• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن متعلق ڪارڪردگيءَ جو تفصيل

ڪافي ڏينهن بعد دوستن کي پراجيڪٽ جي متعلق آگاهي ڏجي ٿي ته پراجيڪٽ جو ڪم جاري آهي ليڪن گرمي جي ڪري بالڪل سست رفتاري سان هلي رهيو آهي مڪمل تفصيل ڏيڻ لاء جن دوستن جي حوالي ڪم ڪيو ويو آهي انهن دوستن کي عرض آهي ته مهرباني ڪري جيتري قدر تحريري ڪم مڪمل ڪري چڪا آهن اهو ميل جي ذريعي موڪلي ڏين ته جيئن دوستن کي ٻڌائڻ ۾ آساني ٿيندي۔
جلد نمبر هڪ جو ڪم تقريبا اڍائي سو صفحا هڪ دوست مڪمل ڪيا هئا ليڪن ان جي هارڊ ڊسڪ خراب ٿيڻ جي ڪري اهو مواد به نه ملي سگهيو جلد نمبر2 ۽ 4 تقريبا مڪمل آهن جلد نمبر 3 جو به ڪافي حصو مڪمل آهي جلد نمبر 6 اڌ کان مٿي ٿي چڪو آهي جلد نمبر 7 محترم سارنگ صاحب جن جي حوالي ڪيل آهي جن فقط سو کن پيج موڪليا آهن فون تي پاڻ ٻڌايائون ته ڪم جاري آهي جلد نمبر 8 جو ڪم محترم سائين ابو واصف جن جي حوالي ڪيل هو ليڪن ڪجهه مصروفيتن جي ڪري پاڻ ڪم جاري نه رکي سگهيا سائين جن کي عرض آهي ته جيترو ڪم پاڻ ڪيو اٿن اهو ميل ڪن ته جيئن رهيل ڪم ٻين دوستن جي حوالي ڪجي جلد 9 پراڻي سنڌي ۾ ڪمپوز ٿيل آهي ان کي ايم بي سنڌي ۾ ڪنورٽ ڪرڻو پوندو۔ محترم سائين ذيشان رشيد ۽ سائين محمد سليمان وساڻ جن کي عرض آهي ته جن دوستن کان جلد نمبر 4 ڪمپوز ڪرايو اٿن انهن کي رهيل ڪم به ڏئي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ تعاون ڪندا ته سندن احسان ٿيندو۔
 
هن ٿريڊ کي ڏِسي خوشي ٿي ته سُٺي پيش رفت آهي۔
ڪُجهه ذاتي مجبورين ۽ فورم جي ڪُجهه ٻين ذميوراين جي ڪري جيڪو ڪم کنيو سو ئي پورو ڪري ڏِنو۔ وڌيڪ ڪم ڪري سگڻ جي فلحال حامي نه ٿي ڀري سگهجي۔
اُميد ته ڪم وقتائتو اُڪلجي ويندو۔
 
سائين رحيم بخش جن جي مهرباني ۔۔ جو ٿيل ڪم جو تفصيل ونڊين۔۔۔ سائين کي عرض آهي ته رهيل ڪم جو ڪجهه حصو مناسب ٽڪڙن جي صورت ۾ منهنجي اي ميل تي موڪلين۔۔۔ رمضان ويجهو آهي ۽ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جو سٺو موقعو پڻ ۔۔۔ ان ڪري ڪم جي رفتار ۾ اضافو ٿي پوندو۔۔۔
باقي دوستن کي عرض آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن پروفيشنل ڪمپوزر يا ڪنهن بيروزگار نوجوان سنڌي کي جيڪو سنڌي ڪمپوزيشن ڄاڻندو هجي جو نمبر ذاتي ڪچهري ۾ موڪلين ته جيئن ڪم کي اڳتي وڌائي سگهجي۔۔۔
 
سائين رحيم بخش صاحب مان ڪجهه اوهان جي خدمت ڪئي هئي هينئر رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪجهه ڪم موڪليو ته خدمت ضرور ڪبي ايڊريس اوهان وٽ موجود اهي
 
سائين رحيم بخش صاحب مان ڪجهه اوهان جي خدمت ڪئي هئي هينئر رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪجهه ڪم موڪليو ته خدمت ضرور ڪبي ايڊريس اوهان وٽ موجود اهي
سائين بالڪل اسان اوهان جا احسان مند آهيون الله توهان کي صحت و عافيت سان خوش رکي۔ اوهان جي مهرباني جو توهان پاڻ آفر پيش ڪئي ورنه اسان اوهان کي نه ٿي چئي سگهياسين هڪ ته في سبيل الله توهان اڳ ۾ ئي مدد ڪري چڪا آهيو وري بار بار چوڻ مناسب نه ٿي لڳو بهرحال توهان جي عنايت آهي الله توهان کي سلامت رکي۔ توهان جي ميل تي هڪ سو پيج موڪلي ڇڏيا آهن۔
 
سائين ڪم ٿي رهيو آهي ۽ سونپيل جلد جو مڪمل ڪمپوز ٿيل مواد اوهان کي چند ئي ڏينهن ۾ موڪلبو۔

ڪجهه طبيعت جي ناسازي ۽ ٻيو ته گرمين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ به متاثر ڪري رهي آهي۔ دعا ڪجو ته هي نيڪ ڪم جلدي اڪلائي سگهجي۔
 
سائين بالڪل اسان اوهان جا احسان مند آهيون الله توهان کي صحت و عافيت سان خوش رکي۔ اوهان جي مهرباني جو توهان پاڻ آفر پيش ڪئي ورنه اسان اوهان کي نه ٿي چئي سگهياسين هڪ ته في سبيل الله توهان اڳ ۾ ئي مدد ڪري چڪا آهيو وري بار بار چوڻ مناسب نه ٿي لڳو بهرحال توهان جي عنايت آهي الله توهان کي سلامت رکي۔ توهان جي ميل تي هڪ سو پيج موڪلي ڇڏيا آهن۔
سائين موادملي ويو آهي انشا الله رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ جلد پورو ڪري موڪليو ويندو
 
سائين محمد سليمان جن طرفان تقريبا سو پيج جلد نمبر پنج جا 367 کان 461 تائين موصول ٿيا سندن مهرباني جو هن ڪم ۾ سڀني کان وڌيڪ تحريري ڪم جي لحاظ سان سندن معاونت رهي آهي الله تعالى کين صحت و عافيت سان نوازي ۽ جن دوستن به هن ڪم ۾ معاونت ڪئي آهي الله تعالى انهن سڀني کي شاد و آباد رکي۔ آمين۔
 
آمين ثم آمين
 
اڄ سائين ابو واصف جن طرفان تقريبا ٻه سو پيج جلد نمبر 8 جا موصول ٿيا الله تعالى سندن ان معاونت کي قبول فرمائي، کين صحت و عافيت جي دولت سان نوازي ۔ ترجمو ان ۾ شامل نه آهي سائين جن کي گذارش آهي ته انهن پيجن جي ترجمي جي به عنايت ڪندا ته نهايت احسان ٿيندو۔
 
دوستن کي عرض آهي ته عيد جي ڪري في الحال ڳوٺ وڃڻ جي ڪري ٻه ٽي ڏينهن رابطو نه ٿي سگهندو، جو ڳوٺ ۾ نيٽ جي سهولت موجود نه آهي انشآء الله عيد کان بعد حاضر ٿينداسين اگر ڪو تفسير جي متعلق ڪم هجي بعد ۾ رابطو ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔ ٻه ٽي ڏينهن ڏيندا هن عاجز کي اجازت
ان دعا سان ته جاتي به هجو خوش هجو
ايڊوانس ۾ سڀني پيارن کي عيد جون روزن جو مبارڪون۔
 
دوستن جي معلومات ۾ هجي ته عيد لاء گهر وڃڻ کان اڳ سائين محمد سليمان وساڻ جن تفسير جي جلد نمبر 5 جا تقريبا 160 پيج عيد جي تحفي طور موڪلي ڏنا الله تعالى کين سلامت رکي۔ ان طرح جلد 4 ۽ 5 تقريبا پاڻ ئي مڪمل ڪري ڏئي چڪا آهن جلد 2 به تقريبا مڪمل آهي فقط ڪجهه پيج محترم زاهد سومرو جن وٽ رهيل آهن جلد 3 جو ڪم سائين ذيشان رشيد جن به تقريبا مڪمل ڪر چڪا هوندا جلد 6 جو ڪم اڌ کان مٿي ٿي چڪو آهي جلد 8 جا 200 پيج لکجي چڪا آهن جلد ستين جو ڪم محترم سارنگ جن حوالي ڪيو ويو آهي پاڻ تسلي ڏين پيا ته ڪم ٿي ويندو وڌيڪ الله تعالى ڀلائي ڪندو جلد 1 جو ڪم ڪجهه رهيل آهي وڌيڪ تفصيلي رپورٽ انشآء الله عيد کان بعد پيش ڪئي ويندي۔ تيستائين الله واهي۔
 
محترم رحيم بخش ڏاهري صاحب
السلام عليڪم
بعد عرض ته اوهان جي موڪليل امانت پوري ڪري اوهان ڏانهن موڪليان پيو ليڪن ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن انهن طرف ضرور ڌيان ڏيندا
پهريان ته صفحو 407 کان 410 تائين ،440، 446 کان 450 تائين پڻ کٽل آهي
ٻيو ته صفحو 481 بلڪل خراب حالت ۾ آهي جو لکڻ ته ٺهيو پڙهڻ ۾ به نٿو اچي
ٽيون ،صفحو 491 ۽ 492 جو پاڻ ۾ ربط ناهي مون پنهنجي اندازي مطابق پوئين ڪنهن صفحي سان ان جو ربط ڳنڍيوآهي ۽ ان سان گڏ اصل مواد پڻ اتي موجود آهي انڪري اوهان کي اهو مواد دهرايل نظر ايندو
آخر ۾ اوهان جي مهرباني جو ڪجهه وقت توهان کي انتظار ڪرڻو پيو ڇاڪاڻ ته رمضان شريف ۾ پڻ لوڊ شيڊنگ حد کان وڌيڪ هئي ان ڪري توهان کي گهڻو انتظار ڪرڻو پيو.
توهان جو شڪر گذار
عبدالجبار شيخ
ٿريچاڻي شريف ضلع سکر.
 
قبلا سائين اوهان جي مهرباني جو توهان اسان سان بي لوث ساٿ ڏنو آهي ان جو اجورو الله تعالى توهان کي عطا فرمائيندو، ٻه ٽي ڏينهن عيد جا ڳوٺ وڃڻ ٿيو ان ڪري ڪجهه ڏينهن جلد رابطو نه ٿي سگهيو توهان جي مهرباني جو توهان ڪم مڪمل ڪري موڪليو ۽ جيڪي ڪجهه ڪميون رهجي ويون آهن ان جي متعلق آگاهه پڻ ڪيو انشآء الله اصل نسخو به موجود آهي ان تان ڏسي انهن ڪمين کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي الله تعالى توهان کي سلامت رکي۔
 
اسلام عليڪم : ادا سائين رحيم بخش صاحب ڪجهه پيج موڏي بي اماڻيو سنڌي ڪمپوزنگ جي ڏات رب پاڪ مونکي بي ڏني آهي. آئون بي ڪجهه ثواب جو حصو حاصل ڪريان.
منهنجي ميل ايڊ رياض ملڪاڻي ايٽ جي ميل ڊاٽ ڪام. 03003318273
 
سائين توهان جي مهرباني توهان ڏي پيج موڪلي ڏبا انشآء الله جزاڪم الله خيرا.
 
Back
Top