واهه ادا پريا صاحب واهه. ادا شاهه صاحب جي فڪر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي سندس هڪ هڪ سٽ اندر جهاتي پائڻ جو ٿي سبق ڏئي، سندس جو فڪر اهو فڪر آهي جنهن ۾ سندس وڏي خوبي اهيا آهي،ته سندس هر سٽ ۾ نصيحت اهڙيءَ دلپذير طرز ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾سمجهايل آهي جوپڙهندڙ جي دل ۾ ازخود گهر ڪريو ڇڏي، نمبر ٻه ته سندس ڪلام اهو ڪلام آهي جيڪو نه صرف اسان کي دنيا جي منزل حاصل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو مگر هن ڪلام ۾ ته اهي روحاني موتي پڻ موجود آهن جن سان هڪ عبد آلا بڻيو وڃي، مگر افسوس جو شاهه جو فڪر اسان جي ٻولي جي ننڍي پليٽ فارم هجڻ ڪري اڃان به ايترو عام ٿئي ناهي سگهو جيترو ٿيڻ گهرجي هان. ادا وري به توهان جي مهرباني جو توهان شاهه صاحب جو هي بيت تشريح ۽ لفظي معنه سان ونڊ ڪيو.