رحيم بخش
ايڊيٽر
مانيون گھڻيون
ادا زاهد منهني خيال ۾ مانيون 25 هجن ته ڪم پورو ٿي ويندو وڌيڪ اوهان کي خبر هوندي جو ڪن سوالن ۾ هڪ ٻن نمونن سان جواب به نڪرندا آهن جيڪڏهن اڌ ماني جو حساب به ان ۾ شامل آهي ته پوء ساڍيون 38 مانيون هونديون تڏهن به ڪم پورو ٿي ويندو.
هڪ ٻيو حساب ذهن ۾ آيو آهي...
هي آهي سوال.....
ٽي همراه هڪ سفر تي نڪتا ،انهن وٽ ڪجهه مانيون هيون ، رستي ۾ رات جو هڪ جڳهه سڀ سمهي رهيا،، رات جو هڪ همراه اٿيو ان ٽوٽل مانين جون ٽي پتيون ڪيون، ٽي پتيون ڪرڻ کان پوءِ تن مان هڪ ماني بچي پئي جيڪا هن ڪنهن جانور کي کارائي ڇڏي ، ۽ هڪ پتي کائي باقي ٻه پتيون ملائي رکي سمهي رهيو،،، پوءِ ٻيو همراه اٿيو،، ان به ائين ڪيو بچيل مانين جون ٽي پتيون ڪيون هڪ ماني بچي سا جانور کي کارائين ، هڪ پتي کائي سمهي رهيو،،،،ساڳي طرح ٽيو اٿيو، بچيل مانين جون ٽي پتيون ڪيائين هڪ ماني بچي سا جانور کي کارائين ، هڪ پتي کائي باقي رکي ڇڏيائين ۽ سمهي رهيو،،،،صبح جو سڀ اٿيا بچيل مانين جون ٽي پتيون ڪيائون تن مان به هڪ ماني بچي پئي سا جانور کي کارايائون، باقي ٽنهي هڪ هڪ پتي کاڌي، مانيون ختم ٿيون،،
هاڻي ٻڌايو ته ٽوٽل مانيون ڪيتريون هيون