حياتي جون مليل گھڙيون اسان سان گڏ گذاريندين ته ڇا ٿي پيو!
مٽائي سوچ جي پنهنجي سنگت سان ساٿ نڀائيندين ته ڇا ٿي پيو!
دنيا آهي سکن جو سيج ڏکن جو ڏيج نه ٿي ماندو” نثار“ او يار!
غمن جي رات جي گھاري سکن جو سج اڀاريندين ته ڇا ٿي پيو!!!
ڀائڙي ڪنڀر شاعري ڪرڻ وقت جي خيال ۽ جذبا پنهنجي ذهن ۾ رکي لفظ جوڙيا آهن سي انتهائي قيمتي آهن، سندس جي سائين نثار لئه، حب ۽ اڪير احترام جوڳي آهي ...
باقي آءُ سمجهانٿو ته شعر جا جملا ۽ الفاظ جي صحيح طرح جوڙيا يا ٿورڙي ڦير گهير سان ادا ڪيا وڃن (لکيا وڃن) ته شعر وڌيڪ اثرائتو ۽ پر معني ٿي پوندو ...
مثال؛ پهرين سٽ جي تور تڪ ڪجي ته ڪجهه هي نتيجو ٿيندو؛
حياتي جون مليل گهڙيون اسان سان گڏ گذاريندي ته؛
هنن سٽن ۾ التجا آهي، عرض آهي، گذارش آهي پر انکانپوءِ جي جملي پهرين التجا ڪيل جملي کي اصل ڪنهن معنا جو نه رکيو آهي ...
ڇا ٿي پيو؛
معني ڪا ڳالهه ناهي جي اوهانجو پيارو زندگيءَ جون گهڙيون اوهان سان گذاري ته انجي ڪا اهميت ئي ناهي ... ڇا ٿي پيو!!!
انجي جاءِ تي جي هجي ها ته؛
حياتي جون مليل گهڙيون اسان سان گڏ گذارييندي ته بهار ٿيندو ....
پهرين جملي ۽ آخري جملي ۾ ڪجه ربط پئدا ٿي پيو آهي ... اهڙي طرح سموري شعر جو موازنو ڪري ٿورڙي ڦير گهير سان، شعر کي پر وزن پر معني ٺاهي سگهجي ٿو ...
وڌيڪ دوست ڪنڀر ئي گهڙي جا ڪنا درست ڪندو يا وري ادو نثار ناز ئي انجي ڇنڊڇاڻ ڪندو جو ... سکڻ ۽ سيکارڻ ئي اصل مطلب آهي ...
دعائن ۾ گڏ
sindhsalamatsaathsal