دلاسو

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
دلاسو
مختيار مڱڻهار
منهنجا ننڍڙا، پيارا ڀاءُ.​
روئين ڇو ٿو، اوري آءُ​
تنهنجو پيءُ، الله ڏي ويو آ،​
حج تي وئي آ، تنهنجي ماءُ.​
حق گهرڻ جي، عظيم ڏوهه ۾،​
جيل رهي ٿو، تنهنجو ڀاءُ.​
ڀيڻ جو الڪو، ڪين ڪر مٺڙا،​
وڏيرو ڇڏيس ٿو، مٿس ساهه.​
تنهنجو ساٿي، ’مختيار‘ آهي،​
هي وٺ پئسا، شيءِ وڃي کاءُ.​
 
مختيار مڱڻهار جي هن دلاسي ۾ به ان خط وارو قصو آهي جنهن ۾ لکيل هو ته سڀ خئير آهي بس ناني مري وئي آهي ۔۔۔ لک قرب
 
Back
Top