فائين ريڊر پروفيشنل

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ دوست اهڙي سافٽويئر جي گهر ڪئي جيڪو وقت کي بچائيندي توهان کي اهڙي سهولت ڏئي جو توهان ڪنهن به اخبار، ميگزين، ڪتاب يا پي ڊي ايف فائيل کي نه صرف بهتر طريقي سان پڙهي سگهو پر انهن ۾ موجود تصويرن ۽ لکيل اکرن کي الڳ الڳ ڪاپي ڪري پنهنجي ڪم به آڻي سگهو ۔۔۔
    دوست جي اها به خواهش هئي ته هو ڪنهن اخبار يا ميگزين کي جيڪڏهن سڪينر ذريعي سڪين ڪري ته انهن ۾ لکيل ٽيڪسٽ کي پڻ ڪاپي ڪري سگهي ۔۔۔۔
    اهڙي سافٽويئر کي هڪ دفعو مون استعمال ڪيو هو پر نالو ذهن تي نه آيو ۔۔۔۔ اڄ اتفاق سان اهڙي سافٽويئر کي نيٽ تي ڏٺم سوچيم ڇو نه هن کي سنڌ سلامت تي محفوظ ڪري ڇڏجي ۔۔۔ جي ها هي سافٽويئر آهي فائين ريڊر پروفيشنل ۔۔۔

    [​IMG]

    دوستن جي سهولت خاطر هن کي استعمال ڪرڻ جي طريقي ڪار کي به وڊيو جي صورت ۾ ڳنڍي رهيو آهيان ۔۔۔۔ پر ياد رهي ته هن سافٽويئر جي سکيا وڊيو جي 3 منٽ هلڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=Jz6oz0rhWfs

    آخر ۾ اهو سافٽويئر مفت ۾ مڪمل ورجن ڏيڻ واري دوست جي خواهش کي ان ڪري پورو ڪري رهيو آهيان ته هن جي ٽرائيل ورجن ۾ صرف اميج ۽ پي ڊي ايف فائيل ڏيکارڻ جي سهولت هئي سا به 30 ڏينهن لاءِ ۔۔۔ جنهن لاءِ الڳ ئي کوڙ سافٽويئر موجود آهن ۔۔۔ ان ڪري هن سافٽويئر جو تازو آيل 10 نمبر ورجن جيڪو 295 ميگا بائيٽ تي مشتمل آهي کي هيٺين ٽن حصن ۾ ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان ته اسان جي لاء عيد ڪرائي ڇڏي منهنجي خيال ۾ ان سافٽوئير سان فقط هڪ دوست جو نه بلڪ کوڙ سارن دوستن جو فائدو ٿيندو تمام زبردست گهرج کي توهان پورو ڪيو آهي شال صحت سلامتي سان وڏي ڄمار ماڻيو
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    اسڪينر سان گڏ مليل ڊرائيور سي ڊيءَ ۾ پڻ هي سافٽويئر موجود هوندو آهي.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿئو، ادا ابوزين واقعي اهو سافٽويئر اسڪينر جي سي ڊيز ۾ به موجود هوندو آهي، پر جيتري تائين اسان کي ڪنهن سافٽويئر جي خبر ناهي پوندي ان وقت تائين اسان جي لاءِ اهو سافٽويئر ائين آهي جيئن ـ دٻلي ۾ ٺڪريون
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين واقعي جيستائين سافٽوئير جي متعلق ڪا معلومات نه هجي تيستائين اهو ڄڻ ته بيڪار هوندو آهي جڏهن ڪودوست تجربو ڪري ٻڌائي ٿو ته هي هن مقصد لاء استعمال ڪيو ويندو آهي يا ان مان هي هي فائدا آهن پوء ته سڀني جي ڪم جو نڪريو پوي باقي سائين ابوزين جن لاء جيڪا شيء اسان پنهنجي پر ۾ نئي سمجهندا آهيو سا سائين گهڻو وقت اڳ۾ استعمال ڪري چڪا هوندا آهن سندن ذهن الله جي فضل سان تمام ايڪٽو آهي فورا ٻڌائيندا آهن ته سائين هي سافٽ ته فلائي طريقي سان هلندو مان ته کوڙ ڍير ساريون ڳاليهون کانئن ئي پڇندو آهيان باقي سائين عبدالوهاب جن ته مصروف آهن سو لفٽ ئي ڪونه ٿا ڪرائين۔ بهرحال سڄي سنگت کي الله خوش رکي اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي سنگت جي ساٿ مان اڃا به اميد آهي ته هڪ ٻئي جي مدد ذريعي انشآء الله سڀني کي فائدو ملندو رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو