اڄوڪو ڏينهن پهرين مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن پهرين مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    احسن ڪربلائي (ٽنڊوآغا / شاعر / 1897)،
    مينهل فقير مهر (طيب / شاعر / 1920)،
    نورالدين ”نور“ (ڏاتو جي وانڍ / شاعر / 1929)،
    محمد پنهل شيخ (ڦل پوٽا / سگهڙ شاعر / 1930)،
    عبد الحليم ”جوش“ (ڪراچي / شاعر / 1931)،
    گل حسن گوپانگ (شاعر / 1933)،
    گورڌن ڪرشناڻي (ڳيريلو – اجين / اديب / 1933)،
    سوڀراج مينگهاڻي (ميرپورخاص – ممبئي / اداڪار / 1934)،
    موتي لعل ٺڪر (سيوهڻ – اجمير / سماج سڌارڪ / 1934)،
    قنمبر ڪوهستاني (ٿاڻو بولان خان / شاعر / 1935)،
    عام جائي ڪوڏ (عامر جي – بئراڳڙهه / شاعر / 1935)،
    ڪشن موٽواڻي (ملڪ – اجمير / اداڪار / 1936)،
    سيد غلام رسول ”سوز“ (اصغرآباد / شاعر / 1938)،
    ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙو (گهٽهڙ / محقق / 1938)،
    لعل ”لاچار“ (نواب شاهه – گانڌيڌام / شاعر / 1938)،
    جان محمد ڪٽوهر (اميد علي / اديب / 1939)،
    مستنصر حسين تارڙ (لاهور / ليکڪ، اداڪار ۽ ڪمپيئر / 1939)،
    الاهي بخش شيخ (روهڙي / اديب / 1939)،
    عبدالخالق ”آزاد“ ڀٽو (شاعر ۽ سياستدان / 1942)،
    نٿو مورواڻي (ٽنڊوباگو / شاعر / 1945)،
    حسن هڪڙو (بٺي هڪڙا / شاعر / 1945)،
    هريش ميرچنداڻي (حيدرآباد – ممبئي / سنگيتڪار / 1946)،
    غلام عباس ”بدر“ (شاعر / 1947)،
    جئڪشن ”آمليٽ“(الهاس نگر/گائڪ، سنگيتڪار / 1947)،
    ”حبيب“ سنڌي (چوکنڊي / شاعر / 1948)،
    محسن علي ”محسن“ شر (مينگهو شر / شاعر / 1948)،
    ڊاڪٽر درشهوارسيد (سن / محققه / 1949)،
    ملڪ الطاف حسين (جيڪب آباد / صحافي / 1953)،
    منصور عالم ابڙو (قمبر علي خان / مصور ۽ اديب / 1953)،
    ڊاڪٽر شمس الدين تنيو (بجار تعلقو قنمبر / زرعي سائنسدان ۽ استاد / 1955)،
    نظر محمد ڳاهو (خيرپور / سياسي ۽ سماجي اڳواڻ/وڪيل / 1956ع)،
    آفتاب ابڙو (ڏوڪري / اديب / 1956ع)،
    سجاد ميراڻي (پريان لوءِ / شاعر / 1956)،
    گل بيگ ”گل“(شاعر / 1957)،
    ”سائل“ وسطڙو (شاعر / 1958)،
    محمد قاسم ”نوشاد“ (رستم / شاعر / 1958)،
    سائينداد ساند (شاعر / 1959)،
    منصور عباسي (مسو ڪلهوڙو / اديب / 1959)،
    حامد ڪلوڙ (عادلپور / شاعر / 1960)،
    غلام اصغر ”آزاد“ (شاعر / 1961)،
    زاهد راهوجو (اديب / 1961)،
    نازسهتو (صحافي / 1963)،
    جڳديش شيوڪاڻي(اجمير / اديب / 1963)،
    سڪندر مگسي (بدل مگسي / شاعر / 1964)،
    عنايت راهي (ميهڙ / شاعر / 1966)،
    امان چنو (ڇتومنگي / شاعر / 1966)،
    سرور سميجو (دلدار سميجو / اديب / 1968)،
    احمد مغل (پريا لوءِ / گلوڪار / 1968)،
    منصور حسين شيخ (شڪارپور / صحافي / 1969)،
    منصور گوزائي (گوزو / شاعر / 1969)،
    جاويد لانگاهه (گوزو / اديب / 1969)،
    ”وفا“ منظور چوهاڻ (شڪارپور / شاعر / 1969)،
    ثاقب لطيف(جيڪب آباد / صحافي / 1970)،
    مارو جمالي (اديب / 1970)،
    امان الله عرف سليم لاکو (آباد لاکا / اديب / 1970)،
    نثار عڪاس (رتوديرو / شاعر / 1971)،
    احمد علي ڪلهوڙو (خيرمحمد آريجا / صحافي / 1972)،
    دامن علي جتوئي (ماٽو / صحافي / 1972)،
    جبار ملاح (عليم / شاعر 1973)،
    ميرمحمد ”رضا“ (تاڪو وڏو / شاعر / 1973)،
    اخلاق چارڻ (دادو / 1976)،
    ساحل لاشاري (ڳاڙهي / شاعر / 1976)،
    ”وفا“ ڪوڙل چنو(ابڙان / شاعر / 1977)،
    يوسف سارنگ (مڪومعظم / اديب / 1978)،
    حبدار سولنگي (ڳيريلو / اديب / 1978)،
    جاويد سوز هالائي (شاعر / 1978)،
    زمان سومرو (پاٽ / اديب / 1979)،
    عبد الصمد سومرو (ميرڻ دڙو / اديب / 1979)،
    گلڻ ڄامڙو (گل محمد ڄامڙو / 1979)،
    شاهد آفريدي (ڪرڪيٽر/ 1980)،
    شير مهراڻي (احدي راڄپر / شاعر / 1980)،
    نورحسين مغيري (خدابخش / اديب / 1980)،
    ڪرم خان احمداڻي (ڊگهڙي / اديب / 1980)،
    سلامت جويو (دادو / اديب / 1981)،
    فرحانه قريشي (دادو / اديبه / 1981)،
    مختيار سهتو (ٽنڊو غلام علي / شاعر / 1982)،
    منير پنهيار (ڪنب / شاعر / 1983)،
    سيد منظور شاهه (موندر / اديب / 1984)،
    اصغر جمالي (شاهه محمد / اديب / 1986)


    وڇوڙو:
    مولانا محمد هاشم قاسمي (1940)،
    مير سهراب خان ثالث (1962)
    پير خدا ڏنو رضوي (1963)،
    سيد خادم حسين شاهه نصرپوري (1963)،
    مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو (1967)،
    محمد خان ”غني“ (ٽنڊومحمد خان / شاعر / 1979).
    مراد علي مرزا (حيدرآباد / ڊراما نگار، افسانه نگار ۽ ناول نگار / 2011ع)
    مشتاق چنگيزي ( سنڌي فلمن جو هيرو / 2012ع)

    ______

    اڄوڪي ڏينهن پهرين مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 مارچ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احسن ڪربلائي:


    مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي ولد مرزا دوست محمد پهرين مارچ 1897ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو. احسن ڪربلائي مشهور شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. مرزا صاحب پنهنجي والد کان قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. مرزا صاحب 1918ع کان حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان 1953ع ۾ آڪٽراءِ انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان گذاريائين. احسن ڪربلائيءَ شاعريءَ جو آغاز، 1914ع کان شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪيو. پهريائين تخلص ”ظفر“ اختيار ڪيائين ۽ پوءِ ان کي ”احسن“ ۾ تبديل ڪيائين. شاعريءَ جي فن ۾ پهريائين پنهنجي والد ۽ پوءِ حافظ شاهه، مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا مدد علي بيگ کان رهبري حاصل ڪندو رهيو. سندس ڪلام حمد، نعت، قصيدو، مرثين، سلام، غزل، نظم، مثنوي وغيره تي مشتمل آهي. مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي 28 اپريل 1962ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس فرزند ممتاز مرزا پڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ سندس ڀاڻيجا ميرزا عباس علي بيگ ۽ مراد علي ميرزا وڏا عالم آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو