ڀُورل مُنشي . هڪ چُبجندڙ سيريل ڊرامون، سنڌي وڏيرڪي ثقافت تي 2146 اٽيچمينٽ ڏسو گهڻائي سال اَڳُ جي ڳالهه آهي جڏنهن وڏيرو سنڌ جي قابلِ احترام شخصيت ليکيو ۽ سمجهيو ويندو هو، ان وقت وڏيري هُئڻ لاءِ ڪنهنجو امير ڪبير، جاگيردار يا سرمائي دار هُئڻ لازمي ڪونه هو ۽ هر اُهو بُزرگ، چڱو مُڙس جيڪو سنڌ معا شري ۾ حق ۽ انصاف ڪندو هو سنڌي مُعاشرو اُن کي وڏيرو سڏيندو هو ۽ ان وقت وڏيرن جو ايترو تعدا به ڪونه هوندو هو جيڪو اڄ ڪلهه آهي ۽ نه ئي وڏيرو ڪنهن ذات پات يا نسل لاءِ مخصوص هو. آخر هڪ اهڙو وقت به اچي ويو جو سنڌ معاشرو بيماريون ۾ اچي گهريو، اهو ان ڪري ٿيو جو جڏنهن ڪي بدنام زمانا ڌاڙيل، چور، رُشوتون وٺندڙ ڪامورا، ڏاڍ، ظلم، غريبن تي تشدد، مفت ونگار وٺڻ، بيواه عورتن ۽ يتيم ٻارن جون زمينون ۽ ملڪيتون ڦٻائڻ وارن هڪ نئون روپ اختيار ڪري پنهنجو پاڻ کي طاقت جي آڌار تي وڏيرو سڏارائڻ لڳا ۽ اسانجي سنڌ کي حقيقي وڏيري کان محروم ڪري ڇڏيو . اڄ اهو ئي پوءِ ڍايو انسان وڏيرو سڏائي ٿو ۽ معاشري ۾ وڏيرو هڪ سماجي گار به آهي . هيءَ ڪهاڻي ۽ ان جي ڊرامائي چُڀندڙ تشڪيل به هڪ اهڙي پوءِ ڍايل وڏيري ۽ اُن جي ڀُورل جي آهي جنهن کان سنڌ جو با شعور ٻچو ٻچو واقف آهي. ڀُورَل لفظ به سنڌين لاءِ نئون ڪونهين ۽ توهان اهڙا هزارين پوءِ ڍايل وڏيرن کي روز ڏسندشناخت ڪري سگهندئو جن سان هڪ ڀُورل نما ڇوڪرو گڏ هوندو. اهو ڪو ناچو، ڪو معاشري جو مجبور هوندو ۽ پوءِ ڍايو وڏيرو کيس ڪلف يا بوسڪيءَ جي ڪپڙن، سوني زنجيرُن يا مُنڊين، مهنگي سنڌي ٽوپين سان ڪنوارن وانگر سنجائي سينگاري اڪثر پجارو ۽ منهنگين گاڏين ۾ پاڻ سان گهڻي گهمندو وتندو آهي. هڪ اهڙي ڀورل کي جڏنهن هڪ وڏيري چڙهت عُمر ۾پنهنجو منشي ڪري رکيو ۽ ان جي حويليءَ ۾اچ وڃ تي ڪا پابندي به نه رکي هُئي ته ڇا ٿيو. هيٰ ان ڀورل مُشيءَ جي ڪارنامن تي ڪهاڻي آهي ۽ اسان هن کي سيريل ڊرامي ۾ ڏيکارينداسون ته جيئن اهڙا معشارتي ناسور پوءِ ڍايا وڏيرا ڪُجهه شرم ڪن ۽ اهڙين حرڪتن کان باز اڄن نه ته هن ڊرامي ڏسڻ کان پوءِ هو پاڻ سان ڀُورل گڏ کڻي هلڻ جهڙا نه ٿيندا.
عيد خوشين کي دوبالا ڪرڻ لاءِ عورتن ۽ فيملي پسند تي رواجي سنڌي ڊرامن کان هٽي ڪري هڪ نئي چينج لاءِ هڪ گهريلو ۽ پيار جي ڪهآڻي پڙهي لُطف اندوز ٿيو ٽوٽل سين 80 ۽ ٽوٽل پيج 29 گهٽ ڪردار ۽ لوڪيشن گهٽ بجٽ اسڪرين پلي ٽياڪڙو، لانگ پلي يا ٽيلي فلم عنقريب پيش ڪئي ويندي ساليوُوڊ پروڊڪشن پاران پرائيويٽ مارڪيٽنگ لاءَ.