خوبصورت آواز جي مالڪ ناليواري راڳي صادق فقير کان انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت آواز جي مالڪ، ناليواري راڳي صادق فقير کان انٽرويو
    گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
    سوال: سڀ کان پهرين، اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
    جواب: ادا! منهنجو نالو، صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار، جنم جي تاريخ ۲۰مارچ ۱۹۶۴ع آهي ۽ جنم جو هنڌ مٺي ٿرپارڪر آهي. تعليم ايم اي سنڌي آهي. ۱۹۹۲ع ۾ شادي ٿي ۽ اولاد ۾ هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن.
    سوال: اوهان گائڪي واري فن جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
    جواب: ادا آئون جڏهن فرسٽ ييئر ۾ پڙهندو هيس ته ان وقت ڪاليج ۾ هڪ پرنسپال صاحب جي الوداعي تقريب ۾ مون کي ڳائڻ جو موقعو مليو. استادن فرمائش ڪئي ته؛ استاد محمد جمن جو ڪلام ٻڌاءِ؛ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو. الله جي مهربانيءَ سان، استادن منهنجي پرفارمنس کي پسند ڪيو. ان کان پوءِ عيدن، ديوالين ۽ هولين ۾ ڳائيندو هيس.
    سوال: هن فن ۾، اوهان جو استاد ڪهڙو آهي؟
    جواب: جيئن ته منهنجو والد صاحب تپيدار هو ۽ باقي ڳائڻ وڄائڻ جي حوالي سان منهنجو مامو ”حسين بخش فقير“ ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. مون فنِ موسيقي جي تربيت به ان کان ئي ورتي ۽ هارمونيم تي ڳائيندو آهيان. باقي هن فن لاءِ پوري حياتي گهرجي، تڏهن ڪجهه سکي سگهبو.
    سوال: ڪهڙي ڪلام ڳائڻ تي، اوهان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو؟
    جواب: ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾، مون سنڌ جي نامياري شاعر اياز گل جو ڪلام ڳايو. ”توکان ٿيندي ڌار“ان ڪلام ڳائڻ کان پوءِ مون کي وڌيڪ شهرت ملي.
    سوال: اوهان جا ٻيا ڪهڙا ڪلام مشهور ٿيا؟
    جواب: تو کان ٿيندي ڌار، سخي پيا کي ملين ته چئجان، اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا، هيءَ سين نه ڏيندي چين، تنهنجي وئي کان پوءِ، تنهنجي گهر جي ڀرسان آهيان، سنڌ جاڳي پئي، سنڌ منهنجي امان، اي ڪاش ايئن تون.وغيره وغيره.
    سوال: ڪيترين ٻولين ۾، اوهان ڳائي سگهو ٿا؟
    جواب: آئون سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳائي سگهان ٿو ۽ ڳايو اٿم. هونءَ به هر فنڪار جي اها ڪوشش هئڻ گهرجي ته ان کي جيتريون ٻوليون اچن، انهن کي ڳائڻ گهرجي.
    سوال: اوهان ڪٿي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهيو؟
    جواب: آئون انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجي ملڪ جي چئني صوبن ۾ پڻ ڳايو اٿم. هڪ ڳالهه جو تجربو ضرور ٿيو آهي ته موسيقيءَ جو قدر سنڌ جهڙو ڪٿي به نه آهي.
    سوال: موجودھ وقت ۾ سنڌ جي موسيقيءَ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. هتان جو فوڪ تمام گهڻو مضبوط آهي. ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورت آهي. موجوده سنگرس کي گهرجي ته اهي ٻين اسٽائيلن کي نه اپنائين. اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي، شاهوڪار موسيقي آهي. ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري، پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي.
    سوال: ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪڏهن کان پرفارمنس شروع ڪئي؟
    جواب: ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ ۱۹۸۸ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو.
    سوال: اوهان جي زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو؟
    جواب: اسلام آباد جي هڪ پروگرام دوران اوجڙي ڪيمپ جو واقعو پيش آيو. جتي ميزائيل ۽ بم ڦاٽا. مون پنهنجي اکين سان سَوَنِ ۽ هزارن جي تعداد ۾، ماڻهن کي لاشن ۽ زخمي حالت ۾ ڏٺو ۽ اسان ۸ڪلوميٽرن تائين، پيادل ڀڄي جان بچائي.
     
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سٺو ڪم آهي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    ابراهيم لاشاري ( وارهه)

    سنڌ جي البيلي راڳي صادق فقير جي26 فيبروري تي ٻئين ورسي جي حوالي سان

    سريلي آواز جي مالڪ صوفي راڳي صادق فقير جو جنم جمعي جي ڀلاري ڏينهن 20 مارچ 1964 ع ڌاري سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل فقير فيض محمد منـڱڻهار مٺي (ٿرپارڪر )سونارا پاڙي واري گهر ٿر جي ڀٽن ۾ هڪ مڌر آواز جي گونج ۾ ٿيو .سندس والد صاحب کي اهيا خبر نه هئي ته منهنجي اکين جو ٺار اڳتي هلي مٺڙي آواز جو مالڪ بڻجندو ، ۽ وڏي شهرت جو مالڪ ٿيندو ۽ واقع ٿيو به ائين ننڍي هوندي سندس والدين صادق فقير جي زبردست پروش ڪري ڏيپلو مان پنج درجا پاس ڪرائي ۽1981 ع مئٽرڪ جو امتحان مير واهه گورچاڻي مان پاس ڪيو ڇو جو سندس والد صاحب تپيدار هو ۽ صادق فقير جا ناناڻن جو گهر مير واهه گورچاڻي شهر ۾ هوندو هو سال 1983 ع ۾ سندس والد صاحب هن فاني جهان منجهان لاڏاڻو ڪري ويو تي سڄي خاندان جو بار سندس ڪلهن تي اچي پيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ به مشڪل ٿي پئي پوءِ آهستي آهستي محنت ڪري وڌيڪ تعليم لاءَ مٺي شهر جي ڊگري ڪاليج مان پرائيويٽ طور انٽر 1986ع جو امتحان پاس ڪري گريجوئيشن 1990ع ۽ بعد ۾ ساڳي ئي ڪاليج مان سنڌي ادب ۾ ( ايم _اي ) 1993 ع ڪيائين صادق فقير پهرين 1989 ع استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ هو ڊگري ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هو. صادق فقير شاگردي واري زماني کان وٺي سر ۽ سنگيت سان سلهاڙجي ويو هو اڪثر اسڪولن جي ٽيبلن ۾پيو ڳائيندو هوسر ۽ سنگيت سان گهري دلچسپي هوندي هئيس سندس ڳائڻ جي سکيا پنهنجي مامي استاد حسين بخش فقير کان ورتي فقير حسين بخش سر سنگيت جا سڀ دڳ سر ۽ گر سيکاري شاگرد جي ڳانو ٻڌو صادق فقير جڏهن به ڳائيندو هو ته ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا هئا .صادق فقير جي پهرين سڃاڻپ طور صادق حيدري پوءِ صادق سنڌي ۽ آخر ۾ صادق فقير جي نالي سان مشهوري ماڻي صادق فقير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1986 _87 ع ڌاري ان وقت جي مشهور براڊڪاسٽر ۽ اسٽيش ڊائريڪٽر محترم عنايت بلوچ صاحب کي آڊيشن ڏي پهريون ڀيرو دنيا جي عظيم ۽ وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي ( مٿي پنڌ ڪرايو پيرن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان پنهنجي ڏيرن کي ) رڪاڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هڪ ٻئي روايت آهي ته 1986 ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٿر جي راڳين کي سليڪٽ ڪرڻ لاءَ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو هو ان پروگرام ۾ سڀني ٿري فنڪارن کان صادق فقير گوءِ کڻي ويو ۽ پهريون نمبر تي آيو تنهن بعد سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر ريڊيو جي دنيا ۾ آواز جو جادوگر سڀني وصفين سهڻو ڪوئل جهڙي آواز جي مالڪ ڀلُوڙ اديب ۽ پروڊيوسر محترم نصير مرزا صاحب صادق فقير جو آواز ۾ پهريون لوڪ گيت ( پايل موري باجي رمجهم رمجهم) ۽ ٻيو لوڪ گيت ( رومال مارو رنگيو ) رڪارڊ ڪرائي ريڊيو پاڪستان ۾ پنهنجي آواز سان درد ڀري آواز سان آڊيشن پاس ڪري پنهنجي آواز جو جادو جڳايو . تنهن بعد سال 1988ع تي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي (سينٽر) تي محترم شمشير الحيدري صاحب پڻ معتارف ڪرايو هن ان وقت ڪچهري پروگرام ۾ پنهنجو آواز رڪارڊ ڪرايو هو 26 جنوري 1992ع ۾ منڱڻهار برادري جي معزز شخصيت حاجي سبحان فقير جي ڌي سان اسلام ڪوٽ شهر ۾ شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو . تنهن بعد سال 1992 ع ڌاري سنڌ جي نالي واري اديب ۽ شاعر محترم اياز گل دل جو ڪلام ( تون کان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري )

    ايتري ته شهرت ۽ مشهوري ماڻي جو جهر جهنگ وستي واهڻ ننڍي خواه وڏي اميرتوڙي غريب شايد ڪو اهڙو ماڻهون هجي جيڪو اهيو ڪلام نه جهونگاريندو هجي ان زماني سندس قسمت جي ديوي چوٽ تي هئي . ۽ شهريت جي آسمان تي پنهنجو ۽ ڪلام جي شاعر جو نالو نروار ڪرايو پر سوز آواز جي مالڪ صادق فقير اسٽيج ۽ نجي محفلن کي خوب داد حاصل ڪيو موسيقي جي دنيا سان جيڪي ماڻهون چاهه رکن ٿا اهي سندس نالي کان زبردست خوب چگي طرح واقف آهن


    صوفي صادق فقير سر سنگيت سان اهڙو ته لڳاءَ هيس جو ڌنون به پاڻ ٺاهيندو هو .هن راڳ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي کي آواز جي سوريلي روپ ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڳائي پنهنجو۽ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان ۽ سنڌ جو نالو مشهور ڪيو صادق فقير پنهنجي گائيڪي واري روپ کي نون شاعرن جي شاعري ڳائڻ کي ترجيح ڏني نون شاعرن منجهان محترم شيخ ايازـ محترم اياز گل ـ وفاناٿن شاهي محترم اسحاق سميجو صاحب ، امين لاکو ، حليم باغي ، استاد بخاري ، آڪاش انصاري ، وفا ناٿن شاهي ، تنوير عباسي جهڙن شاعرن جي ڪلام کي زبردست نموني ڳائي پرستارن کان داد حاصل ڪيو ٻين شاعرن سان گڏ صادق فقير ڌرتي جي وڏي مان وڏي صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي پڻ خوب ڳايو .صادق فقير محتر شيخ اياز جي شاعري کي پنهنجي مڌر آواز سان ڳائي ايترو ته مشهور ٿيو جو محترم شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ذڪر ڪندي چيو ته “منهنجي شاعري کي جنهن فنڪار جي ڳولا هئي . اهو فنڪار صادق فقير آهي ؛. صادق فقير سنڌي زبان کان علاوه اردو، سرائڪي ، هندي ، پنجابي، ٿري ، مارواڙي ، راجستاني زبانن ۾ پڻ خوب ڳايو. هن سريلي فنڪار جي پرستارن ۾ نوجوان طبقي جي جهجي اڪٽريت هئي جڌهن به صادق فقير ڳائيندو هو ته نوجوان سندس مٺڙو آواز ٻڌي جهومي پوندا هئا هن پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان کانسواءِ پريهه جي ڪيترن ئي ملڪن انگلينڊ ، اسڪاٽلينڊ ، انڊيا، سعودي عرب، دبئي، ڪئناڊا ، سينگاپور، هانگ ڪانگ ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو هميشه لاجواب انداز سان ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو. صادق فقير پنهنجي مٺڙي امڙ سان گڏ سال 2006 ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ سعودي عرب پڻ ويو هو سنڌ ٿر جو هي عظيم فنڪار پنهنجي ڪٽنب سان 24 فيبروري 2015ع جنهن ۾ سندس وني شميم ٽئي پٽ رضاعلي راحت علي نزاڪت علي ۽ نياڻي عظمي سميت (24) ماڻهن جي جٿي سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار ( سعودي عرب ) ويل هو عمري جي سعادت پوري ڪري هو عرفات جي ميدان جي زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته سندس گاڏي جي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب گاڏي هڪ وڏي حادثي جو شڪار ٿي چڪناچور ٿي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو دادلو مهان اربيلو فنڪار موقعي تي ئي سر سنگيت جا سڀ ساز ڇڏي 26 فيبروري 2015 ع خميس ڏينهن هجري 7جمادي اولاول 1436 هه 50سال 11 مهينا 6 ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه لاءِ سنڌ واسين کان ڌار ٿي ويوسنڌ جي البيلي فنڪار جو مڙه هڪ هفتي گذرڻ بعد ڀلي پار سعودي عرب مان سندس پٽ نزاڪت علي جي ڪوششن کان پوءِ قومي ايئر لائين ( پي آءِ اي) جي اڏام جهاز732 وسيلي جناح انٽر نيشنل ٽرمينل ( ڪراچي ) پهتو بعد ۾ سندس مڙهه کي پنهنجي اباڻي علائقي مٺي 5مارچ2015ع خميس جي ڏينهن ايمبولينس وسيلي پهچايو ويو ۽ ان ئي ڏينهن مٺي جي اباڻي قبرستان ۾ کيس مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو فن سر سنگيت جي دنيا ۾ هن ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ حاصل ڪيا سنڌ جو هي البيلو راڳي هن دنيا ۾ هاڻ نه رهيو آ مگر هاڻ سندس آواز ڪيسٽن، سي ڊين ۽ يوٽيوب وغيره تي ڏسي ٻڌي سهگجي ٿو سندس جن ڪلامن مشهوري ماڻي انهن ۾ تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لڙي لار ڪري، سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي ، دک جي نه پو ڄاڻي آ هر شخص ڪهاڻي آ ، اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا، سنڌ منهنجي امان وغيره سندس زندگي جا انمول ڪلام رهيا ٻه سال گذري وڃڻ باوجود سندس پرستار انهي چاهه سان هميشه ياد ڪندا رهن ٿا . سنڌ جي هن عظيم فنڪار صادق فقير جي زندگي ۽ سرسنگيت بابت نالي واري شاعر ۽ اديب محترم پروفيسر اسحاق سميجي صاحب هڪ ڪتاب (تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪر) پڻ مرتب ڪري ڇپرايو آهي اڄ هن اربيلي راڳي جي مٺي شهر ۾ ٻئين ورسي ملهائي ويندي سر سنگيت جا ڄاڻو سندسزندگي ۽ موسيقي بابت ڀيٽا پيش ڪندا ​
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو