يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو ۾ سنڌي ٻولي لکو ۔

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سهڻا سنڌ واسيو !
دوستو توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته وڊيو گانن تي سنڌي لکت هوندي آهي ۽ سلائيڊ هلندي آهي ، توهان به هاڻ يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو ۾ سنڌي سلائيڊ هلائيً سگهو ٿا ۔ً
سڀ کان پهرين اسٽارٽ مينيو مان پروگرام تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان ۾ موجود ونڊوز مووي ميڪر کي کوليو ۔
هاڻي توهان ان م پنهنجي پسند جي سلائيڊ لکو ۽ ان جي بيڪ گر ائونڊ رنگ سائو يا ڪارو رکو ،
هاڻي ان کي وڊيو ذريعي سيو ڪريو۔
يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو ۾ وڃي ان وڊيو کي اوورلي ٽائيم لائين تي انسرٽ ڪريو ،
هاڻ ان کي سيٽنگ مان ڪروِما ڪِي تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان کي 13 تي بيهاريو ،
هاڻ وڊيو کي ريورس واري بٽڻ کي پريس ڪريو ، توهان پلي ڪري ڏسو ۔
ان کي وڌيڪ اوهان پنهنجي مرضي مطابق سيٽ ڪريو ۔
ادا ! هن جي آئون وڊيو ٽٽوريل لنڪ انشا الله سڀاڻي موڪليندس ۔۔۔
ربطو : عاجز بندو عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ٽنڊوآدم ، موبائل نمبر: 03003508408 يا 03023061040
مهرباني ۔
 
گريٽ

لاجواب ڪوشش آهي پر جيڪڏهن ادا ٿوري تفصيل سان سمجهايو ها ته وڌيڪ دوستن کي سمجهڻ ۾ سهولت محسوس ٿئي ها

بهترين ڪوشش آهي ادا جاري رکجو

سدائين گڏ
 
مون وٽ سنڌي انسٽال نٿي ٿئي ان ڪري وڊيو ٽٽوريل نه ٺاهي سگهيس ، ادا ونڊوز ري انسٽال ڪري وڊيو ٽٽوريل ٺاهي موڪليندس ، جنهن ۾ گاني تيڦوٽوڪيئنرکجن اهو به ٻڌائيندس .
 
ادا عبيدالله۔۔۔اُميد ته اسان جا سنڌ سلامت جا ڪمپيوٽر اسپيشلسٽ جلد توهان جي رهنمائي ڪندا۔۔۔:)
ساٿ قائم رکجو ۽ پنهجي علم کي ايئن ئي ڦهلائيندا رهجو۔۔۔مهرباني۔۔۔
 
ادا محمد جان زريناڻي : مون سنڌي انسٽال ڪري ڇڏي آهي ، ونڊو نئين ڪئي اٿم ۽ ٽٽوريل پڻ ٺاهيا اٿم ... مهرباني .
 
دوستو ! پنهنجي را کان هِن ناچيز کي ضرور آگاهه ڪندا ۔
انشا الله هي سادي وڊيو توهان کي ضرور پسند ايندي ۔
دعائن ۾ ياد ، حياتي رهي ته وري ملنداسين ”سنڌ سلامت“ جي ويبسائيٽ تي ۔
الله حافظ ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔
فقط: عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ٽنڊوآدم
 
Back
Top