سسئي پنهون

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2013۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سسئي پنهون

    [​IMG]



    ڪنهن زماني ۾ ڀنڀور سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هڪ وڏو ۽ بهترين شهر هو. ان ۾ محمد نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن کي سسئي نالي هڪ ڌيءُ هئي جيڪا ڏاڍي سهڻي هئي. چون ٿا ته سسئي اصل نائون نالي ٻانڀڻ جي ڌيءَ هئي. پر ان کي ڇٽيءَ ڪڍائڻ مان پتو پيو ته ان ڇوڪريءَ جو انگ ڪنهن مسلمان سان لکيل آهي. ان ٽڪي کان بچڻ لاءِ هن ڇوڪريءَ کي صندوق ۾ بند ڪري دريا ۾ لوڙهي ڇڏيو، اها صندوق لڙهندي محمد ڌوٻيءَ کي اچي هٿ لڳي.
    سسئي اڄ ننڍي سڀاڻ وڏي. سندس سونهن جي هاڪ ملڪان ملڪ پکڙجي ويئي. ڪيچ مڪران جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽ شهزاديءَ پنهونءَ سسئيءَ جي سونهن جي سچائي پرکڻ لاءِ پنهنجو ماڻهو ڀنڀور ڏياري موڪليو. ان کيس جيڪا سسئيءَ جي سونهن جي واکاڻ ٻڌائي تنهن کيس موهي وڌو. پنهون واپاري بڻجي سرهاڻ جون خرزينون ڀرائي قافلو وٺي اچي ڀنڀور ۾ سهڙيو. سسئي به جيڏين ۽ سهيلين سان گڏ عطر سودڻ جي ارادي سان پنهونءَ جي منزل تي ويئي جتي ٻنهي کي هڪ ٻئي جي پريت جو پئجي ويو.
    محمد ڌوٻيءَ کان ڪيترن ٻين سسئيءَ جو سنڱ گهريو پر هن ناڪار ڪري ڇڏي. پنهونءَ به محمد ڏانهن سسئيءَ جي سڱ لاءِ ماڻهو موڪليو پر پنهونءَ جي ذات کٽي نه هجڻ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ سسئي جي هڪ سکيءَ ڌوٻيءَ کي يقين ڏياريو ته پنهون به ذات جو کٽي آهي. هن کيس آزمائڻ لاءِ هڪ کيپ ڌوئي اچڻ لاءِ چيو. پنهونءَ جا نازڪ هٿڙا ڪپڙا سٽيندي لڦون ٿي پيا. نيٺ ڪپڙا چيري ڦاڙي آيو پر ان لاءِ پنهون ڇا ڪيو جو ڦاٽل ڪپڙن جي تهن ۾ سونيون مهرون وجهي گراهڪن کي موڪليون. جڏهن ڪپڙا مالڪن کي پهتا ته ڪنهن به دانهن ڪانه ڪئي. اُٽلو جنهن کان ٿي ڌوٻيءَ پڇيو تنهن ٿي ڪپڙن جي ساراهه ڪئي. نيٺ ڌوٻيءَ پنهونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي کيس سسئي پرڻائي ڏني.
    هوڏانهن پنهونءَ جي وڇوڙي ۾ پڻس بيحال ٿيڻ لڳو. هُن گهڻائي ماڻهو موڪليا پر پنهون پوئتي ورڻ کان پِڙ ڪڍي بيٺو. اهو حال ڏسي پنهونءَ جا ٽي ڀائر گڏجي ڀنڀور آيا. سسئيءَ ڏيرن جي چڱي خاطرداري ڪئي.
    پنهون هنن سان محفلون ۽ مجلسون ڪرڻ لڳو. هڪ رات پنهونءَ کي گهڻو شراب پياري بي خبريءَ جي حالت ۾ ڀائرن اٺن تي کڻي هليا ويا ۽ سسئي انتظار ڪندي رهجي ويئي. پوئين رات جڏهن پتو پيس ته نه آهي پنهون نڪي ڏير. ته سمجهيائين ته هيءَ جُٺ مون سان ڏيرن ڪئي. پوءِ سهي سنڀري پنهونءَ جا پيرا کڻي پنهون کي ڳولڻ لاءِ ڀنڀور ڇڏيائين. مٽن مائٽن، سهيلين، جيڏين کيس گهڻو ئي سمجهايو پر هوءَ نه مُڙي. اٺن جا پيرا کڻندي اچي پَٻ جبل ۾ پئي. پٻ جبل جو لڪ لنگهي هاڙهي جبل وٽ ڦوڙنديءَ وٽ پهتي پر پاڻيءَ جي اُٿل سبب اڳتي نه وڌي سگهي پوءِ وري ڦيرو کائي ماباڙنيءَ جي ويجهو رسي. اُتي ايل نالي ڌراڙ مليس، جنهن ڏانهس ميريءَ اک سان نهاريو. اتي سسئيءَ خدا کي ٻاڏايو ۽ خدا جي قدرت سان ڌرتي ڌُٻي ڦاٽي پئي جنهن ۾ هوءَ اندر گهڙي ويئي ۽ زمين زمين جهڙي ٿي ويئي پر سسئيءَ جي چُني جو پلاند ٻاهر رهجي ويو. ايل ڌراڙ اهو الاهي اسرار پسي توبه تائب ٿيو ۽ پهڻ ميڙي قبر ٺاهي مجاور بنجي ويهي رهيو.
    هوڏانهن پنهون جڏهن ڪيچ مڪران پهتو ۽ پاڻ سان مائٽن جون زيادتيون ڏٺائين ته بيمار ٿي کٽ تي پئجي رهيو. پڻس گهڻائي علاج ڪرايا، پر پنهونءَ کي سسئيءَ کان سواءِ ٻي وائي وات نه هئي، نيٺ پڻس کيس ڀنڀور وڃڻ جي موڪل ڏني. هو جڏهن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگهائو ٿيو، نئين قبر ڏسي اُن ڌراڙ کان احوال ورتائين جنهن کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. اها ڳالهه ٻڌي پنهونءَ به ڌڻيءَ کي ستايو؛ خدا جي قدرت سان اها قبر ڦاٽي پئي ۽ پنهون ان ۾ گهڙي ويو ۽ پنهنجي پرينءَ سان ملي وڃي هڪ ٿيو.

    ويٺي وَر نه پونِ، سُتي ملن نه سپرين،
    جي مٿي رَنَدنِ رون، ساجن ملي تن کي.
    (شاهه)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    هلندي هوت پنهون ڏي پيرين پنڌ ڪنديانس۔
    پيرن پنڌ ڪرڻ ڇڏيو ته گوڏن ڀر گسندياس.
    گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته ٺوٺن ڀر ٺڙڪندياس.
    ٺوٺن ٺڙڪڻ ڇڏيوته سسي ڀر سرندياس.
    ملي ته ملندياس نت، گهوڙي جان جتن تان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ويٺي وَر نه پونِ، سُتي ملن نه سپرين،
    جي مٿي رَنَدنِ رون، ساجن ملي تن کي.
    (شاه)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو