نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو، محمد رمضان دلدار چڍڙ جو نئون ايندڙ ڪتاب ”معاشرتي ڪهاڻيون“ مان ڪمپيوٽر ڪمپوز ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔ ڪافي ساريون ڪهاڻيون ڪمپوز ڪري ورتيون اٿم۔۔۔۔۔۔ ڪالهه پاڻ ماتليءَ مان فون تي حال احوال ڪيائين ته کيس سنڌ سلامت لاءِ ڪهاڻي ”سج ۽ چنڊ“ جي گُذارش ڪئي مانس۔۔۔۔ هميشهه جيان کلندي چيائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ناز اسان مُئا آهيون توهان جيئرن جي وس۔۔۔۔۔ جيئين تنهنجي دل چاهي تون ڪري ڇڏ۔۔۔۔۔۔۔۔ ته دوستو پيش آهي محمد رمضان دلدار چڍڙ آف ماتلي شهر جي نئين ايندڙ ڪتاب مُعاشرتي ڪهاڻيون مان هڪ ڪهاڻي
مون وارو يار زاهد ”زخمي“ هو ته مسلمان پر صبح جو اُٿي سج جي سلامي ڪندو هو، ۽ پوڄا پاٽ ڪندو هو ! مون پڇيومانس ته زاهد ”زخمي“ تون مسلمان ٿي ڪري ائين ڇو ٿو ڪرين؟ وراڻيائين ته اسان اصل”سج ديوتا“ جا پوڄاري هئاسين اسان جي نسل جي ”سج ديوتا“ سان ايتري ته محبت وڌي جو اسان جو نسل پاڻ کي ”سج ديوتا“ جو اولاد سڏرائڻ لڳو بعد ۾ مذهب بدلبا رهيا پر اسان واري نسل مان سڄي پوڄا ختم ڪانه ٿي اِن ڪري آئون هر روز اڀرندڙ سج جي سلامي ڪندو آهيان، آئون ته پنهنجي اولاد کي ابه اها تعليم ڏيندس ته توهان به هرروز اڀرندڙ سج کي سلام ڪجو ، ان ڳالهه ۾ توهان جو ۽ توهان جي ايندڙ نسل جو ڀلو آهي ، اِن خيال جو رڳو آئون ڪونه آهيان پر مون جهڙا هزارين ماڻهو اِن خيال جا آهن............ ! ؟ مون چيومانس يار زاهد ”زخمي“ ”چنڊ“ به ديوتا آهي، پوءِ اُن جي سلامي ڇو نٿو ڪرين؟؟......... کلندي چيائين ته ٻنهين ۾ وڏو فرق آهي حيران ٿيندي پڇيومانس ته اُهو وري ڪهڙو؟؟ ....... چيائين ته چنڊ رات جو ٿو اڀري پر سج ڏينهن جو چنڊ کي ڏسي اسان کي سُستي ٿي چڙهي...... ننڊ ٿِي اچي..... چنڊ جو ”جوڀن“ اسان تي خاص اثر نٿو ڪري پر سج جو ”جوڀن“ اسان کي پگهاريو ڇڏي، گُهٽ گرمي کان سواءِ اسان کي مٿي ۾ ڦيري يعني چڪر ڏياريو ڇڏي... چنڊ کي ته اسان اٺ اٺ ڪلاڪ اکيون ملائي ڏسي سگهون ٿا پر سج کي اسان 2 منٽ به اکيون ملائي ڏسي نٿا سگهون... اسان ۾ ايتري همت ۽ طاقت نه آهي جو سج سان اکيون ملائي سگهون؟......... آخر اسان کي پنهنجي صحت ۽ اکين جو خيال به ته رکڻو آهي، پنهنجو بچاءُ به ڪرڻو آهي نه دوست........ ....؟ چيومانس ته پوءِ ڀلا ”چڪور“ چنڊ سان ايتري محبت ڇو ٿو ڪري؟؟ وراڻيائين ته اُن جو ٻيو سبب آهي........... پڇيومانس ته اُهو وري ڪهڙو؟......... چيائين ته اُهو ايهو ته ”چڪور“ هڪ نظرياتي عاشق آهي ڪوبه نظرياتي عاشق اڀرندڙ سج کي سلام ڪري نٿو سگهي ! ............؟؟؟
ڪمپوز : نثاراحمد ناز
”سج ۽ چنڊ“
از : محمد رمضان دلدار چڍڙ ماتلي ضلع بدين سنڌمون وارو يار زاهد ”زخمي“ هو ته مسلمان پر صبح جو اُٿي سج جي سلامي ڪندو هو، ۽ پوڄا پاٽ ڪندو هو ! مون پڇيومانس ته زاهد ”زخمي“ تون مسلمان ٿي ڪري ائين ڇو ٿو ڪرين؟ وراڻيائين ته اسان اصل”سج ديوتا“ جا پوڄاري هئاسين اسان جي نسل جي ”سج ديوتا“ سان ايتري ته محبت وڌي جو اسان جو نسل پاڻ کي ”سج ديوتا“ جو اولاد سڏرائڻ لڳو بعد ۾ مذهب بدلبا رهيا پر اسان واري نسل مان سڄي پوڄا ختم ڪانه ٿي اِن ڪري آئون هر روز اڀرندڙ سج جي سلامي ڪندو آهيان، آئون ته پنهنجي اولاد کي ابه اها تعليم ڏيندس ته توهان به هرروز اڀرندڙ سج کي سلام ڪجو ، ان ڳالهه ۾ توهان جو ۽ توهان جي ايندڙ نسل جو ڀلو آهي ، اِن خيال جو رڳو آئون ڪونه آهيان پر مون جهڙا هزارين ماڻهو اِن خيال جا آهن............ ! ؟ مون چيومانس يار زاهد ”زخمي“ ”چنڊ“ به ديوتا آهي، پوءِ اُن جي سلامي ڇو نٿو ڪرين؟؟......... کلندي چيائين ته ٻنهين ۾ وڏو فرق آهي حيران ٿيندي پڇيومانس ته اُهو وري ڪهڙو؟؟ ....... چيائين ته چنڊ رات جو ٿو اڀري پر سج ڏينهن جو چنڊ کي ڏسي اسان کي سُستي ٿي چڙهي...... ننڊ ٿِي اچي..... چنڊ جو ”جوڀن“ اسان تي خاص اثر نٿو ڪري پر سج جو ”جوڀن“ اسان کي پگهاريو ڇڏي، گُهٽ گرمي کان سواءِ اسان کي مٿي ۾ ڦيري يعني چڪر ڏياريو ڇڏي... چنڊ کي ته اسان اٺ اٺ ڪلاڪ اکيون ملائي ڏسي سگهون ٿا پر سج کي اسان 2 منٽ به اکيون ملائي ڏسي نٿا سگهون... اسان ۾ ايتري همت ۽ طاقت نه آهي جو سج سان اکيون ملائي سگهون؟......... آخر اسان کي پنهنجي صحت ۽ اکين جو خيال به ته رکڻو آهي، پنهنجو بچاءُ به ڪرڻو آهي نه دوست........ ....؟ چيومانس ته پوءِ ڀلا ”چڪور“ چنڊ سان ايتري محبت ڇو ٿو ڪري؟؟ وراڻيائين ته اُن جو ٻيو سبب آهي........... پڇيومانس ته اُهو وري ڪهڙو؟......... چيائين ته اُهو ايهو ته ”چڪور“ هڪ نظرياتي عاشق آهي ڪوبه نظرياتي عاشق اڀرندڙ سج کي سلام ڪري نٿو سگهي ! ............؟؟؟
ڪمپوز : نثاراحمد ناز