گوشه نشين عالم ۽ مفسر قرآن مجيد علامه علي خان ابڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]


    اياز ۽ رباني جو جگري دوست جمال ابڙو سنڌي افساني جو چيخوف آهي،هن جي فني جمالياتي جي ڀيٽ اردو جي سعادت حسن منٽو، بيدي ۽ ڪرشن چندر سانڪري سگهجي ٿي، حالانڪه هو انهن ٽنهي اديبن کان ترقي پسندي واري تحريڪ ۾متاثر ته ضرور ٿيو هوندو ۽ هئو به پر آخر ۾ گهٽ لکيائين، تمام مختصر ڪهاڻين (تعداد۾) لکڻ جي باوجود، هاڻ سنڌي ٻولي جو واحد ۽ بلاشڪ ڪلاسڪ مهان ڪهاڻيڪارآهي، جنهن کي هڪ جديد ماڊل افسانه نويس چئي سگهجي ٿو. سندس والدمحترم علامه علي خانابڙوجمال جي چواڻي ”هڪ وڏو ماڻهو هو“ بدر ابڙو پنهنجي پياري ڏاڏا سائين جي باري ۾ اکر لکندي ٻڌائي ٿواهاسن 2000ع ڌاري جي ڳالهه هوندي، جڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين (جمال ابڙي) ڪنهنڳالهه تان چيو ته متان ڪڏهن وڏائي ۾ پئو! توهان کي ڪا غلط فهمي نه هجي، انڪري ٿو چوان ته وڏائي ته جيڪر آئون ڪريان ها، ڇو ته منهنجو پيءُ، توهان جيپيءُ کا وڏو ماڻهو هو.“ بدرچئي ٿو ته هن جنهن وقت اهي اکر چيا، آئون سندس اکين ۾ چمڪ ڏسي حيران ٿيويو هئس، بابا سائين هميشه اکيون اکين سان ملائي ڳالهائيندو هو، مون کي اهاچمڪ ۽ لهجو اڄ تائين ياد آهي، بابا سائين عدليه ۾ جج، سنڌ حڪومت ۾سيڪريٽري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي عهدن تي رهي چڪو هو، منهنجي لاءِ اهاحيرت جي ڳالهه هئي ته علي خان ابڙو هن کان وڏو ماڻهو ڪيئن هو؟ انهيءَيادگار واقعي کي بيان ڪرڻ سان گڏ هو هڪ ٻئي قصي کي به دهرائي ٿو، ان ساڳيپيش لفظ ”ٻه اکر“ (ڪتاب علامه علي خان ابڙو، علمي خدمتون) ۾ بدر ابڙو هڪحڪايت بيان ڪري ٿو.هڪڏينهن (1987ع) ڌاري جڏهن آئون هلال پاڪستان ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر طور پنهنجيڊيوٽي ۾ مصروف هئس، هڪ جهونڙو شخص ڪورٽ ويو بلڊنگ (بندر روڊ) ۾ چڙهي آيو،اچڻ سان سلام عليڪم چئي پڇيائين ”توهان مان بدر ابڙو ڪهڙو آهي؟ مون کيسپنهنجي ڀرسان ڪرسي تي ويهاري چانهه آڇي ۽ چيم سائين آئون آهيان، حڪمڪريو!؟“ چيائين ڪجهه به نه علامهعلي خان ابڙو منهنجو استاد هو، مون ٻڌو آهي ته ان جو پٽ جمال الدين ابڙوآفيسر آهي ۽ لکندو آهي ۽ تنهن جو پٽ بدر ابڙو به لکندو آهي ۽ هلال پاڪستان ۾ڪم ڪندو آهي، آئون فقط پنهنجي استاد جي سڪ لاهڻ لاءِ تو کي ڏسڻ آيوآهيان، هيءُ ماستر بشير احمد جوکيو هو، جنهن جو ڳوٺ ڪاٺوڙ، گڏاپ طرف هو،ابڙو صاحب گڏاپ اسڪول ڏانهن اٺ تي چڙهي ويندو هو، ماستر جي وڃڻ کان پوءِپهريون ڀيرو مون سوچيو هو ته علي خان ابڙي جي شخصيت ڪافي اثر انگيز هوندي،جنهن جو شاگرد، 35-40 سالن جي سڪ لاهڻ لاءِ مون سان اچي مليو هو، اها آهيعلي خان ابڙي جي ڪالم ڪهاڻي جي ابتدا، بدر ابڙي لاءِ ماستر صاحب ۽ سندسوالد جمال ابڙي وارا ٻئي واقعا، اتساهه جو باعث بڻجي ويا. هن پڪو پهه ڪيوته هو علامه علي خان ابڙي کي ٻيهر نئين سري سان ڳولهي(Rediscover) ڪري۽ سندس گم ٿيل ڪتابڙا، مضمون ۽ تقريرون جيڪي بقول شخصي سڀ وقت جي دز ۾ گمٿي چڪا هئا، جمع ڪري ٻيهر شايع ڪرائي، بدر ابڙي کي گهڻو کان گهڻي موادسنڌالاجي (ڄامشوري) سنڌ آرڪائيوز ڪراچي، سکر ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي لائبريرين مانهٿ آيو، ڪجهه مواد گهوٽڪي، ميرپورماٿيلي، ميرپورخاص، ڇني (تعلو جوهي، ضلعودادو) گڏاپ ۽ ٻين شهرن جي خانگي ڪتب خانن مان به مليو ۽ ڪجهه مواد خودمولف (بدر ابڙي) جي ذاتي لائبريري ۾ موجود هو، جڏهن سڄو قيمتي مواد سهيڙيوويو ته خبر اها پئي ته انهن ۾ سڀ کان پراڻو مضمون سال 1917ع جو آهي، جيڪوبدر ابڙي جي راءِ موجب ايترو ته پڪو پختو آهي جو صاف ڏسجي ٿو ته علي خانابڙو ان مضمون کان ڪافي اڳ لکندو رهيو هو.علامهابڙو صاحب 91-1890 ڌاري ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ۾ ڄائو هو، جنهن مان اهوواضح آهي ته سن 1917ع واري مضمون لکڻ وقت سندس ڄمار 27 سال هئي ۽ ان حسابسان ابڙي صاحب 1910 کان 1915ع ڌاري ڪنهن وقت باقاعدي لکڻ شروع ڪيو هوندو،اهو اندازو بدر ابڙي صاحب جو آهي جيڪو معقول ۽ مدلل لڳي ٿو، وڌيڪ ريسرچ ڪونه ٿيل آهي، الائي ڇو؟ بدر ابڙو ٻڌائي ٿو ته علامهعلي خان ابڙو پوري طرح شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽي جو همعصر آهي،سندس ٻيا سهيوگي اديب ۽ عالم خاص ڪري علامه آءِ آءِ قاضي (1968-1886) مولانا دين محمد وفائي (1950-1893) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي (1950-1876)، ڊاڪٽر هوچند مولچند گربخشاڻي (1947-1884) خان بهادر محمد صديق ميمڻ (سنڌ جي ادبي تاريخ فيم) آهن. ابڙيصاحب رٽائرمينٽ کان ستت پوءِ عارفيه قلب جي مرض ۾ مبتلا ٿي ڪراچي ۽حيدرآباد جي گهما گهمي واري ادبي علمي ماحول کي ترڪ ڪري لاڙڪاڻي جي ڪرماباغ محلي ۾وڃي گوشه نشيني اختيار ڪئي، انهيءَ ناچاقائي واري حالت ۾ قرآن شريف جي ”تفسير المنيرجي نهايت سنجيده ڪم ۾ پوري طرح مصروف ۽ محو رهيو ۽ انهيءَVoluntary” (خوداختيار ڪيل) گوشهءِ عافيت ۾ آگسٽ 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو، جيئن پاڻمرادو وڏن شهرن جي اخباري ۽ جريدن واري گرما گرم ادبي مناظرانه ماحول کانپاسائتو رهيو ان ڪري جلد ئي تاريخ جي ورقن جو ڄڻ ته هڪ وسريل باب بڻجي ويو ۽سدوري سنڌي قوم جي گڏيل شعور(Collective Consciousness) ۽ حافظي تان محو عدم ٿي ويو.
    محترمبدر ابڙو افسوس سان انڪشاف ڪري ٿو ته علامه صاحب جا ڪيترا انمول ادبي،تعليمي، علمي، ڪتابڙا ۽ اخباري مضمون محفوظ نه رهيا، خود سندن ذاتيلائبريري 1943ع واري ڪاري مها ٻوڏ ۾ لڙهي وئي، جيڪا ڳوٺ سانگي (ميهڙ) ۾هئي، وري هي ڳوٺ 5 سيپٽمبر 2010 تي مها ڪاري ٻوڏ جي هيٺ آيو. علامه صاحب جوباڪمال علمي پورهيو(Magnum-Opus) ”تفسيرالمنير“ ڪجهه نامعلوم ڪارڻ سبب سندن حياتي ۾ ڪو نه ڇپيو، بلڪه اهو پوراپنجاهه ورهين بعد ”سنڌيڪا“ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، هن تفسير جي ڇپجڻ بعد،علامه علي خان ابڙو واقعي وقت جي ڌزڪو هيڙي مان نڪري نروار ٿيو ۽ سنڌ سڳوريجي عالمن، اديبن، دانشورن هن کيRediscover (وري دريافت) ڪيو آهي، هن عظيم تعليمدان، اصلاح پسند، سماج سڌارڪReformerصحافي جي پيغام کي وري اجاگر ڪيو ويو آهي، حالانڪه سندن وفات ۽ هن تفسير جي وچ ۾ ٻن ٽنGenerations (ٽهين) جي وٿي موجود آهي.سائينجمال ابڙي جن 20 سيپٽمبر 1946ع تي ”تفسير المنير“ جي مهاڳ ۾ لکن ٿا ته مونکي بابا جو آخري خط 30 جون 1954ع ۾ مليو، جنهن ۾ لکيو هئائون ته تفسيرمڪمل ٿيڻ سان سندس زندگي جو مقصد پورو ٿي چڪو هو.“ جيتوڻيڪ جمال ابڙي صاحبمطابق انگريزي ادب ۽ ٻولي جا شاهڪار ڪتاب پاڻ (علي خان ابڙو) هميشه پاڻ سانگڏ رکندو هو پر سندسوالهانه محبت هئي، حضرور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سيرت پاڪ ۽ قرآن حڪيمسان قرآن حڪيم جو ڪو اهڙو ترجمو يا تفسير نه هو جيڪو سندن مطالعي ۾ نه آيوهجي.حضرتشاهه ولي الله دهلوي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا اشرف علي ٿانوي،علامه عبدالله يوسف علي، لنڊن جي خواجه ڪمال الدين، مارما ڊيوڪ، پڪيٿال (انگريز نَو مسلم) ڪي ايل گابار (نو مسلم خالد لطيف) ۽ علامه عنايت اللهمشرقي وغيره جي لکڻين ۽ خيالن جو چڱي طرح مطالعو هئس ۽ وٽس هر وقت عالمسڳورن جي آمد ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري هوندو هو، پاڻ مولانا تاج محمدامروٽي کان گهڻو متاثر هئا ۽ اڪثر وٽن حاضري ڀريندا هئا. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ 40سال لکندا رهيا. انهن مان ڪيترا ڪتاب قرآن، سيرت، اسلامي اخلاق ۽ معاشريبابت لکيائون جيڪي تمام مقبول ٿيا ۽ اسلامي سوچ جي جديد لهر سڄي سنڌ ۾گونجي اٿي. محمد عثمان ڏيپلائي کانئن گهڻو متاثر هو ۽ اڪثر وٽن ايندو هو،جيڪي انقلابي سوچ رکندڙ عالم هئا، سي به وٽس ايندا هئا، باقي مولانا محمدصادق کڏي واري وٽ پاڻ پنهنجي سر وڃي علم جو فيض حاصل ڪندا هئا. جمال ابڙوهن تفسير جي لکڻ وارن سببن جي وضاحت ڪندي ”مهاڳ“ ۾ ٻڌائي ٿو ته
    علامه صاحب تفسير المنير (روشن تفسير) ويهين صدي جي پُرآشوب ۽ اٿل پٿل واري(Cataclysmic) دور۾ترتيب ڏنو يا لکيو. سڄي عمر روزانو قرآن شريف يا تفسير جو مطالعو ڪنديکينمحسوس ٿيو ته کيس عوام الناس لاءِ سليس ترجمو ۽ تفسير لکڻ کپي
    سو ڪيترن عالمن سڳورن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي 1945ع ڌاري تفسير لکڻ شروعڪيائين. جيڪي ڪجهه لکندو رهيو، سو عالمن سڳورن کي وقت به وقت ڏيکاريندو ۽ان متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪندو رهيو. مولانا ابوالڪلام ۽ علامه يوسف علي جاتفسير سندس پسنديده هئا، پر سندس دلي ۽ روحاني لاڙو مولانا تاج محمدامروٽيءَ ڏانهن هو. آخري دور ۾ هن جون تفصيلي ملاقاتون حضرت مولانا پيرعبدالستار جان سرهنديءَ سان رهيون، جيڪو وڏو عالم ۽ روحانيت جو صاحب هو،تفسير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهو مولانا غلام محمد ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميصاحب به نظر مان ڪڍيو. اهو ترجمو ۽ تفسير مڪي معظم جي قاري سعيد احمد کي بهنظر مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جنهن لکت ۾ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. وڏيڳالهه ته اهو حضرت مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارن کي به ڏنو ويو، جنهنپڙهي فرمايو ته ”اسان پاڻ تفسير لکڻ جو سوچيو هو، پر هي تفسير پڙهڻ کانپوءِ اسان کي ڪا خاص ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.“ (بعد ۾ سندس ترجمو قرآن حڪيمبه ڇپجي مقبول عام ٿيو ۽ هاڻ علامه صاحب جي ترجمي سان گڏوگڏ هڪ مستند علميوٿ آهي ۽ گهڻو پڙهجندڙ سنڌي ڪتاب آهي يعنيBest Sellerمذهبي ڪتاب آهي.)عبدالستار ڀٽي ”لاڙڪاڻو، امر شخصيتون“ ۾ علامه صاحب جي باري ۾ لکي ٿو ته
    خانصاحب علامه علي خان ابڙو صاحب تقسيم هند جو مخالف هو ۽ هن ڏس ۾ پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪيترا مضمون لکيا اٿس
    ،جنهن ۾ دليلن سان تقسيم هند جي مخالفت بابت پنهنجي سوچ ۽ راءِ جو اظهارڪيو اٿس، هي عظيم انسان با ڪمال، باعمل شخص، نيڪ سيرت ۽ صورت، اخلاق جومجسمو، ايمانداري ۽ سچائي جو مثال، سادگيءَ جو ساٿي، عزت جو رکوالو، ضميرجو سچو، قول ۽ فعل ۾ کرو، وڏو جرئتمند،Genius (جينئس) انقلابي، عالم فاضل مصنف، سماج سڌارڪ، سنڌ جو سر سيد هو. تعليم جي شعبي ۾خدمت وٽس عبادت برابر هئي. علامه ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽مطالعو تمام گهڻو وسيع هو، پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾بداخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا، ڇاڪاڻ ته پاڻ ملن ۽ پيرن جا ڪٽرمخالف هئا، تنهن ڪري اڪثر مخالفن پاران ”وهابي“ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائنسان به کين مقابلو ڪرڻو پيو، هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقتتائين جاري رکيو آيو، ابڙي صاحب جا مشهور ڪتاب ”اسلام ۽ ترقي“، ”اسلام ۽اليڪشن“، ”حالات نبوي“، ”رسومات تباهي“، ”اخلاقي گلدستو“، ”احاديث نبوي،تعليماتاسلام“ ۽ ”اسلام ۽ ڪميونزم“ آهن. ديوبندي عالمن جي اثر جي ڪري مسلم ليگکان گهڻو پري رهيا ۽ ابوالڪلام آزاد جي پيروي ۾ حق سچ جي واٽ تي گامزن رهيا.
    هاڻاچو ته هتي علامه علي خان جي ڪجهه اهم مضمونن جو جائزو وٺون، سندن هڪمضمون آهي ”ترقي سنڌ مسلم“، هن مضمون جو آغاز ڪري ٿو هن آيت سڳوري سان تهالله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو ڦِرائي جيسين اها قوم پاڻ پنهنجي حالتنٿي بدلائي، ان کان پوءِ ”مسدس حالي“ مان هڪ وڏو اقتباس ٿو ڏئي جنهن جاچار پهريان شعر آهن
    ڪسي ني يه بقراط سي جا ڪي پوڇا،
    مرض تيري نزديڪ مهلڪ هين ڪيا ڪيا،
    ڪها دک جهان مين نهين ڪوئي ايسا،
    ڪه جس ڪي دوا حق ني ڪي نه هو پيدا.
    علامهصاحب چئي ٿو ته شمس العلماءِ مولانا حاليءَ جو مسدس هندستان جي ڪنهن بهڪتب فروش وٽان ملي سگهندو، سو سنڌ جي اردو ڄاڻندڙ مسلمانن کي ضرور پڙهڻگهرجي، علامه آءِ آءِ قاضي به اردو زبان جو وڏو مداح هو. (هاڻ پاڻ وٽ اردوکان نفرت جي ذميواري خود اردو زبان جي نادان اديبن ۽ دانشورن تي آهي، اهوڇو ٿيو، ان لاءِ ته بنگالي ۽ سنڌي ٻولين کي صفحه هستي تان مٽائڻ جون ناڪامڪوششون، گهڻي قدر باباءِ اردو وارن طرفان به مورد الزام اچن ٿيون) واپساچون ٿا علامه ابڙي جي هن تاريخي مضمون ڏي، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته مسلماننجي زواليت جا سبب ۽ هاڻوڪن هر هڪ طبقي جي مسلمانن جي عيبن جي صحيح تصويرنڪتل آهي (ان مسدس حالي ۾) ۽ تنهن کان پوءِ ڏيکاريل آهي ته جيڪڏهن مسلمانوري به اسلام جي تعليم وٺن ۽ دين تي عمل ڪن ته ٿوري ئي عرصي ۾ ساڳي ترقيحاصل ڪري سگهن ٿا، هن بنسبت مرحوم نواب محسن الملڪ جو ڪتاب ”مسلمانون ڪيترقي اور تنزل ڪي اسباب“ پڙهڻ جهڙو آهي.
    علامهابڙو سنڌي مسلمانن جي تنزلي ۽ بدحاليءَ تي لکندي سڀ کان اول زميندارن جيهاڻوڪي حالت کي چٽي ٿو، قرآن مجيد جو حوالو ڏيندي چئي ٿو ته ”ڪلو و اشربوولا تسرفو“ (يعني کائو پيو مگر حد کان ٻاهر نه وڃو) زميندارن جو پهريون عيبآهي اسراف يعني اجايا خرچ ڪرڻ، شادين ۽ غمين، زنا ۽ نشي، زيورن ۽ عيش عشرتتي پنهنجي ملڪيت اڏائيندا ٿا وڃن، هزارين اميراڻا خاندان تباهه ٿي وياآهن، سنڌ جي سڀ زمين مسلمان زميندارن جي هٿ ۾ هئي، هاڻي اڌ کان وڌيڪ ويا جن۾ ٻين جي قبضي ۾ اچي وئي آهي، جيڪا بچي آهي تنهن جي پيدائش جو چڱو حصووياجين ۾ پيو وڃي، جيڪڏهن زميندارن کي پنهنجي ڀلائي لاءِ سجاڳ ٿي اسراف کيروڪڻو آهي ته سندن هدايت لاءِ هي خدا جو ڪلام ڪافي آهي ته ”اجايو خرچ ڪندڙشيطانن جا ڀائر آهن“ اڳين ڏينهن ۾ پاڪ دامني هڪ رواجي خاصيت هئي، زنا ڪندڙنکي ڪميڻو ۽ رنگيلو سڏيو ويندو هو ۽ کيس شريفن جي ڪچهري ۾ اچڻ کان منعهوندي هئي، ائين سچ آهي ته اها بدڪاري (زنا) ٻين عام ماڻهن ۾ عام ٿي پئيآهي، پر ان لاءِ زميندار ڪامورا وغيره جوابدار آهن، ڇو ته ”الناس علي دينملوڪهم“، يعني عام ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي روش وٺندا آهن، اهو ئي سبب آهيجو بادشاهن ۽ حاڪمن جي قيامت جي ڏينهن ٻين ماڻهن کان وڌيڪ جوابدهي ٿيندي ڇوته سندن بدعمل ٻين ماڻهن تي گهڻو اثر ڪن ٿا، زميندارن جي غريبن سان خرابهلت تي خيالن جو اظهار ڪندي، علامه صاحب وري حديث نبوي جو حوالو ڏيندي لکيوآهي ته ”لايرحم الله من لايرحم الناس“ يعني جيڪو ماڻهن تي رحم نٿو ڪريتنهن تي الله تعاليٰ به رحم نٿو ڪري. حاليءَ جي مشهور ”شعرن جو به سهارووٺي“ سمجهائي ٿو ته:
    يه پهلا سبق ٿا ڪتاب، هديٰ ڪا،
    ڪه هي ساري مخلوق ڪنبه خدا ڪا،
    وهي دوست هي، خلق دوسري ڪا،
    خلائق سي هي جس ڪو رشته ولا ڪا،
    يهي هي عبادت، يهي دين و ايمان،
    ڪه ڪام آئي دنيا مين انسان ڪي انسان
    زميندارن کي عرض ٿو ڪري ته اول پاڻ پنهنجي سڌاري جو قدم کڻن ڇو ته قوم خواهه ملڪ ۽ مذهب جي سڌاري ۽ ترقيءَ جو مدار سندن مٿان ئي آهي.
    ناموراديب ۽ نقاد ڊاڪٽر اياز قادري ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد نومبر 1954عواري شماري ۾ علامه علي خان ابڙي جي وفات تي پنهنجن دلي جذبن سان ڀرپورخاڪو لکيو هو، جيڪو بعد ۾ بدر ابڙي واري مولف ٿيل ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو، انخاڪي جي آخري پيرا پڙهڻ سان اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا: ”مرحوم کي سترهينجولاءِ 1954ع تي صبح جو ساڍي نوين بجي لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري جي درگاهه۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
    اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
    آديسي اٿي ويا، پيئي اڏامي رک،
    سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا (شاهه(
    ساڳي خاڪي ۾ قادري صاحب ٻڌائي ٿو ته مرحومعلي خان ابڙو جنهن ماحول ۾ پليو ان جو ذڪر سندس ئي قلم موجب ڏجي ٿو، جومرحوم پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”اسلام ۽ ترقي“ جي پهرين حصي ۾ ڪيو آهي، مرحوم جيصاف گوئي، سليس ۽ سولي لکڻي هن ٽڪري مان چڱي طرح ظاهر آهي. فرمائي ٿو: ”منهنجومرشد ۽ منهنجو والد صوفي هئا، پر اڻ پڙهيل هئا، اسلام جي کين ڪا به خبر ڪانه هئي، اگرچه هو فهم ۽ عقل وارا هئا ۽ نيڪ نيت ۽ اخلاص وارا به هئا، پراسلام جي واقفيت نه هئڻ ڪري ۽ هاڻوڪي ڪوڙي تصوف جي رواج هئڻ ڪري شريعت کانپري هئا. روزي ۽ تماز کان غافل هئا، بلڪه نشو ڪرڻ، ذڪر پچائڻ واري حالت کيمباح (جائز) ڄاڻندا هئا. بهشتفقط دلاسو ۽ دوزخ فقط دڙڪو سمجهندا هئا، سنڌ مدرسي ۾ جبرن پنج ئي وقت نمازپڙهائي ويندي هئي، ۽ روزا رکايا ويندا هئا، مولوي صاحب مرحوم هر جمعي تيواعظ به ڪندو هو. سمجهڻ ۾ ائين ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبرن نماز پڙهائيٿي وڃي، تئن مولوي صاحب به مجبورن واعظ ٿو ڪري، مدرسي ڇڏڻ کان پوءِ نماز ۽روزا به ڇڏي ڏنم، بلڪه جڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ موڪلن تي هوندو هوس تڏهن نماز ۽روزن کان به موڪل وٺندو هوس.“ اياز قادريءَ جو خيال آهي ته هي اهڙو ته صاف ۽سچو بيان آهي جو اڄ به ڄڻ ته هر شاگرد جي دل مان ٿو نڪري، اهو هو پس منظر،جنهن مرحوم کي ننڍي هوندي ئي باغي بڻايو ۽ صحيح علم جي تحقيق لاءِ سندس دل۽ دماغ کي خالي رکيو.
    مرحومکي مولانا الطاف حسين حاليءَ جي ”مسدس“ پڙهڻ بعد اسلام جي صحيح روح کيپڙهڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ جو شوق جاڳيو ۽ اسلام جي متعلق شايد ئي ڪو ڪتابڇڏيائون. انگريزي، فارسي، اردو زبانن ۾ شايع ٿيل اسلامي ۽ ادبي ڪتابن جووسيع ۽ عميق مطالعو ڪيائون ۽ عربي زبان گهر ۾ پڙهي چڱي استعداد حاصلڪيائون. مرحوم پاڻ چئي ٿو ته ”مٿين ڪتابن پڙهڻ بعد مون کي تبليغ جو شوقگهڻي قدر پيدا ٿيو، جا ڳالهه عجب جهڙي ڪانهي، انسان جي فطرت ئي ائين آهي،جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندو ۽ جنهن جو کيس شوق هوندو سا ڳالهه سڀ ڪنهن سانڪندو، کيس ان ڳالهه ڪرڻ کان روڪڻ اهڙو آهي، جهڙو درياهه کي وهڻ کان روڪڻ.“ قادريصاحب جي ان يادگار قلمي خاڪي ۾ مرحوم علي خان جون سياسي ۽ مذهبي ترجيحونبه چٽي طرح بيان ڪيل آهن. مرحوم هميشه اعلان ڪندو هو ته اسلام، ملائيت،فرعونيت ۽ قارونيت کي ختم ڪرڻ آيو آهي، پنهنجي آخري اڻپوري مضمون ۾هي جملالکيائون تهجيڪو ٻئي تي حڪومت ٿو هلائي سو پاڻ کي خدا ٿو سڏائي، ۽ جيڪو ٻئي جي غلامي ٿو ڪري سو به خدا کي ڇڏي ٻين جي پوڄا ٿو ڪري.“ڪيڏو نه انقلابي فڪر ۽ نعرو آهي

    گل محمد عمراڻي
    بشڪريه عوامي آواز
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مفسر قرآن مجيد علامه علي خان ابڙو بابت،

    کوڙ ساريون نئي معلومات مهيا ڪرڻ تي اوهان جو ٿورائتو آهيان .
    ادا ممتاز اميد آهي ته اهو ذوق جاري رکندا ايندا ، والسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بهترين۔۔دل خوش ٿي وئي۔۔
    سنڌ جي عّظيم شخصيت سان روشناس ڪرائڻ تي مهرباني۔۔۔:)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تمام بهترين معلوامات اوهان ونڊ ڪئي توهان جي مهرباني حقيقت هي آهي ته الله تعالي ڪنهن جي محنت کي رائيگان ڪو نه ڪندو آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علامه علي خان ابڙو، جمال ابڙو ۽ وري بدر ابڙو ۔۔۔۔۔ سنڌ کي انهن شخصيتن تي ناز آهي۔ هي خاندان سنڌ، سنڌي ادب ۽ علم جي باقائدگي سان آبياري ڪئي آهي۔ علامه علي خان جو قرآن شريف جو ڪيل سنڌي ترجمي منهنجي نظر ۾ بهترين ترجمن مان هڪ آهي، آسان ۽ مفصل۔

    ممتاز سائين لک ٿورا جو اوهان هيڏو سهڻو ليک اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سلامت جا دوستو توهان سڀني جي مهرباني، جن جن هي ونڊ پسند ڪئي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪجهه وقت پهرين ڀاء رشيد سمون صاحب علامه علي خان ابڙو صاحب جو ترجمو ڪيل قرآن (چونڊ آيتون ) سنڌ سلامت جي دوستن لاء ونڊ ڪري ترجمو ۽ تشريح پيش ڪندا هئا مگر ڪافي ڏينهن کان اهيو ڪم بند پيو نظر اچي۔ الائي ڇو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ممتاز وگهيو جو انتخاب هميشه جيان لاجواب. اهڙن عظيم ماڻهن جي حياتي وقف هوندي آهي اھڙن ڪمن لاءَِ.
    اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سائين جي فرزندَِ عظيم جمال ابڙو جي آتم ڪٿا جا چار ئي جلد سنڌسلامت تي ڏيون. دوستن جي ڀرپور تعاون سان پهريون جلد تيار به ٿي چڪو بس ڪجهه مصلحتن ڪري ان ۾ ٿوري دير آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو