سو شاعر ڪهڙو شاعر آ

'شيخ اياز' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سو شاعر ڪهڙو شاعر آ
    شيخ اياز
    2191 اٽيچمينٽ ڏسو 2191 اٽيچمينٽ ڏسو 2191 اٽيچمينٽ ڏسو
    ساءَ تنهنجي جي گھَڙي
    جيتري آهي مِٺي
    اوتري آهي ڪَڙي!
    زلف تنهنجا اڄ صنوبر وانگيان
    ٿا هوائن ۾ لُڏن،
    هِير ۾ تُنهنجي معطّر آرزو
    روح کي وَر وَر ڏِيَن،
    تون ڪٿي آهين؟ ڪڏهن کان آنءُ ڳوليان ٿو پيو
    جي پوي ٿو ڪو دَهو، تو لاءِ ڦوليان ٿو پيو
    سانجھ ٿي آ، سِجُّ سَر ۾ ٿو لَهي
    سارَ تنهنجي ٿي اچي،
    ڪيترائي ڀيرا مليا آهيون اسان؟
    ڪيترائي ڀيرا اڃان
    ڪا نئين صورت وٺِي،
    اوچتو ٻيهار گڏجاڻي ٿِئي.
    ڪيئن چئجي سارَ ٿي ساڻِي ٿئي،
    يا ڏسي رستو وَٺون،
    مُنهن ورائي شَڪَّ سان
    وَر ڪٿي؟ ڪنهن ڌنڌ ۾ رستو وڃي ٿو دور دور
    پر ڏٺو آهي ضرور
    هيءُ چهرو هيءُ نُور
    سِجُّ جئن سانجِهيءَ سَمئه سَر ۾ لهي،
    يا پرندو ڪو ڪَهي،
    ۽ افق ۾ دور غائب ٿي وڃي،
    ايترو وڇڙي وڃي،
    جو سدائين لاءِ هو وسري وڃي!

    رابيل جيان چهري واري!
    ڇو دير ڪري تون آئي آن؟
    مون پنهنجي رُتِّ ڪئي پُوري
    ۽ ڪيئي سانوڻ مينهن ڏٺا،
    ڪيڏا نه جھُڙالا ڏينهن ڏٺا!
    جِن منجھ جھِمِي
    مون لاءِ نِمِي
    ٽاري ٽاري،
    رابيل جيان چهري واري!
    هاڻي ته سرُء جي موسم آ
    ٿِي ڪيڏي اَڀري واءُ گھُلي،
    دل ڪونه ڇُلي
    ٿي ڇولين سان،
    ڪنهن وقت سُريلين ٻولين سان
    جي ڪينجھر مان
    مون ڪالهه ٻُڌيون-
    ڪيڏانهن ويون
    ايڏيون نوريون؟
    هاڻي ته رڳو تِن جون کاريون
    جي گذري ويئون سي ياريون
    ڪنهن وقت ملن ٿيون مياڻيءَ ۾،
    ۽ پاڻيءَ ۾
    پڙلاءُ نه آ، ڪيڏانهن وَيُون؟
    ٿي ڪنڌيءَ تي چمڪي واري،
    رابيل جيان چهري واري!
    ٿو جڏهن در تي سندم کڙڪو ٿئي
    ڄڻ دل گواهي ٿي ڏئي
    ”هيءَ آنهه تون“
    ۽ دريءَ جي ٻاهران جي پاٽِ تي
    ڪو ئي ڪبوتر ٿو اچي
    ۽ چهنب سان چوڳو چُڳي،
    ٿي دل چوي
    تون ڇو نه ٿي مون کي ڇَڏِين؟
    پيئي سَڏِين
    ”هيءَ آنهه تون“!
    ڪَنَّ منهنجا
    سَڏَّ تنهنجي لئه ڪَنائن ٿا پيا،
    ۽ اکيون
    ڄڻ مون رکيون
    تنهن راهه تي
    اڄ پير تُنهنجا پنڌ ۾ هوندا جِتي!
    ڏَسُ تنهنجو
    سِجَّ کي
    يا چنڊ کي ڪو ئي نه آ
    مون پڇيا سڀ کان پَتا
    نانهه ڪو پيرو ڏٺو تنهنجو هوا،
    رهگذر تي ڪيترا
    آدمي ٿو مان ڏسان
    ڄڻ شَڪَّ سان،
    ۽ پو چوان
    ”هِي آنهه تون“!
    ”هُو آنهه تون“.
    ”او اها ناهين، پريان هُو آنهه تون“
    ”۽ اڃا هُو آنهه تون“
    ٿورڙو اڳتي وڌان.
    ”هو آنهه تون“
    ڇا نه مون تو لاءِ چهرا ڳوليا!
    ڪيترا انبوه تو لئه ڦولِيا!
    تون ائين گم ٿي وئينءَ،
    جئن شفق ۾ سج وَڃي،
    ڀل نه ڪو مون کي مَڃي
    تون فقط روُيا هُئينءَ
    جي نه روُيا، ڇا هُئينءَ؟
    تون اگر منهنجي هجين
    زندگيءَ جي ساز تي
    مان اُهي نغما ٻُڌايان جي نه ڪنهن ڳاتا هجن
    تون اگر منهنجي هجين
    ڏينهن جو سورج مُکي
    سِجَّ بدران تو طرف نظرون کڻي، ساڳا
    انهيءَ جي نينهن جا ناتا هجن.
    ڇو ته منهنجي شاعري
    سُونهن تنهنجي ۾ ٻَري
    سِجَّ جئن، توکي اُجاري، نيڻ سڀ تو لاءِ
    ئي آتا هجن
    ڏينهن مڌ ماتا هجن
    تون اگر منهنجي هجين
    زندگيءَ جي راز تي
    مان اُهي نڪتا ٻڌايان جي نه ڪنهن ڄاتا هُجن
    پيارُ پورائي ڏِئي
    هر ڳالهه کي
    تو سوا جيڪا اڌوري ٿي رهي،
    تون جڏهن آهين ته پوري ٿي رهي
    تون نه ڄاڻين ٿي ته منهنجي چاندني
    تو رڳو مون کي جدائي ئي ڏني.
    بيوفائي ئي ڏني
    پو به مان ڳايان پيو
    ڪيترا اسرار سُلجھايان پيو،
    تون اگر منهنجي هجين...
    هي ماڻهو جي انسان اڃا
    ٿيا ڪونه آهن.
    هي ماڻهو جي حيوان اڃا،
    لُٽ مار ڪري ايئن موٽن
    خونخوار جئين چيتا موٽن،
    نَهن تن جا اڄ اڳ کان به وڏا،
    اڳ جيئن اکين ڏي اُڀرن ٿا؟
    جنهن وقت به ڏِس تنهن وقت هَڏا،
    هو چس منجھاران چُوپن ٿا،
    الله! اِهي اشرف آهن؟
    هي ظالم ۽ جاهل ناهن؟
    اشرف ته اُهي اخلاقُ سندءِ جي پيدا ڪَن
    انبوه اُٿي ڇا ٿا چاهن
    هو توڙ ڦوڙ ۽ هڙتالون!
    ۽ سِر تان مائُن جون شالون
    ڇو لاهن ٿا؟
    ڇو ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهن ٿا
    ۽ ڪيڏا ڪوڙ بدوڙ چئي
    هُو باهن ٿا
    هر ويريءَ تي،
    ۽ ڪاريءَ رات انڌيريءَ تي
    ايمان رکي پَڙ پائن ٿا،
    پو چوڌاري واجھائن ٿا
    ڪٿ باهه ڏئي ڪَن روشنيون؟
    هو جايون روز عبادت جون
    ٿا ايڏيءَ آگ حوالي ڪَن
    جئن شعلا تِن جا عرش پُڄن!
    الله! انهن کي ساڃهه ڏي
    ٿو تن کي پنهنجو موتُ سَڏي
    پر ان کان اڳ هي باهه وڏي
    هر پاڙي کي وچڙائن ٿا،
    ۽ ڪيڏا مَچَّ مچائن ٿا
    جي صدين لئه ٻجھندا نه ڪڏهن!
    هو ڇا نه ڪڏهن
    ڪنهن مسجد، دير، ڪليسا کي
    تنهنجيءَ ساريءَ دنيا کي
    هڪ تنهنجو ئي جلوو سمجھي،
    اپنائيندا،
    يا جت ڪٿ توکي ٻيو سمجھي
    تو ۾ اَمجِهي
    هڪ ٻئي جو خون وهائيندا؟
    قابيل جيان
    ٻي کي هابيل بڻائيندا؟
    الله! انهن کي ساڃهه ڏي
    جئن رنگ شفق جو سورج کي
    جرڪائي ٿو،
    ۽ هر شيءِ ۾ جھلڪائي ٿو،
    ۽ اندر جي اوجر ٿي ٿو،
    هي سورج هونءَ ته ٻاهر آ
    پر هي به حقيقت آهي جا
    ويڃائي اڳ ۾ آهي ڪنهن،
    ۽ هيءُ چيو در در تنهن
    هڪ سورج ماڻهوءَ اندر آ
    دن رات ٻجھي ٿو جو نه ڪڏهن،
    ۽ روشنيون ڦهلائي ٿو
    ۽ سَچَّ سڄو سمجھائي ٿو.
    ور ور وڃن ٿا ڇانئبا
    ڪارا ڪڪر
    مون لاءِ پر
    آ راهه ٽانڊاڻي جيان
    ڪوئي اُها
    مون کان ڇُپائي ٿو سگھي؟
    مون کان سندم رستو ڀُلائي ٿو سگھي؟
    اَشرفي گل جي مٿان
    ڏِس ته پوپٽڙا اُڏامن ٿا پيا،
    ۽ شفق- جھُل جي مٿان
    ڏُنڌ ڏي ڪَرها اُڏامن ٿا پيا.
    ڏِس ته هَر شيءِ ڪئن نه اُڏري ٿي وڃي!
    موت ڏي هَڪلي وڃي!
    هو نعري باز مري ويا سڀ
    سارا آواز مري ويا سڀ
    جن ڪالهه غريبيءَ آڙ وتي
    ۽ اهڙيءَ بي بيءَ آڙ وتي
    جنهن لاءِ تئي تي مانيءَ لئه
    ۽ بک ۾ ڪُک جي ڪانيءَ لئه
    هُو ڪونه اَٽو،
    جنهن لاءِ لٽو
    ٿي آندو ڪاريءَ رات رڳو،
    جنهن لاءِ اَجھو
    آڪاس هُيو.
    ڪنهن ڄاتو ٿي راڪاسَ هُيا؟
    هو جن جا نعرا آسَ هُيا
    جا آس نه، جَر تي ڦوٽو هئي،
    ڪيڏو نه تصور کوٽو هئي!
    اڄ تن جا نعرا رَدِّيءَ ۾
    هن صدّيءَ ۾
    تنهن جاءِ ڪٻاڙي وڪڻن ڀا
    جنهن جاءِ لٻاڙون لڳنديون هيون
    ۽ ماڻهوءَ جي ويساه مٿان
    ڪلهه تڳنديون هُيون.
    سو شاعر ڪهڙو شاعر آ
    جو آگ ڏِئي پيٽرول مٿان
    جئن ڌرتي ۽ آڪاس جلي
    ۽ شعلا نڪرن ٻوليءَ مان؟
    شاعر ته سدائين بَرکا ها
    جا ٿر بر ورسائيندي هئي،
    ٿوهر ۾ ڳاڙها ڦول ڏسي،
    جا گيت نوان ڳائيندي هئي!
    هو هَٿَّ دعا جا کڻندا ها
    جئن ٻائوريون ۽ روهيڙا
    سوَ چنڊ ستارا ٿي چمڪن،
    ۽ واريءَ تي چوڌار وَليون،
    جَهر جھر جھمڪن
    سي شعر ته رحمت وانگر ها
    تو جن مان رحمت ٺاهي آ!
    تون ڇا لئه باهه لڳائين ٿو
    جا هر ڪنهن لاءِ تباهي آ؟
    جا گھڙي توکان سوا گذري وئي
    سا اَجائي وئي فنا جي ٻَکَّ ۾،
    زندگيءَ جي جَکَّ ۾
    جيترو گھاريون اٿم
    پيار تُنهنجو
    اوترو ساريو اٿم.
    تون متان سمجھين ته آن وسري وَئي!
    شاخ کان وسري گلاب
    ايءُ ممڪن ئي نه آهي!
    حام کان وسري شراب
    ايءُ ممڪن ئي نه آهي!
    تو جيان ڪو ئي به خواب
    ٻيو وري اچڻو نه آهي،
    تون هئين توڙي سراب
    مان ته هان ڀٽڪي ٿَڪو
    زندگانيءَ ڀر اڃو
    ٿو وڃان تو پوئتان
    ۽ ٿيو مايوس ناهيان، مان اڃان!
    نهرو جھڙو نينهن تنهنجو آ حقيقت وانگيان!
    ٻُڪَّ ۾ مُنهن کي جھَلي
    ڪالهه تنهنجو پيارُ مون پيتو پئي
    چَپَّ منهنجا اڄ به منهنجي لَپَّ جي مون کي،
    گواهي ٿا ڏين،
    اُڃَّ تُنهنجي آ اڳي جئن، ٻي ترائيءَ تي ٻُجھن
    ايءُ ممڪن ئي نه آهي
    تون ته آهين هڪ جواب
    جو سوين منهنجا سوال
    حل ڪري ٿو!
    اُڃ ۾ مون لاءِ اوجل جَل ڪري ٿو
    دستياب،
    ۽ اچي ٿو هي خيال
    تون ڪٿي مون ۾ ته ناهين؟
    آنءُ توکي رُڃَّ ۾ ڳوليان پيو،
    جُڳ جگانتر ٿي ويا، جو اُڃَّ ۾ ڦوليان پيو
    تون ڪٿي مون ۾ ته ناهين؟
    تون ڪٿي مون ۾ ته ناهين؟
    دل اڃا ساٿُ ڏي
    دهڪندي رَهه اَڃان
    رُتِّ رابيل جي
    مَهڪندي رَهه اڃان
    جيئن ڪوئي پکي
    چمڪندي رهه اڃان
    سِجُّ اُڀري جڏهن
    ٻَهڪندي رهه اڃان
    دهڪندي رَهه اڃان دهڪندي رهه اڃان!
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تون متان سمجھين ته آن وسري وَئي!
    شاخ کان وسري گلاب
    ايءُ ممڪن ئي نه آهي!
    حام کان وسري شراب
    ايءُ ممڪن ئي نه آهي!

    شيخ اياز۔۔۔ عظيم شاعر ۔۔۔ سندس شاعريء مان تمام خوبصورت چونڊ ۔۔۔۔ وڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو