عرس پريو
سينيئر رڪن
مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَنڌڙا اَچَنِ
کُڙيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پگَهرُ سِرِ پيرَن
اي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَکِيا.
مٿيون بيت شاهه سائين جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سر مارئي جي داستان ستين جو، ستون نمبر بيت آهي.سمجهاڻي: سندن سر تي وڏا توڙي ننڍا کارا آهن، ۽ هو پگهر چڪائيندا ٿا اچن. سندن کڙيون ڌوڙ سان ڀريل آهن. ۽ سندن پيرن مٿان پگهر پيو وهي. اِهي اُهڃاڻ جهانگين جا آهن. مون کين سندن لوڏ مان ئي سهي ڪيو.
معنيٰ: ٽٻڪ: کارا ـــ ٽُٻَڪَڙا = ننڍا کارا ـــ چڪندڙا = پگهر چڪائيندا. وڙ = وَڙَ = نشان، پتا ـــ لوڏان ئي = لوڏ مان ـــ لَکِيا = سهي ڪيا.
ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“