هڪ سوپ سيريل يا ٽيلي فلم (خرڪار ڪئمپ 2126 اٽيچمينٽ ڏسو ڪراچيءَ شهر جي روشنين ۾ ڊفينس جي هڪ ماڊرن گهراڻي جو شهزادو، سنڌ جي هڪ وڏيري جي ڌيءَ سان شادي ڪري ٿو جنهن جي تعليم ڪراچيءَ جا انتهائي ماڊرن ڪاليج ۾ ٿي آهي، يتيم ماڊرن ۽ انتهائي خوبصورت ڇوڪري پنهنجي فگر مينٽين ڪرڻ لاءِ پيار جي شادي ته ڪري ٿي پر اولاد نٿي ڄڻڻ چاهي ۽ زال مُڙس ملي خانداني منصوبا بنديءَ تي ڪم ڪن ٿا، پر ڇوڪري جا ماءُ پي اولاد جو وارث جلد گهُرن ٿا، ڇوڪريءَ جي بانجهه هُئڻ جي صورت ۾ ڇوڪري جي ٻي شادي ڪرائڻ چاهين ٿا، پر ماڊرن هيروئن پنهنجي ساهڙي ڊاڪٽرياڻيءَ جي مدد سان پنهنجي مڙس جي اولاد نه ڄڻڻ جو ڪوڙو سرٽيفڪيٽ وٺي ٿي پنهنجي جسماني فگر ۾ تبديلي نٿي آڻڻ چاهي. ڇوڪرو پنهنجي ٻني ٻارن جي سنڀال لاءِ اندوني سنڌ ۾زمينن تي وڃي ته کيس اغوا ڪيو ُڃي ٿو اغوا ڪندڙ سنڌ جا داڙيل نه پر خرڪار هوندا آهن جيڪي کيس خرڪار ڪئمپ ۾ قيد ڪري ڇڏين ٿا، جتتان هو ڪنهن قيديءَ جي مدد سان ان شرط تي راه فرار اختيار ڪري ٿو ته هو قيديءَ جي جوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو، هو هامي ڀري ٿو پويان ڇوڪريءَ کي حمل بهي ٿو ۽ ڇوڪري جا مائٽ سندس ڪريڪٽر تي شق ڪري کيس گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿا هوءَ پوءِ يقين ڏياري ٿي ته هي سندن ئي پوٽو آهي ڪير يقين نٿو ڪري، سال گُذري وڃن ٿا، ڇوڪرو آزاد ٿي واپس نٿو اچي ۽ ڇوڪرو ڪنهن طريقي سان زال سميت آزاد ٿي اچي ٿو، کيس ان پٺاڻيءَ مان به اولاد نه ٿو ٿئي هاڻ هن کي يقين ٿئي ٿو ته هو اولاد ٺڻڻ جي قابل ڪونهين گهر پُهچي ٿو، ڇوڪري کيس يقين ڏياري ٿي ته هن جي رپورٽ پاذيٽو هُئي پر هن بدلارائي هُئي پر هو اعتبار نٿو ڪري ته جي هو اولاد پئدا ڪرڻ جي قابل آهي ته هن پٺاڻي مائيءَ مان کيس اولاد ڇو نٿو ٿئي. هن ڪهاڻيءَ جو انجام ڇا، اهو اڳتي.
2129 اٽيچمينٽ ڏسو 2134 اٽيچمينٽ ڏسو 2135 اٽيچمينٽ ڏسو 2136 اٽيچمينٽ ڏسو 2137 اٽيچمينٽ ڏسو 2138 اٽيچمينٽ ڏسو 2139 اٽيچمينٽ ڏسو