زندگي جو سبق....

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي هڪ امير گهراڻي جو والد پنهنجي پٽ کي ماڻهن جي غربت ڏيکارڻ لاءِ شهر کان ڳوٺ پنهنجي زرعي فارم تي وٺي ويو...
    جتي ڪجهه ڏينهن ۽ راتيون گذارڻ کان پوءِ ٻئي واپس وريا ... واپسي تي والد پٽ کان پڇيو... ”ڳوٺ جو دورو ڪيئن گذريو...؟“
    پٽ جواب ڏنو... ”تمام ڀلو بابا...“
    پيءُ وڌيڪ پڇيو.. ”تو ڏٺو ته غريب ماڻهون ڪيئن زندگي گذاري رهيا هئا...؟“
    پٽ جواب ڏنو.... ”ها بابا....“
    پيءُ پڇيو...”پوءِ مون کي ٻڌائيندي ته هن دوري مان تو ڪهڙو سبق سکيو...؟“
    پٽ چيو...”مون ڏٺو ته اسان وٽ هڪ ڪتو آهي... جڏهن ته هنن کي 4 ڪتا آهن... اسان وٽ وهنجڻ لاءِ هڪ ننڍو تلاء آهي.... جڏهن ته هنن کي اهڙي ڍنڍ آهي جنهنجو ٻيو ڪنارو ئي مون نه ڏٺو... اسان وٽ رات جو ڪجهه ولائتي بلب آهن.... جڏهن ته هن کي لاتعداد تارا.... اسان کي رهڻ لاءِ هڪ ننڍو زمين جو ٽڪرو آهي ... جڏهن ته هنن کي اڻ کُٽ زمين.... اسان وٽ نوڪر آهن جيڪي اسان جي خدمت ڪندا آهن... جڏهن ته هو پاڻ ٻين جي خدمت ڪندا آهن... اسان پنهنجو کاڌو خريد ڪري ايندا آهيون... پر هو پنهنجو کاڌو پاڻ پوکيندا آهن... اسان جي ملڪيت جي حفاظت لاءِ وڏيون ديوارون آهن... جڏهن ته انهن جي حفاظت انهن جا دوست ڪندا آهن...“
    اهو ٻڌي پيءُ لاجواب ٿي ويو... پٽ وڌيڪ چيو...”بابا توهان جي تمام گهڻي مهرباني جو توهان اهو ڏيکاريو ته اسان ڪيترا غريب آهيون....“

    سبق؛ اهو ڪيڏو نه عجيب آهي جو اسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي ان جو شڪر ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ آهيون... اسان کي گهرجي ته اسان پاڻ وٽ موجود هر شي جو قدر ڪريون خاص طور دوستن جو .... ڇو ته زندگي انتهائي مختصر آهي ۽ دوست تمام گهٽ....
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام سبق آموز تحرير آهي واقعي هر دور ۾ انسان جو حرص نه کُٽڻ وارو رهيو آهي هڪ اهڙو ئي مضمون هن حڪايت ۾ به آهي ته هڪ غريب شڪوه ڪري رهيو هو ته الله تعالي مونکي غريب بنايو آهي وغيره۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ الله واري ٻڌو ان هن کي چيو ته تون مسڪين آهين چيائين ها ان درويش صفت انسان هن کي چيو ته چڱو تون هڪ اک مون کي ڏي ته توکي ڏه هزار روپيه ڏيان جو تنهنجو ڪم ته هڪ اک سان به هلي سگهي ٿو هن انڪار ڪيو وري چيائين ڀلا هڪ ٻانهن بهرحال ڪافي عضون جا نالا کڻي درويش ان کان پڇندو رهيو جڏهن هو ڪنهن به هڪ جي ڏيڻ لاء آماده نه ٿيو ته درويش هن کي چيو ته تون ته لکا پتي آهين پوء به پنهنجي رب جي شڪايت ٿو ڪرين ته توکي مسڪين ڪيو اٿس۔

    سو دوستو مالڪ مٺي اسان تي جيڪي احسان ڪيا آهن اهي ڳڻڻ کان ڳورا آهن الله تعالي فرمائي ٿو واِن تعُدوا نِعمَتَ اللهِ لا تُحصُوهَا ان الانسان لظلوم کفار يعني الله جون نعتون توهان ڳڻي نه سگهندؤ بيشڪ انسان (پنهنجي نفس تي) ظلم ڪندڙ نا شڪرو آهي۔
    مقصد ته پيارا ڀائرو الله جي نعمتن جو قدر ڪري جيڪي ڪجهه الله ڏنو آهي ان تي راضي رهي الله جو شڪر ڪجي ته بهتر آهي ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    بيشڪ سائين رحيم بخش صاحب

    اها ئي حقيقت آهي

    ادا رشيد لاجواب شيئرنگ آهي توهان جي مهرباني ادا

    اهڙي بهترين ۽ نصيحت آموز ڪهاڻي شيئر ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    سدائين گڏ sindhsalamatsaathsal
     
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين رشيد
    تمام بهترين نصيحت آموز تحرير آهي
    وري مٿان سائين رحيم بخش جي ريپلاء تحرير کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻو قصو، تمام سهڻو سبق ۽ مٿان وري دوستن جا تمام سهڻا رايا، هڪ ٻيو قصو به ڪجه هينئن آهي ته؛

    هڪ شهر ۾ هڪ مهاڻو رهندو هو ... مهاڻي وٽ هڪ ٻيڙي هوندي هئي جنهن ۾ چڙهي هو چار پنج مڇيون ماري ايندو هو ... ان ڳوٺ ۾ هڪ وڏو مڇين جو واپاري اچي ترسيو، جنهن ڏٺو ته هي مهاڻو ٻيڙيءَ جي هوندي سوندي بس ڪجهه مڇيون ماري هليو ٿي ويو ... سو هڪ ڏينهن کيس چيائين ته؛
    اوهان بس هي چار پنج مڇيون هڪ اڌ ڪلاڪ ۾ ماري هليا ٿا وڃو، ڇا انهن مڇين ۾ اوهانجو گذارو ٿي ٿو وڃي؟
    مهاڻي وراڻيو، الحمد الله ايترو ملي ويندو آهي جو پورو ڏينهن آرام سان گذري ويندو آهي ...
    واپاريءَ سوال ڪيو ته باقي بچيل وقت ۾ ڇا ڪندو آهين؟
    مهاڻي وراڻيو ته، تمام سٺو صرف ٿيندو آهي، الله جي عبادت ڪندو آهيان، گهر واريءَ سان گهر جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو آهيان ۽ ساڻس گڏ وڃي ويهندو آهيان ڪچهريون ڪندو آهيان، پنهنجن پاليل پکين ۽ جانورن کي کاڌو کارائيندو آهيان، گهر جي ڀرسان پوکيل ٻوٽن جي سار سنڀال ڪندو آهيان ۽ الله جا شڪر آهن ... وقت تمام سٺو گذرندو آهي ...
    واپاريءَ چيو ته توکي خبر آهي ته تون هن ٻيڙيءَ سان ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪري، ڪجهه وڌيڪ مڇيون ماريندي ته توکي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ الاهي ساترا پئسا ڪمائيندي؟
    مهاڻي پڇيو ته پو انهن پئسن سان ڇا ٿيندو؟
    واپاريءَ جواب ڏنو ته تون اڃان وڌيڪ ٻيڙيون خريد ڪري پنهنجي ڪاروبار کي وڌائي سگهندي، عام مارڪيٽ جي بجاءِ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ وڃي تون اڃان وڌيڪ دولت ڪمائيندي،
    مهاڻي وري پڇيو ته ان ۾ ڪيترو عرصو لڳي ويندو؟
    واپاريءَ جواب ڏنو ته 20 کان 25 سال
    مهاڻي سوال ڪيو ته جڏهن آءُ پوڙهو ٿيندس ته ان دولت سان ڇا ڪندس؟
    واپاريءَ وراڻيو؛ الله جي عبادت ڪندي، پنهنجي زال کي پيار ڏيندي، پنهنجي گهر جي ڀرسان واري باغ ۾ ٻوٽا پوکيندي، پنهنجن جانورن ۽ پکين کي پاليندي وغيره وغيره
    مهاڻي کلندي جواب ڏنو ته منهنجا دوست آءُ هن وقت به الله جي عبادت ڪريانٿو، پنهنجي زال کي پيار ڏيانٿو، هن وقت به ٻوٽا پوکيان ٿو، هن وقت به جانورن ۽ پکين کي پاليانٿو جي ايتري عرصي جي جدوجهد کانپوءِ به نتيجو ساڳيو ئي نڪرندو ته پوءِ هي سڄو خفت اجايو نه ٿيندو ...!!!

    حاصل سبق؛ انسان کي اهو ڏسڻ ضرور گهرجي ته هو جا جدوجهد ڪري رهيو آهي سا ڪٿي هروڀرو ته نه ڪري رهيو آهي ... جڏهن ته الله تعالا کيس ساڳيون سهولتون اڳواٽ ئي ڏئي رکيون آهن ...


    sindhsalamatsaathsal
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار قبلا اوهان جي مضمون ۾ به بهترين نصيحت آهي بس ااسان کي رب ڪريم صحيح سمجهه عطا فرمائي ان سان گڏ سمجهي وري ان تي عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو