آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن جو پنهنجي پٽ جي استاد ڏانهن لکيل خط

'سنڌي ادب' فورم ۾ نسرين هنڱورو طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2013۔

  1. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آئون ڄاڻان ٿو ته هن کي سکڻو آهي ته سڀ ماڻهو سچا ۽ سهڻا ناهن هوندا، پر هن کي اهو به سيکارجو ته هر بيڪار ۽ بي اصول ماڻهو به هيرو ٿي سگھندو آهي ، هر خود غرض سياستدان به مخلص ۽ سچو ٿي سگھندو آهي. آئون ڄاڻان ٿو ته ان ۾ وقت لڳندو، پر توهان هن کي سيکارجو جيڪڏهن توهان هن کي سيکاري سگھو ٿا ته پنج روپيه لڀڻ کان هڪ روپيو ڪمائڻ وڌيڪ قيمتي آهي. هن کي اصول تي رهي هارائڻ سيکاريو ۽ کٽڻ جي خوشي جو مزو وٺڻ سيکاريو. هن کي حسد ڪرڻ کان پاسو ڪرايو ۽ هن کي هڪ خاموش ٽهڪ جو راز سيکارجو. جيڪڏهن توهان هن کي سيکاري سگھو ٿا ته هن کي ڪتابن جي دنيا جا اسرار رموز سيکارجو. هن کي آسمان ۾ اڏرندڙ پکين ۽ پهاڙن ۽ وادين ۾ ٽڙيل گلن جي ازلي راز کي سمجھڻ لاءِ اڪيلائي ۽ خاموشي به ڏيو. ڪوشش ڪري منهنجي پٽ کي اهڙي طاقت ڏيو ته هو جاهلن جي هجوم جي پويان نه وڃي ۽ ان سٽ تي عمل ڪري ته ”جي لوڪ وَهي لَهوار، تَه تُون وَهُه اوڀَار“. هن کي سيکارجو ته سڀني ماڻهن کي ڪن ڏئي ٻڌي پر ان سان گڏو گڏ هن کي اهو به سيکارجو ته هو پنهنجي سمجھ جي ڇاڻيءَ ۾ ڪوڙ ڇاڻي ڇڏي ۽ باقي سچ کي پاڻ وٽ سرمائي وانگر رکي. هن کي اسڪول ۾ سيکارجو ته نقل ڪرڻ کان وڏيڪ عزت ۽ احترام ناپاس ٿيڻ ۾ هوندو آهي“. هن کي سيکارجو ته پنهنجي خيالن ۽ سوچن تي قائم رهي پوءِ ڀلي سڀ ماڻهو هن کي غلط ڇو نه سمجھن. هن کي سيکارجو ته ڏاڍن ماڻهن سان ڏاڍو ۽ محبتي ماڻهن سان محبتي ٿئي. جيڪڏهن توهان هن کي سيکاري سگھو ٿا ته هن کي سيکارجو ته ڏک ۾ ٽهڪ ڪيئن ڏبو آهي. هن کي سيکارجو ته ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ شرم محسوس نه ڪري. هن کي سيکارجو ته تمام گھڻي عياشي، مزي ۽ مٺاڻ کان خبردار رهي. هن کي ڀلي اهو به سيکارجو ته پنهنجو ذهن ۽ پنهنجو مضبوط جسم ڪنهن وڏي قيمت تي وڪڻي پر دل ۽ روح ڪنهن به قيمت ۾ نه وڪڻي. هن کي سيکارجو ته رڙيون ڪندڙ هجوم آڏو پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏي ۽ جنهن ڳالهه کي هو صحيح ٿو سمجھي ان تي مڙس ماڻهو ٿي بيهي ۽ ان لاءِ وڙهي. هن سان پيار سان هلجو پر هن کي ٻارن وانگر ڀاڪر پائي گھڻو لاڏلو نه ڪجو ڇو ته باهه مان گذرڻ کانپوءِ ئي سٺو لوهه ٺهندو آهي. هن کي بهادر ٿيڻ لاءِ صبر ڏجو. هن کي اهو هميشه سيکارجو ته پنهنجو پاڻ تي ڀرپور اعتماد رکي ڇو ته فقط ان ئي صورت ۾ هن کي انسان ذات تي ڀرپور اعتماد ٿي سگھندو. هي منهنجون وڏيون فرمائشون ۽ حڪم ناما آهن پر ڏسجو توهان جيڪو ڪجھ ڪري سگھو ته ڪجو. هي منهنجو روح منهنجو ٻچو ڏاڍو ڀلو ماڻهو اٿو
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام شاندار ۽ سبق آميز
    زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    عّظيم ماڻهو جا عّظيم جُملا۔۔۔۔
    ادي۔۔فونٽ سائيز ڪجهه وڌيڪ هجي ها ته پڙهڻ ۾ آساني ٿيي ها۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    توهان هن کي سيکاري سگھو ٿا ته پنج روپيه لڀڻ کان هڪ روپيو ڪمائڻ وڌيڪ قيمتي آهي

    عظيم ماڻهن جي سوچ ۽ ڳالهيون به عظيم هونديون آهن ۔۔۔۔ پر اڄڪلهه الائي ڇو اسان شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ اچي سڀ ڪجهه وڃائي رهيا آهيون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    موتين جهڙا قيمتي ٻول، هر هڪ ٻول پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۔۔۔۔ لک قرب
     
  6. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    هن کي سيکارجو ته ڏاڍن ماڻهن سان ڏاڍو ۽ محبتي ماڻهن سان محبتي ٿئي.

    اِهو سبق جنهن ٻار کي سيکاريو ته اُن جو ٻار دنيا جي عظيم شخصيت بڻجي سگهي ٿو
    شڪست اُن جي ويجهو بي نه ايندي
     
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    جيڪڏهن توهان هڪ هڪ ڊالر پاڻ ۾ تبديل ڪندو، ته توهان ٻنهي وٽ هڪ هڪ ڊالر ئي هوندو۔۔پر جيڪڏهن توهان ٻئي هڪ هڪ خوبصورت سوچ کي تبديل ڪندو ته توهان ٻنهين وٽ ٻه خوبصورت سوچون هونديون۔۔۔!!! (ابراهم لنڪن)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو