تاجل بيوس جو مشهور گيت سنڌ جي هڪ ننڍڙي نياڻي پاران ڳايل ۔۔۔۔ منفرد ۽ وڻندڙ
تاجل بيوس
 سنڌڙي منهنجي سانئڻ!
 توسان ناتو شال نڀايان.
 ناتو شال نڀايان،
 الا جهوليءَ چنڊ جهلايان.
 ساهه به تو ۾، شاهه به تو ۾،
 تو ۾ سڀ ڪجهه پايان.
 تنهنجي مٽِيءَ منجهه ملان جي،
 ڀاڳ ڀليرا ڀانيان.
 ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جا،
 سنڌوءَ کي سُور سُڻايان.
 مٺڙي تنهنجو کير پياريل،
 مرڪي شال ملهايان.
 دار ڏسان ديوانو بڻجي،
 ”اناالحق“ الايان.
 مون ۾ تون موجود ازل کان،
 ”بيوس“ ڪيئن سڏايان.