هر شام جو الميو رات جي اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيندو آهي،
جتي پنهجي يادن جا لڙڪ،
وجود کي درد جو سبق ڏيندا آهن،
جنهن ۾ پنهجو اندر، ان اونداهي وانگرڀيانڪ لڳندو آهي،
جيڪا اکين کان روشني جي سگه به کسي ڇڏيندي آهي ،
جنهن ڪري وجود هوندي به هر عضوه ڀورا ڀورا لڳندو آهي
هر حصو ٻئي کان الڳ لڳندو آهي،
پر
جڏهن انهيء ڪشمڪش ۾
اکين ۾ لالاڻ اچي ويندي آهي
۽ بلڪل اهڙي طرح صبح جي لالاڻ ڌنڌلڪي اونداه مان
نڪري اکين کي ڀيٽا ڏيندي
احساس ڏياريندي آهي ته
تنهجو وجود ڀورا ڀورا ناهي ٿيو
بس!
گهڻي روشنائي کان پوء اوچتو اونده ڏسڻ جو اتفاق ٿيو آهي انهن اکين کي
ڏس!
اميد جو سج
۽ صبح جو حوصلو،
هر ماٺ کي ڪيئن ٿو جياري،
۽ ڪجهه ئي وقت کان پوء ڳاڙهيون اکيون،
صبح جي روشنائي جيان ڳاڙهاڻ مٽائي،
نئين امنگ سجائي روشن ٿي پونديون آهن
۽ يادون وقت جي وهڪري ۾
رات جي ڌنڌلڪي ۾لڪنديون ڌنڌليون ٿي وينديون آهن