تاجل بيوس جو مشهور گيت سنڌ جي هڪ ننڍڙي نياڻي پاران ڳايل ۔۔۔۔ منفرد ۽ وڻندڙ https://www.facebook.com/video.php?v=537204446309977 تاجل بيوس سنڌڙي منهنجي سانئڻ! توسان ناتو شال نڀايان. ناتو شال نڀايان، الا جهوليءَ چنڊ جهلايان. ساهه به تو ۾، شاهه به تو ۾، تو ۾ سڀ ڪجهه پايان. تنهنجي مٽِيءَ منجهه ملان جي، ڀاڳ ڀليرا ڀانيان. ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جا، سنڌوءَ کي سُور سُڻايان. مٺڙي تنهنجو کير پياريل، مرڪي شال ملهايان. دار ڏسان ديوانو بڻجي، ”اناالحق“ الايان. مون ۾ تون موجود ازل کان، ”بيوس“ ڪيئن سڏايان.
واهه واهه۔۔۔لازوال شاعري۔۔۔۔۔اي سنڌ امڙ ، تنهنجو قرض مان ڪيئن لاهيان۔۔۔۔!!مون ۾ تون موجود ازل کان،”بيوس“ ڪيئن سڏايان.