي ويو آهي! مديني جا رهاڪو اها ڳالهه سمجهي نٿي سگهيا ته هن شخص جي ڇا نيت آهي کيس ٽيڻو ـــ چؤڻو نفعو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن به اناج نٿو وڪڻي. خبر ناهي ته هن شخص کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي؟ هيڏو سخي ۽ هيڏو غريبن جو همدرد، اڄ وڏي کان وڏي نفعي تي به اناج نه ٿو وڪڻي! ماڻهو انهيءَ حيرانيءَ پريشانيءَ ۾ هئا ته ان شاهوڪار شخص مديني ۾ اعلان ڪيو ته جنهن شخص کي جيترو اناج کپي، کڻي وڃي، کانئس ڪا قيمت نه ورتي ويندي. اهو اعلان ٻڌڻ شرط ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويا. الله تعاليٰ جي اُن پياري ٻانهي سمورو اناج اُتي جو اتي هڪ جاءِ تي مفت ورهائي ڇڏيو. جڏهن سمورو اناج ختم ٿي ويو ته هڪ دوست کانئس پڇيو ته ”اسان توکي گهڻي کان گهڻو نفعو ڏيڻو ڪيو، ته به اناج ڪونه ڏنئه، ۽ هاڻي سمورو اناج مفت ۾ وڪڻي ڇڏيئي، ڇا ڳالهه آهي؟“ اُن شاهوڪار وراڻيو ته ”مون هي اناج الله جي نالي، الله جي ٻانهن ۾ ورهائڻ ٿي گهريو، الله تعاليٰ جو واعدو آهي ته جيڪو سندس نالي ۾ ڪا خيرات ڪندو ته ان کي ڏهه دنيا ۽ ستر آخرت اجورو ڏنو ويندو. هينئر تون ئي ٻڌاءِ ته ايترو نفعو مون کي ڪير ڏئي ها؟“ بيشڪ دنيا جي ڪاروبار کان آخرت جو ڪاروبار ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. اهو آخرت جو ڪاروبار ڪرڻ وارو حضرت عثمان غني رضه هو، جنهن اڳ ۾ به مسلمانن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا هئا ۽ هر ڏکئي وقت ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي هئي. الحاج رحيم بخش ”قمر“ ڪاش اڄ جا حڪمران به اهڙي عملن کان سبق حاصل ڪن، عوام کي ڏين يا نه پر جهڙي مهانگائي ۾ عوام پسجي رهيو آهي ان کي گهٽائين۔۔
ادامحمد عرس پرايا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان صحابه ڪرام جي فضائل وارومضمون پيش ڪيو ، ادا صحابه ڪرام جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جن لاء اسان جي پياري پيغمبر سردار دوجهان رحمت للعالمين، مدني مير حضرت محمد مصطفه صلي الله وسلم جن فرمايو آهي ته...... لَوْ اَنَّ اَحَدَکُمْ اَنْفَقَ مِثْلَ اُحُدٍ ذَهَبًا مَا بَلَغَ مُدَّ اَحَدِهِمْ وَلاَ نَصِيۡفَهُ (البخاري: ) توهان مان ڪو شخص احد جبل جيترو سون خرچ ڪري پوءِ صحابه ڪرام جي هڪ مٺ يا اڌ مٺ خرچ ڪرڻ واري ثواب کي نه ٿو پهچي. ادامان ته صرف شاهه سائين جي هي شعر سندس شان ۾ چيل پيش ڪندس .. هنج مڙوئي هنج ميرو منجه ناه ڪو، جت رهن سهنج سو سر ڪن سرهو. ادا تمام صحابه ڪرام رضه جن جو شان پنهنجو آهي، ڪنهن صحابي جي سخاوت مشهورآهي ته ڪنهن جي وري جرئت ۽ بهادري، ادا اهڙي ريت حضرت عثمان رضه جن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جن دين اسلام لاء پنهنجو جان ۽ مال قربان ڪري ڇڏيو، جنهن جو هڪ مثال توهان هن ونڊ ڪيل مضمون ۾ پيش ڪيو آهي. ادا توهان هي مضمون جيڪو پيش ڪيوآهي اهو سنڌ جي هڪ فقير صفت عالم، اديب ۽ شاعر، خطيب علامه الحاج رهيم بخش قمر لاکو صاحب جن جو لکيل آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ هي مضمون منهنجو ڪنهن زماني جي رسالي گل ڦل ۾ پڻ پڙهيل آهي۔ ۽ شايد گل ڦل جا اهي شمارا به مون وٽ موجود هوندا۔ گل ڦل به هڪ بهترين رسالو هوندو هو ۽ ان وقت ۾ اسان جي دادو جي جوهي شهر جو سنڌي ادب جو هڪ خدمت ڪندڙ اديب اڪبر جسڪاڻي صاحب ڪڍندو هو۔ جنهن پنهنجي ناني تي پڻ هڪ ڪهاڻي لکي هئي بتين واري ناني۔ جيڪا پڻ بهترين ڪهاڻي هئي، ۽ اها ڪهاڻي حقيقي ڪهاڻي هئي، ۽ ان ڪهاڻي ۾ سندس ناني جو اهو ڪردار ڏنل هو جنهن ۾ سندس ناني جوهي ۾ گهٽين ۾لڳل بتين ۾ روزانه شام جو تيل وجهندي هئي تاڪه اهي ٻرن ۽ عام ماڻهن کي فائدو پهچي۔۔ ڇا ته ماڻهون هئا،اهي ماڻهون الائي ڪاڏي ويا، جيڪي ماڻهن کي ڪم ايندا هئا سڏي سڏي۔الحاج رحيم بخش ”قمر“صاحب پاڻ به هڪ فقير صفت عالم ۽ اديب آهن ، مان جڏهن دادو ۾ محترم دوست خالد احمد صديقي وٽ سندس جي ڪتب خاني نوراسلام ڪتب خانه وٽ ويهندو هئس ته مون کي اتي خبر پئي ته الحاج رحيم بخش قمر لاکو صاحب پڻ مورو مان ڪهي اچي هن ڪتب خاني تي محترم دوست خالد صديقي صاحب ۽ سندس والد لعل محمد صديقي صاحب وٽ ايندا هئا، جت سنڌ جا مشهور عالم اديب استاد بخاري، حاڪم شاهه بخاري، تاج محمد صحرائي، مولانه منظور احمد سومرو محمد عثمان ميمڻ،صاحب وغيره پڻ ويهندا هئا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا۔ ۽ هي ڪتب خانو 1949ع جو قائم ٿيل ڪتب خانو آهي، ، الحاج رحيم بخش لاکوولد محمد عيسيٰ لاکو، ڳوٺ ”عمر راهو“ ۾، 1352 هه مطابق 1933ع ۾ ڄائو،جيڪو ڳوٺ تعلقي موري ۾ آهي۔۔۔(موروشهرسنڌجي ان هنڌ تي واقع آهي جتي سکر،دادو۽حيدرآباديانوابشاهه ويندڙ رستن جو ميلاپ ٿئي ٿو.جاگرافيائي لحاظ سان مورو لڳ ڀڳ سنڌ جي بلڪل وچ ۾ آهي. مورو کي ضلعينوشهرو فيروز۾ هڪ تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. دادو مورو پل، جنهن کي پوءِمخدوم بلاول پل سڏيو ويو، ان کان ٻارهن ڪلوميٽر پري آهي. مورو کان دادوجو مفاصلو چويهه ڪلوميٽر آهي، جڏھن تھ سنڌو درياءُمورو کان 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وھي ٿو.تعلقي موري جو هڪ ڳوٺ گچيرو تاريخي حيثيت رکي ٿو، گچيري ۾ پراڻي قلعي جا نشان ملن ٿا جنهن جي چوڌاري بچاءُ لاءِ کاهيون کوٽيل هونديون هيون. مورو قديم زماني ۾ صابڻ، زيورن،ٽامي ۽ ڪُٽ جي سامان کان مشهور هو.مورو شهر علمي، سياسي ۽ ادبي اعتبار سانتمام گهڻو مشهور آهي. مورو ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سنڌ ۾ چڱو موچاروناماچار پيدا ڪيو آهي. موري جو قاضي خدا بخش سومروڪراچيجو پهريون مسلمان ”ميئر“ هو. ناصر مورائي،راشد مورائي،عظيم سنڌي،ميڪش سومرو،رمضان نول،رکيل مورائي وغيره سنڌي ادب جا ناميارا نالا آهن ته موسيقيءَ ۾ وري الهداد زرداري،گلشير تيوڻو،جلال چانڊيو،صائمه منظور،بالا بلوچ وغيره آهن. بشڪريه وڪيپيڊيه)۔۔۔۔۔۔۔۔لاکي صاحب تعليم جي شروعات شڪارپور جي مدرسه ”انوار العلوم“ مان مولاناالحاج عبدالله صاحب کان ورتي،، جت رهي ڪري هن پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان ، ٻنسالن جي مختصر عرصي ۾ عربي صرف و نحو پوري ڪيائين. جنهن ۾ کيس پڻ عبور حاصل آهي۔الحاجرحيم بخش قمر لاکو صاحب هڪ عالم اديب سان گڏ بهترين شاعر پڻ آهن، ۽ سندس شاعري سنڌي ادبي محفلن “ ۾ اڄ به پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي، شاعري ۾ سندس تخلص قمراستعمال ٿيل سندس شاعري هنن صنفن تي ٿيل آهي.. بيت، وايون، ڪافيون، غزل، گيت،نظم، قصيدا، مولود، رباعيون، دوها، قطعا،. غزلن واري شاعري تي سندس مڪمل ديوان”ديوان قمر“جي نالي سان، 1967ع ۾ پڌرو ٿيو آهي؛ جن مان ”دربار - مدينه“، ”جمال المصطفيٰ“، ”فضائل القرآن“، ”دربار - ڪربلا“، ”آخرت جي پوک“، ”جواهرالقمر“؛ ”چنڊ تنهنجي ذات“؛ ”خطبات روح الاسلام“؛ ”ڳاڙيندي ڳوڙها“؛ ”تندون جي طلب جون“ ۽ ”کڻي نيڻ خمار مان“– سنڌي ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.