Sindhi Media
سينيئر رڪن
سڀني ڌتڙيل فنڪارن، ڪلاڪارن، ڊائريڪٽرن، ايڪٽرن ، گلوڪارن وغيره کي دعوت عام
ڪو وقت هو ته پي ٽي وي ڪراچيءَ تي مشڪل سان ڪو هڪ سنڌي ڊرامون ايندو هو ۽ اُهو بمُشڪل اڌ ڪلاڪ ۽ ان ڪري ڪن فنڪارن جي هڪ هٽي قائم ٿي وئي. سنڌ امڙ جنهنجي ديس جو ٻچو ٻچو پاڻ ۾ هڪ فنڪار هو ۽ افسوس ان وقت ٽي ڪروڙ سنڌين لاِ ڪو رستو ئي نه هو ته هو ڪٿي پنهنجي فنڪارانا صلاحيتن کي ڪڍي نروار ڪن. پر ڪاوش اخبار جي باني (مُحترم اسلم قاضي) اڳتي وڌي آيو ۽ سنڌ جو پهريون سيٽلائيٽ چينل (ڪي ٽي اين ) جو وُجود پئدا ٿي ويو ۽ هُن کي چوڏنهن چنڊ لڳي ويا جو هُن اهو چينل پنهنجي ڀاءُ (علي قاضيءَ) جي سرپرسيءَ ۾ ڏنو. ڏسندي ڏسندي ٻيا گهڻائي سنڌي چئنل کُلي آيا ۽ ڪُجهه سنڌين کي پنهنجي صلاحيتن جي آزمائڻ جو موقعو مليو ۽ اڃا به ڪروڙين سنڌي ان آس ۾ ويٺا ۽ چئنلن جي درن تي بهي رهيا ته متان کين ڪا چانس ملي. پر وري هڪ هٽي قائم ڪرڻ وارو طبقو، انهن چئنلن تي حاوي ٿي ويو ۽ ڪن مخصوص پسند جي ماڻهن کان علاوه ٻيا چانس وٺڻ کان رهجي ويا. ٻين جن ڪن کي چانس ملي اُنهن جو محنت ۽ ڪم جو اُجورو ڪن غاصبن ڦٻائي ورتو ۽ هو هڪ چينل کان ٻئي چينل دربدر ٿيندا ويا پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو، بل آخر ڪي صلاحيتن وارا ايڪٽر، ڊائريڪٽر، ڪئمرامين، ايڊيٽر، غرض ميڊيا جي هر شعبي جا بيڪار ويهي رهيا ۽ سنڌ امڙ ميڊيا مئنيجمينٽ ۾ اڳتي وڌي نه سگهي، ڪن اُڙدو چئنلن جو سهارو به ورتو. انهن باصلاحيت ڪلاڪارن ۽ نون داخل ٿيندڙن کي سهاري ڏيڻ لاءِ (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن) ساوا، پنهنجي پاڻ مدد تحت هڪ آن لائين ادار کوليو (سنڌي ميڊيا ساليووُڊ) کوليو ۽ اڄ هي ادارو اڳتي وڌندو وڃي. روزگار ۽ شوق رکندڙن جو ساليووڊ ڀرف مُسلسل لاڙو ۽ ضرورت محسوس ڪندي (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد) اهڙن سڀني ڌتڙيل فنڪارن، ڪلاڪارن، ڊائريڪٽرن، ايڪٽرن ، گلوڪارن وغيره کي دعوت عام ڏي ٿي ته پاڻ کي اداري سان رجسٽر ڪرائين ۽ ايگريمنٽ ڪن ته جيئن هُنن کي به هن مشن ۾ شامل ڪري روزگار حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي. تفصيل وقت سان سوشل ميڊيا فيس بوڪ ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ڏيندا رهنداسون. ياد ڪريو اسانجو هڪ نعرو ! (سنڌ، سنڌو، سنڌي ۽ سنڌيت ) معنيٰ ڪو سنڌي بيروزگار نه!
عرض ته آئون قاضي صاحبن يا ڪنهن ٻئي چئنل جي مالڪن يا ڪنهن اين جي او گروپ جي وڪالت نه پيو ڪريان ۽ نئي مُهنجي انهن سان ڪو تعلق آهي، مان ته بس هڪ پس منظر جي ڳالهه پيو ڪريان ، جيئن سوچيو ته ڪيترو کاڌو سامهون رکيو آ ۽ ڪيترا بُکيا اُن کاڌي جي سامهون ويٺا آهن پر ڪي هڪ هٽيءَ وارا، اهو کاڌو اُڇلڻ گوارا ڪندا پر بُکين کي سونگهڻ به نٿا ڏين، اهو حال آهي اسانجي ميڊيا سان وابستا ڪن هڪ هٽي قائم ڪرڻ وارن جو سنڌي ماڻهن سان .بس اهو ئي سبب آهي مُهنجي هن ننڍڙي ڪاوش جو صرف سماجي، نه سياسي نه ڪاروباري پي ويلفيئر! ٻيو ته انهن سولڊ ڪارڊن جي نسبت سان ئي مان ڪيٽي اين ۽ ڪشش کي قومي سنڌي چينل ۽ سنڌي قوم جي امانت ۽ حق سمجهندو آهيان. بيشڪ جي سنڌي ماڻهون قومي جذبي تحت مدد نه ڪن ها ته اڄ ڪنهن به سنڌي چئنل جو وجود ئي نه هُجي ها. مونکي ياد آهي ته مرحوم پير امداد شاه راشديءَ ۽ مرحوم پير مظهر شاه راشدي آف نيو سعيد آباد سنڌ، احرا ڪيترا ڪارڊ حاصل ڪري مالي مدد ڪئي. ساليوُوڊ هڪ سوڄ آهي نه ڪه ڪو طبعي فرد، توهان به ساليوُوڊ آهيو. ساليوُوڊ سنڌي ماڻهن جي سوچ کي الائن ڪرڻ جي هڪ ڪوشش، جتي ساست به ناڪام وئي، ته سماجي ڪم به، ساليووڊ سيکاريندو ته پنهنجي صلاحين کي پاڻ آزمائي اڳتي ڪيئن وڌي سگهجي ٿو.