نثارناز
سينيئر رڪن
سموري دنيا جا پيارا سنڌي دوستو۔۔۔۔۔۔۔۔ السلام عليڪم۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نمستي۔۔۔۔۔۔۔۔ جيئي سنڌ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪافي ڏينهن پهرين سنڌ سلامت لاءِ هڪ لوگو تيار ڪيو هُئم جنهن ۾ سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت ڍڳي گاڏين جي قطار ڏيکاري هُئم انهيءَ لوگو ۾ هي ٻه سِٽو شعر ته
ڪافي ڏينهن پهرين سنڌ سلامت لاءِ هڪ لوگو تيار ڪيو هُئم جنهن ۾ سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت ڍڳي گاڏين جي قطار ڏيکاري هُئم انهيءَ لوگو ۾ هي ٻه سِٽو شعر ته
مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو
لکيو هُئم، ان ٻه سٽي شعر جي لکڻ کان پوءِ اندر ۾ اها آس هُئي ته انهي جيجل سنڌ سان محبت جي اظهار واري ننڍي شعر کي ڪنهن غزل يا ڪنهن نظم جي رنگ ۾ آڻيان۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن کان هڪ هڪ سِٽَ لکي لکي اڄ انهيءَ ٻه سٽي شعر کي نظم جي رنگ ۾ رنگيو اٿم، ۽ پاور پوائينٽ ۾ هڪڙي غريباڻي ڊيزائن ۾ آڻي توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ڳالهه منهنجي جنم ڀومي جيجل ڌرتي ماءُ سنڌ جي آهي، سنڌ سان پيار جي آهي، توهان هن نظم کي ڪيئن ٿا ڀانيو، هي ٽي درجي وارو شاعر توهان جا واڌو ۽ ڪاٽو ٻنهي قسمن جا رايا ٻُڌڻ جو انتهائي آرزومند آهي۔۔۔۔۔۔۔گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو