گيڙو ويس

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2013۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    [​IMG]
    سنڌي نور
    مان سوچيندي هيس ته هن جي ياد ۾
    فقيراڻي حالت نه ڪبي،
    پر هو ظالم شام جي انهيء پل ۾
    اڪيلو ڇڏي ويو جنهن ۾
    سڄو ماحول ئي گيڙو ٿي لڳو۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت ۽ درد جي گهرائيء سان لکيل سٽون ۔۔۔۔۔ بهترين
     
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    هر شام جو الميو رات جي اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيندو آهي،
    جتي پنهجي يادن جا لڙڪ،
    وجود کي درد جو سبق ڏيندا آهن،
    جنهن ۾ پنهجو اندر، ان اونداهي وانگرڀيانڪ لڳندو آهي،
    جيڪا اکين کان روشني جي سگه به کسي ڇڏيندي آهي ،
    جنهن ڪري وجود هوندي به هر عضوه ڀورا ڀورا لڳندو آهي
    هر حصو ٻئي کان الڳ لڳندو آهي،
    پر
    جڏهن انهيء ڪشمڪش ۾
    اکين ۾ لالاڻ اچي ويندي آهي
    ۽ بلڪل اهڙي طرح صبح جي لالاڻ ڌنڌلڪي اونداه مان
    نڪري اکين کي ڀيٽا ڏيندي
    احساس ڏياريندي آهي ته
    تنهجو وجود ڀورا ڀورا ناهي ٿيو
    بس!
    گهڻي روشنائي کان پوء اوچتو اونده ڏسڻ جو اتفاق ٿيو آهي انهن اکين کي
    ڏس!
    اميد جو سج
    ۽ صبح جو حوصلو،
    هر ماٺ کي ڪيئن ٿو جياري،
    ۽ ڪجهه ئي وقت کان پوء ڳاڙهيون اکيون،
    صبح جي روشنائي جيان ڳاڙهاڻ مٽائي،
    نئين امنگ سجائي روشن ٿي پونديون آهن
    ۽ يادون وقت جي وهڪري ۾
    رات جي ڌنڌلڪي ۾لڪنديون ڌنڌليون ٿي وينديون آهن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهتررين سٽون

    ڏس!
    اميد جو سج
    ۽ صبح جو حوصلو،
    هر ماٺ کي ڪيئن ٿو جياري،
    ۽ ڪجهه ئي وقت کان پوء ڳاڙهيون اکيون،
    صبح جي روشنائي جيان ڳاڙهاڻ مٽائي،
    نئين امنگ سجائي روشن ٿي پونديون آهن
    ۽ يادون وقت جي وهڪري ۾
    رات جي ڌنڌلڪي ۾لڪنديون ڌنڌليون ٿي وينديون آهن ۔۔۔

    صبح جي پهر واري جوت رات جي پيڙائن واري اونداهي کي ڌڪي دور ڪري ٿي ڇڏي ۽ انسان کي نئون جياپو ارپي ٿي هڪ نئين رات لاءِ جنهن رات ۾ سهڻا سپنا اُڻي سگهون ۽ وري نئين صبح جو انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ جنبجي وڃون۔۔۔۔منظور ڪلهوڙو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    مهرباني سڀني دوستن جي جن منهنجي ننڍڙي تخليق کي پسند ڪيو لک ٿورا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو