”سج چنڊ“ ڪهاڻي (از : محمد رمضان دلدار چڍڙ ماتلي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو، محمد رمضان دلدار چڍڙ جو نئون ايندڙ ڪتاب ”معاشرتي ڪهاڻيون“ مان ڪمپيوٽر ڪمپوز ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔ ڪافي ساريون ڪهاڻيون ڪمپوز ڪري ورتيون اٿم۔۔۔۔۔۔ ڪالهه پاڻ ماتليءَ مان فون تي حال احوال ڪيائين ته کيس سنڌ سلامت لاءِ ڪهاڻي ”سج ۽ چنڊ“ جي گُذارش ڪئي مانس۔۔۔۔ هميشهه جيان کلندي چيائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ناز اسان مُئا آهيون توهان جيئرن جي وس۔۔۔۔۔ جيئين تنهنجي دل چاهي تون ڪري ڇڏ۔۔۔۔۔۔۔۔ ته دوستو پيش آهي محمد رمضان دلدار چڍڙ آف ماتلي شهر جي نئين ايندڙ ڪتاب مُعاشرتي ڪهاڻيون مان هڪ ڪهاڻي

    ”سج ۽ چنڊ“

    از : محمد رمضان دلدار چڍڙ ماتلي ضلع بدين سنڌ

    مون وارو يار زاهد ”زخمي“ هو ته مسلمان پر صبح جو اُٿي سج جي سلامي ڪندو هو، ۽ پوڄا پاٽ ڪندو هو ! مون پڇيومانس ته زاهد ”زخمي“ تون مسلمان ٿي ڪري ائين ڇو ٿو ڪرين؟ وراڻيائين ته اسان اصل”سج ديوتا“ جا پوڄاري هئاسين اسان جي نسل جي ”سج ديوتا“ سان ايتري ته محبت وڌي جو اسان جو نسل پاڻ کي ”سج ديوتا“ جو اولاد سڏرائڻ لڳو بعد ۾ مذهب بدلبا رهيا پر اسان واري نسل مان سڄي پوڄا ختم ڪانه ٿي اِن ڪري آئون هر روز اڀرندڙ سج جي سلامي ڪندو آهيان، آئون ته پنهنجي اولاد کي ابه اها تعليم ڏيندس ته توهان به هرروز اڀرندڙ سج کي سلام ڪجو ، ان ڳالهه ۾ توهان جو ۽ توهان جي ايندڙ نسل جو ڀلو آهي ، اِن خيال جو رڳو آئون ڪونه آهيان پر مون جهڙا هزارين ماڻهو اِن خيال جا آهن............ ! ؟ مون چيومانس يار زاهد ”زخمي“ ”چنڊ“ به ديوتا آهي، پوءِ اُن جي سلامي ڇو نٿو ڪرين؟؟......... کلندي چيائين ته ٻنهين ۾ وڏو فرق آهي حيران ٿيندي پڇيومانس ته اُهو وري ڪهڙو؟؟ ....... چيائين ته چنڊ رات جو ٿو اڀري پر سج ڏينهن جو چنڊ کي ڏسي اسان کي سُستي ٿي چڙهي...... ننڊ ٿِي اچي..... چنڊ جو ”جوڀن“ اسان تي خاص اثر نٿو ڪري پر سج جو ”جوڀن“ اسان کي پگهاريو ڇڏي، گُهٽ گرمي کان سواءِ اسان کي مٿي ۾ ڦيري يعني چڪر ڏياريو ڇڏي... چنڊ کي ته اسان اٺ اٺ ڪلاڪ اکيون ملائي ڏسي سگهون ٿا پر سج کي اسان 2 منٽ به اکيون ملائي ڏسي نٿا سگهون... اسان ۾ ايتري همت ۽ طاقت نه آهي جو سج سان اکيون ملائي سگهون؟......... آخر اسان کي پنهنجي صحت ۽ اکين جو خيال به ته رکڻو آهي، پنهنجو بچاءُ به ڪرڻو آهي نه دوست........ ....؟ چيومانس ته پوءِ ڀلا ”چڪور“ چنڊ سان ايتري محبت ڇو ٿو ڪري؟؟ وراڻيائين ته اُن جو ٻيو سبب آهي........... پڇيومانس ته اُهو وري ڪهڙو؟......... چيائين ته اُهو ايهو ته ”چڪور“ هڪ نظرياتي عاشق آهي ڪوبه نظرياتي عاشق اڀرندڙ سج کي سلام ڪري نٿو سگهي ! ............؟؟؟
    ڪمپوز : نثاراحمد ناز
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هائو سائين! چڙهندڙ سڇ جي سلامي ڪرڻ واري فلسفي جا به ڪئي رنگ آهن ۽ ڪئي معنائون ...

    اڄڪلهه جي نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جو ڪجهه آهي سو اڄ آهي، ڪلهه تي گذري ويئي، سڀاڻي جي ڪهڙي خبر؟... سو اڄ جي سج کي سلام ڪيو ۽ خوش رهو ...

    ٻي سندس سماجي ۽ سياسي معني آهي ته جو طاقت ۾ آهي، اڀريل آهي، انهن جي پويان لڳجي ... انهن کي لڳ ڀڳ موقع پرست به چئبو آهي ...

    باقي ڪي ته انسان هوندا آهن جي پنهنجا سج اڀاري وٺندا آهن. اونده ۾ ڪئي روشن سج اڀاري قوم لئه روشني مهيا ڪندا آهن ۽ روشني پئدا ڪري وٺندا آهن ...

    چڍڙ صاحب به شايد پنهنجي ڪردار کي چڙهندڙ سج جي سلامي جي صلاح ڏئي اڄڪلهه جي موقع پرست انسانن واري روش اختيار ڪرائي، اسانجي اکين کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ...

    ڪالهوڪي کي ڪهڙو تاءُ اڄ ڪو اجرو سج اڀار ....

    سهڻي ۽ پر معني مختصر ڪهاڻي آهي ... مهربانيون ونڊ ڪرڻ جون ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار گذريا آهن ۽ موجود آهن جن دنيا ۾ هر برائي کي سنوارڻ لاء ڪوشش ڪئي آهي چڍڙ صاحب اهڙن ئي سپوتن مان هڪ آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو