هڪ دوست اهڙي سافٽويئر جي گهر ڪئي جيڪو وقت کي بچائيندي توهان کي اهڙي سهولت ڏئي جو توهان ڪنهن به اخبار، ميگزين، ڪتاب يا پي ڊي ايف فائيل کي نه صرف بهتر طريقي سان پڙهي سگهو پر انهن ۾ موجود تصويرن ۽ لکيل اکرن کي الڳ الڳ ڪاپي ڪري پنهنجي ڪم به آڻي سگهو ۔۔۔ دوست جي اها به خواهش هئي ته هو ڪنهن اخبار يا ميگزين کي جيڪڏهن سڪينر ذريعي سڪين ڪري ته انهن ۾ لکيل ٽيڪسٽ کي پڻ ڪاپي ڪري سگهي ۔۔۔۔ اهڙي سافٽويئر کي هڪ دفعو مون استعمال ڪيو هو پر نالو ذهن تي نه آيو ۔۔۔۔ اڄ اتفاق سان اهڙي سافٽويئر کي نيٽ تي ڏٺم سوچيم ڇو نه هن کي سنڌ سلامت تي محفوظ ڪري ڇڏجي ۔۔۔ جي ها هي سافٽويئر آهي فائين ريڊر پروفيشنل ۔۔۔ دوستن جي سهولت خاطر هن کي استعمال ڪرڻ جي طريقي ڪار کي به وڊيو جي صورت ۾ ڳنڍي رهيو آهيان ۔۔۔۔ پر ياد رهي ته هن سافٽويئر جي سکيا وڊيو جي 3 منٽ هلڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=Jz6oz0rhWfs آخر ۾ اهو سافٽويئر مفت ۾ مڪمل ورجن ڏيڻ واري دوست جي خواهش کي ان ڪري پورو ڪري رهيو آهيان ته هن جي ٽرائيل ورجن ۾ صرف اميج ۽ پي ڊي ايف فائيل ڏيکارڻ جي سهولت هئي سا به 30 ڏينهن لاءِ ۔۔۔ جنهن لاءِ الڳ ئي کوڙ سافٽويئر موجود آهن ۔۔۔ ان ڪري هن سافٽويئر جو تازو آيل 10 نمبر ورجن جيڪو 295 ميگا بائيٽ تي مشتمل آهي کي هيٺين ٽن حصن ۾ ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ حصو پهريون حصو ٻيون حصو ٽيون
سائين اوهان ته اسان جي لاء عيد ڪرائي ڇڏي منهنجي خيال ۾ ان سافٽوئير سان فقط هڪ دوست جو نه بلڪ کوڙ سارن دوستن جو فائدو ٿيندو تمام زبردست گهرج کي توهان پورو ڪيو آهي شال صحت سلامتي سان وڏي ڄمار ماڻيو
ادا سائين تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿئو، ادا ابوزين واقعي اهو سافٽويئر اسڪينر جي سي ڊيز ۾ به موجود هوندو آهي، پر جيتري تائين اسان کي ڪنهن سافٽويئر جي خبر ناهي پوندي ان وقت تائين اسان جي لاءِ اهو سافٽويئر ائين آهي جيئن ـ دٻلي ۾ ٺڪريون
سائين واقعي جيستائين سافٽوئير جي متعلق ڪا معلومات نه هجي تيستائين اهو ڄڻ ته بيڪار هوندو آهي جڏهن ڪودوست تجربو ڪري ٻڌائي ٿو ته هي هن مقصد لاء استعمال ڪيو ويندو آهي يا ان مان هي هي فائدا آهن پوء ته سڀني جي ڪم جو نڪريو پوي باقي سائين ابوزين جن لاء جيڪا شيء اسان پنهنجي پر ۾ نئي سمجهندا آهيو سا سائين گهڻو وقت اڳ۾ استعمال ڪري چڪا هوندا آهن سندن ذهن الله جي فضل سان تمام ايڪٽو آهي فورا ٻڌائيندا آهن ته سائين هي سافٽ ته فلائي طريقي سان هلندو مان ته کوڙ ڍير ساريون ڳاليهون کانئن ئي پڇندو آهيان باقي سائين عبدالوهاب جن ته مصروف آهن سو لفٽ ئي ڪونه ٿا ڪرائين۔ بهرحال سڄي سنگت کي الله خوش رکي اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي سنگت جي ساٿ مان اڃا به اميد آهي ته هڪ ٻئي جي مدد ذريعي انشآء الله سڀني کي فائدو ملندو رهندو۔