موبائيل فون جي وَبا ۾ وڪوڙيل ڇوڪريون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    هن مُلڪ ۾ موبائيل فون آئي ته هڪ ڏهاڪي کان مٿي وقت گذري ويو آهي پر موبائيل فون جو عام جام ٿيڻ کي اڃان پورو ڏهاڪو نه ٿيو آهي. شروع ۾ موبائيل فون آيا ته اها وڏن ماڻهن جي شئي ليکي پئي وئي. اڌ اڌ سير جا سروٽي جيڏا فون به وڏي لئي سان تؤنگر شوقين مُڙس ڪنڌ ۾ لٽڪايو پيا گهُمندا هئا يا وري ڪٿي ويهندا ته کڻي ٽيبل تي اڳيان رکندا هئا. فون به مهانگو ته ڪال به به ڪا سستي نه هئي. ايستائين جو فون اچي ته ٻُڌڻ جا به پئسا لڳن. پر هر اليڪٽرانڪ آئٽم جيان موبائيل فونن ۾ به اها روايت قائم رهي جو شئي وڌ کان وڌ کان ننڍي، پائيدار ۽ سستي ٿيڻ لڳي. جيئن وڏي پُٺي وارا ٽي وي پڪچر ٽيوب کان هلي هاڻ ايل اي ڊي اسڪرين تي پُهتا آهن جن جي ويڪر انچ جيتري مس ٿيندي تيئن ڪمپيوٽر به هاڻي وڃي ٽيئبليٽ پي سي جي شڪل اختيار ڪئي آهي. تيئن هٿوڙن جهڙا فون هاڻي وڃي جديد ۽ ٽچ اسڪرين جي نفاست سان سنهڙا ٿيا آهن. ۽ منجهن جِدت اڳ کان اڳري آهي. جتي شين جي جِدت ۽ نفاست آئي اُتي انهي جو استعمال به وڌيو. جيڪڏنهن اسان انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين جي 2010 جي رپورٽ تي نظر وِجهون ٿا ته اهو ڏِسي حيرت ٿئي ته 2 ارب کان مٿي انٽرنيٽ يوزرس آهن (يعني دنيا جو تقريبن چوٿون حصو آبادي)، جڏهن ته موبائيل فون استعمال ڪندڙن جو تعداد 5 ارب کان اُڪري چُڪو آهي. توڙي جوجرنل (Sociological Perspectives) ۾ 2005 جي ڇپيل هڪ رسرچ پيپر ۾ اهو چيو ويو ته ٽيڪنالاجي ذريعي رابطن ۾ رهڻ جو رجحان عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ وڌيڪ آهي پر اڃان پنج سال مس گُذريا ته World Internet Project 2010 جي رپورٽ اهو ثابت ڪيو ته هاڻي اهو فرق ختم ٿي چُڪو آهي. بس جي ڪو فرق آهي ته صرف مختلف ملڪن جي مختلف سماجي حالتن ۽ ثقافتن جي بنياد تي انهي شئي جي استعمال جو فرق وڃي رهيو آهي.
    هن حضرت انسان فڪر ۽ جاکوڙ سان جتي شين ۾ نواڻ آندي آهي اُتي انهن جي سماجي اثرن جا انداز به بدليا آهن. هر شئي جي جِدت جتي انيڪ سهولتون آنديون ته اُتي مسئلا به کڙا ٿيا ڇو جو شيطاني ذهن رکندڙ ماڻهن انهي جا اهڙا استعمال ڳولي ورتا جيڪي سندن فُتور جي تسڪين ڪن ۽ معاشري لاءِ ناسور بڻجن. جيئن ڊائينامائيٽ ٺاهيندڙ نوبل اهو قطعي نه سوچيو هو ته پهاڙن ۽ جبلن کي مثبت مقصد لاءِ ٽوڙڻ لاءِ ٺاهيل اهو بارود ڪروڙين ماڻهن جون جانيون وٺندو رهندو. تيئن موبائيل فون ٺاهڻ واري به اهو سوچي موبائيل فون نه ٺاهي هوندي ته هن جا اهڙا استعمال به ٿيندا جو هڪ نهج تي پُهچي اها شئي بيزاري جو باعث بڻجي ويندي. اها ڪا ايتري پُراڻي ڳالهه ناهي جو ڪنهن کي وِسري وئي هُجي ته گهر ۾ لڳل لئنڊ لائين تي آيل فون ڪا ڇوڪري کڻي ته گهر وارا کائنس ضرور پُڇن ته تنهنجو ڪهڙو ڪم هو فون کڻڻ جو؟ يا جي ڪو گهر ۾ ناهي ته فون ڪندڙ کان ڪم جي ڳالهه يا نياپو وٺي فون رکڻ جي ڪن. پر جيئن جيئن وقت بدليو ته رابطن ۽ رابطن جي ضرورتن جا انداز بدليا.انهن ئي مائٽن جواڻ جماڻ ڇوڪرين کي موبائيل فون وٺي ڏيڻ شروع ڪيا جيڪي مڪمل پرائيويسي سان وٽن چوويهه ڪلاڪ موجود هجن ٿا. توڙي جو گهڻا اها دعوى ڪندا ته منهنجي نياڻي فون تي اسان کي سواءِ ڪنهن سان به ڪونه ڳالاهي. يا پاڙيسري مُلڪ انڊيا ۾ ته ڪافي وسندين ۾ ڇوڪرين جي سرِعام فون تي ڳالهائڻ تي پابندي به وِڌي وئي آهي پر پوءِ به ايئن ناهي ته موبائيل فون استعمال ڪرڻ واري کي ڪو روڪي سگهيو آهي انهن ڪمن کان جيڪي هو فون هوندي ڪري سگهي ٿو. ايئن ڪونهي ته ڪو موبائيل فون کان اڳ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان رابطن ۾ نه هُيون يا اهي قصا هوندا ئي نه هُئا. پر ايترو هو ته رابطن جي سهولت ايتري نه هوندي هئي. پهرا وڌيڪ هئا. فون فڪس هئا. صرف ڪنهن مخصوص موقعي جو فائدو وٺي ڳالهه ڪري سگهبي هئي. جيڪو ٻنهي ڌرين کي هڪِ ئي مهل ملڻ مُشڪل هوندو هو ۽ ڪا پرائيويسي به نه هوندي هئي. مهيني تي ايندڙ بِل ۾ نمبر پڪڙجڻ جو ڊپ الڳ. . . . پر موبائيل فون اهي سڀ مسئلا حل ڪري ڏنا. هاڻ ته اهڙا به ڪيس ٻُڌجن ٿا جو ڇوڪرا ڇوڪريون پرڻجيو ٻه ٻه ٻارن جا ماءُ پيءُ ٿيو وڃن ته به سندن رابطا پيا هلندا. ۽ انهي جي نتيجي ڪنهن به پاسي ڪنهن کي ڪو شڪ پيو ته رشتن جا ڀرم ٽُٽڻ شروع، جيڪو نيٺ وڃي عليحدگي تي دنگ ٿئي ٿو. ۽ زندگي اردو جي مشهور سِٽن جو مثال بڻجيو وڃي ته نه خدا هي ملا نه وصال صنم، نه ادهر کي رهي نه اُدهر کي هم.
    اهڙن واقعن جي ڀرمار هوندي به ۽ سڀني کي خبر هوندي به اوهان ڪنهن پبلڪ پليس تي هُجو يا ڪنهن لوڪل گاڏي ۾ سفر ڪندڙ، آسپاس نظر ڦرائيندؤ ته اوهان کي هڪ اڌ ڇوڪري ضرور اهڙي نظر ايندي جنهن وٽ موبائيل فون هوندي. جنهن تي هو گهڻو ڪري ٻنهي هٿن جي آڱوٺن تي ڪمال ڪاريگري سان بنا اسڪرين تي نظر وجهڻ جي ميسيج ٽائيپ ڪندي نظر ايندي ۽ پريان به اوتري جلدي سان کيس ميسيج ايندڙ هوندا.
    وري جو سُمهڻي کان پوءِ ماني کائي واڪ تي نِڪرو ته گهر ٻاهران ٺهيل دِڪين تي يا فوٽ پاٿ تي ٽين ايجر جي ڪنن ۾ هيڊ فون لڳل هوندا ۽ سرٻاٽڻ ۾ ڳالهيون هونديون. حيرت جي حد ته تڏهن نه رهندي آهي جڏهن ٻه دوست هيڊ فون جو هڪ هڪ ايئر پيس شيئر ڪري اڳيان ڳالهائيندڙ ڇوڪرِي جون ڳالهيون ٻُڌي رهيا هوندا آهن. ۽ اڪثر آف دي ريڪارڊ اتنهائي ڪِريل لفظن جي استعمال سان تبصرا به ڪندا هوندا آهن جنهن ۾ پاڻ کي وڏو داناءُ ۽ اڳيان رابطي ۾ رهندڙ ڇوڪري کي وڏو بيوقوف سمجهي رهيا هوندا آهن.
    نادان ڇوڪرين لاءِ هڪ ٻيو عذاب جيڪو موبائيل فونن آندو سو آهي موبائيل فون جي ڀلي کان ڀلي ۽ آساني سان رڪارڊ ٿيندڙ وڊيو. اڄڪلهه ڪ عام سادي ۽ سستي موبائيل فون به اهڙي ڪوالٽي ۾ وڊيو رڪارڊ ڪري ٿي سگهي جيڪا ڪنهن کي سڃاڻي سگهڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. . . . پوري دنيا يا هي سڄو مُلڪ ته ڇڏيو پر رڳو سنڌ ۾ اهڙا انيڪ ڪيس ٻُڌا ويا آهن جِن ۾ بيوقوف بڻايل ڇوڪرين جي موقع پرست ۽ حوس جي پوڄارين اهڙين حالتن ۾ وڊيو رڪارڊ ڪري انٽرنيٽ تي آنديون جن جي نتيجي ۾ سواءِ پاڻ کي فاهو ڏيئي مارڻ جي ٻي ڪا واٽ نه رهي انهن ڇوڪرين وٽ جِن کين پيار جهڙي پوتر لفظ جو ڀرم رکندي کين پنهنج سڀ ڪُجهه ارپي ڇڏيو هو.
    انهي سڄي پس منظر ۾ جِتي ڇوڪرين کي وڌ کان وڌ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي اُتي والدين کي به گهُرجي ته هو انهي نام نهاد آزد خيالي يا ٻارن کي ڀائنڻ واري سوچ کي هڪ پاسي رکي اهو ڏسن ته هو ٻارن کي اهو رانديڪو ڏيئي ڪٿي اکيون پوري ته ناهن ويٺا. اها هڪ عام مشاهدي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ماڻهو منجهه ڪي جذبا يا خيال (پوءِ اُهي مثبت هُجن يا منفي) آهن ۽ هو اُهي بيان نه ٿو ڪري سگهي ته جيڪڏنهن کيس لکڻ اچي ٿو ته اُهي شايد هو سُٺي نموني بيان ڪري وڃي. ڇو ته ڳالهائڻ مهل وقت جي قيد ۽ لفظن جي مناسب چونڊ ايتري سؤلي ناهي هوندي جيتري لکڻ مهل. جڏهن ماڻهو سُڪون سان سوچي سمجهي لکي رهيو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ايس ايم ايس ئي ڇوڪرين کي بيوقوف بڻائي ويندا آهن جيڪي کين ٺڳيندڙ ڇوڪرو ڪُجهه پنهنجي ڪاريگري ڪُجهه سوچ سمجهه سان ۽ ڪُجهه وري ساٿين جي مشوري موڪلين ٿا. منهنجيون جيڪي به ڀينرون هي پڙهي رهيون آهن تِن کي هڪ صلاح آهي ته توڙي جو رابطا ۽ رِشتا فطرتي عمل آهي جيڪو بيهڻو ناهي. ٽيڪنالاجي سان آيل جِدت جي افاديت مان مستفيد ٿيڻ ۾ به ڪو ڏوهه ناهي پر ڀلي ڍِلي جي تميز ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڪنهن سان به رابطي ۾ هوندي سندس لفظن جي رنگيني ۾ ڪڙو گُم ٿيڻ کان پهرين اهو ضرور ڏسجي ته سندس ڪردار ۽ سندس الفاظ ۽ ڳالهين ۾ ڪيتري هڪ جهڙائي آهي. جيئن ڳالهين سان پيٽ ڀربو آهي تيئن سکڻين ڳالهين سان رشتا به ديرپا نه جُڙي سگهندا آهن. ۽ لفظن جي جادوگري ۾ وڪوڙيل وجود سڄي عُمر جي روڳ جي ور چڙهي ويندا آهن.
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    هن ملڪ جو الله ئي نگهبان آهي ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا تمام بهترين موضوع تي تفصيل سان لکيو اٿواها حقيقت آهي ته ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪريون ايس ايم ايس ۾ دلچسپي رکنديون آهن جيڪا هڪ بيماري آهي،
    ان سان گڏ اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ته توهان جون لکڻيون ڪاورش ۾ ڇپجي رهيون آهن، توهان جي لکائي به جامع ۽ معني خيز ۽ موقعي جي مناسبت سان هوندي آهي۔

    بهترين ونڊ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    جيڪو به لکيل آ سچ لکيل آ۔۔بلڪه اڃا به گهٽ لکيل آ۔۔۔ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ موبائيل فون سهولت ڏيڻ کان وڌيڪ عذاب ڏئي ڇڏيوآ۔۔۔
    خاص طور تي نائيٽ پيڪيجز نوجوانن جي اهڙي ته ٻيڙي ٻوڙي آ جو وڃي ٿيا ست خير۔۔۔:(
    ڇا توهان يقين ڪندوّ ته بنا روبرو ملڻ جي ڇوڪرا صرف ميسيجز ڪري به ڇوڪريون ڦاسائيو ڇڏين۔۔۔o_O وڏي حيرت جو مقام آ۔۔۔!!!
    اسان جون ساده لوح اديون انهن جي مٺڙين ڳالهين ۾ اچي پنهجن وڏن جي اعتماد کي ڇيهو رسايو ڇڏين۔۔۔ ۽ پوءِ سڄي زندگي نه صرف پاڻ سان پر ٻين سان به اکين ملائڻ جي لائق نٿيون رهن۔۔۔۔:confused:
    اسان جي نئين ٽهي الائجي ڪاڏي پئي وڃي۔۔۔رشتن جو تقدس، ننڍي وڏي جي حيا، تميز، فرمان برداري سڀ الائي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ گُم ٿي ويا آهن۔۔۔
    الله پاڪ اسان جي نوجوانن کي ساڃهه ڏئي۔۔کين تعميري ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ تخريبي ڪمن کان پناه ۾ رکي۔۔آمين۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    اِها ڳالهه به ڀلي
    ٻيو اوهان جهڙن دانشورن کي ته خبر هوندي روزاني موبائيل فون جي ذريئي ڪيترو پئيسو ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. وفا منور

    وفا منور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2013
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    مير پور بٺورو ضلعو ٺٽو ، سنڌ
    حفيظ سائين توهان جو آرٽيڪل حقيقتن جي مبني آهي۔ پر لڳي ٿو ان آرٽيڪل کانپوءِ ڇوڪريون توهان تي وڌيڪ گرم هونديون۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حفيظ توهان تمام سٺو لکي رهيا آهيو ۔۔ اوهان ٽن دوستن مان اها ئي توقع هئي ته اوهان سٺو لکندا۔ جيتوڻيڪ اوهان ۽ يونس ملڪاڻي ته لکي رهيا آهيو پر ٽيون دوست الائي ڇو لکڻ ئي نه ٿو چاهي ۔۔۔۔ نه ته هن جي قلم ۽ سوچ ۾ به ساڳي ئي سگهه ۽ رواني آهي۔

    اهم موضوع تي لکيو اٿو ۔۔۔۔ اسان وٽ جڏهن ڇوڪرين کي آزادي ملي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن اهي ان جو غلط استعمال ڪري پاڻ ته ڦاسن ٿيون پر پنهنجي ٻين ڀينرن لاء به رستا بند ڪري ڇڏين ٿيون ۔۔۔۔ اڃان گهڻيون ڳالهيون آهن جن کي لکڻ گهرجي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا بهترين آهي.... جاري رکجو.....
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن موضوع لکڻ کان پوءِ هتي به ۽ ذاتي طور مون کي گهڻو ڪُجهه ٻڌايو ويو آهي۔ گهڻو ڪري راءِ اها بيٺي ته اڃان گهڻو ڪُجهه لکڻ کپندو هو۔ ۔ ۔ ۔ٿورو لکيو گهڻو سمجهڻ واري ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي جنهن کي نظر ۾ رکيم پر ڪاوش مڊويڪ وارن جون به ڪُجهه پابنديون آهن۔ ڄڳهه جيتري هوندي اوترو ئي لکي سگهبو۔
    سڀني دوستن جي مهرباني جن پنهنجو رايو ڏِنو۔
    عرس پريو سليمان وساڻ جي مهرباني جيڪي مون کي ڪاوش مڊويڪ ۾ لکڻ تي همٿائين پيا۔
    وفا منور صاحب گرم ٿين يا ٿڌيون پر پنهنجو بچا ڪن ته ڀلو ٿيندن۔ باقي علاج لاءِ کاڌل دوا ته ڪوڙي هوندي ئي آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ڊاڪٽر صاحب اوهان کي اهڙو جامع ليک لکڻ تي واڌايون، بهترين ادا۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو