
هڪ دفعي هڪ امير گهراڻي جو والد پنهنجي پٽ کي ماڻهن جي غربت ڏيکارڻ لاءِ شهر کان ڳوٺ پنهنجي زرعي فارم تي وٺي ويو...
جتي ڪجهه ڏينهن ۽ راتيون گذارڻ کان پوءِ ٻئي واپس وريا ... واپسي تي والد پٽ کان پڇيو... ”ڳوٺ جو دورو ڪيئن گذريو...؟“
پٽ جواب ڏنو... ”تمام ڀلو بابا...“
پيءُ وڌيڪ پڇيو.. ”تو ڏٺو ته غريب ماڻهون ڪيئن زندگي گذاري رهيا هئا...؟“
پٽ جواب ڏنو.... ”ها بابا....“
پيءُ پڇيو...”پوءِ مون کي ٻڌائيندي ته هن دوري مان تو ڪهڙو سبق سکيو...؟“
پٽ چيو...”مون ڏٺو ته اسان وٽ هڪ ڪتو آهي... جڏهن ته هنن کي 4 ڪتا آهن... اسان وٽ وهنجڻ لاءِ هڪ ننڍو تلاء آهي.... جڏهن ته هنن کي اهڙي ڍنڍ آهي جنهنجو ٻيو ڪنارو ئي مون نه ڏٺو... اسان وٽ رات جو ڪجهه ولائتي بلب آهن.... جڏهن ته هن کي لاتعداد تارا.... اسان کي رهڻ لاءِ هڪ ننڍو زمين جو ٽڪرو آهي ... جڏهن ته هنن کي اڻ کُٽ زمين.... اسان وٽ نوڪر آهن جيڪي اسان جي خدمت ڪندا آهن... جڏهن ته هو پاڻ ٻين جي خدمت ڪندا آهن... اسان پنهنجو کاڌو خريد ڪري ايندا آهيون... پر هو پنهنجو کاڌو پاڻ پوکيندا آهن... اسان جي ملڪيت جي حفاظت لاءِ وڏيون ديوارون آهن... جڏهن ته انهن جي حفاظت انهن جا دوست ڪندا آهن...“
اهو ٻڌي پيءُ لاجواب ٿي ويو... پٽ وڌيڪ چيو...”بابا توهان جي تمام گهڻي مهرباني جو توهان اهو ڏيکاريو ته اسان ڪيترا غريب آهيون....“
سبق؛ اهو ڪيڏو نه عجيب آهي جو اسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي ان جو شڪر ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ آهيون... اسان کي گهرجي ته اسان پاڻ وٽ موجود هر شي جو قدر ڪريون خاص طور دوستن جو .... ڇو ته زندگي انتهائي مختصر آهي ۽ دوست تمام گهٽ....