نثار سندو نينهن

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2009۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    حياتي جون مليل گھڙيون اسان سان گڏ گذاريندين ته ڇا ٿي پيو!
    مٽائي سوچ جي پنهنجي سنگت سان ساٿ نڀائيندين ته ڇا ٿي پيو!
    دنيا آهي سکن جو سيج ڏکن جو ڏيج نه ٿي ماندو” نثار“ او يار!
    غمن جي رات جي گھاري سکن جو سج اڀاريندين ته ڇا ٿي پيو!!!
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين نثار اوهان لاء مدد گار دوست سائين نجم الدين صاحب جن به شاعري جا گر ڄاڻن ٿا سندن شاعري ڪيتري سر تار ۾ آهي سا آزمائش اوهان جي حوالي آهي۔ باقي سندن تاثر بهتر آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    حياتي جون مليل گھڙيون اسان سان گڏ گذاريندين ته ڇا ٿي پيو!
    مٽائي سوچ جي پنهنجي سنگت سان ساٿ نڀائيندين ته ڇا ٿي پيو!
    دنيا آهي سکن جو سيج ڏکن جو ڏيج نه ٿي ماندو” نثار“ او يار!
    غمن جي رات جي گھاري سکن جو سج اڀاريندين ته ڇا ٿي پيو!!!

    ڀائڙي ڪنڀر شاعري ڪرڻ وقت جي خيال ۽ جذبا پنهنجي ذهن ۾ رکي لفظ جوڙيا آهن سي انتهائي قيمتي آهن، سندس جي سائين نثار لئه، حب ۽ اڪير احترام جوڳي آهي ...
    باقي آءُ سمجهانٿو ته شعر جا جملا ۽ الفاظ جي صحيح طرح جوڙيا يا ٿورڙي ڦير گهير سان ادا ڪيا وڃن (لکيا وڃن) ته شعر وڌيڪ اثرائتو ۽ پر معني ٿي پوندو ...

    مثال؛ پهرين سٽ جي تور تڪ ڪجي ته ڪجهه هي نتيجو ٿيندو؛
    حياتي جون مليل گهڙيون اسان سان گڏ گذاريندي ته؛
    هنن سٽن ۾ التجا آهي، عرض آهي، گذارش آهي پر انکانپوءِ جي جملي پهرين التجا ڪيل جملي کي اصل ڪنهن معنا جو نه رکيو آهي ...
    ڇا ٿي پيو؛
    معني ڪا ڳالهه ناهي جي اوهانجو پيارو زندگيءَ جون گهڙيون اوهان سان گذاري ته انجي ڪا اهميت ئي ناهي ... ڇا ٿي پيو!!!

    انجي جاءِ تي جي هجي ها ته؛
    حياتي جون مليل گهڙيون اسان سان گڏ گذارييندي ته بهار ٿيندو ....

    پهرين جملي ۽ آخري جملي ۾ ڪجه ربط پئدا ٿي پيو آهي ... اهڙي طرح سموري شعر جو موازنو ڪري ٿورڙي ڦير گهير سان، شعر کي پر وزن پر معني ٺاهي سگهجي ٿو ...

    وڌيڪ دوست ڪنڀر ئي گهڙي جا ڪنا درست ڪندو يا وري ادو نثار ناز ئي انجي ڇنڊڇاڻ ڪندو جو ... سکڻ ۽ سيکارڻ ئي اصل مطلب آهي ...

    دعائن ۾ گڏ

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نجم الدين ڪنڀر شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عرض ڪيو اٿم

    اسان ساري حياتي هي سدا کلندي گُذاري آ ڪُنڀر سائين......
    ڏُکن ۽ ڏاکڙن سان ئي سدا لڙندي گُذاري آ ڪُنڀر سائين........
    ڀلي آئين سڄڻ تنهنجون ڀلايون سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پر!
    ڳُجهارت هي مفاعيلن سدا سلندي گُذاري آ ڪُنڀر سائين..... ​
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سائين رحيم بخش شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔۔ يار مان ٽي درجي وارو شاعر مڙئي پيو لفظن جا رانڌيڪا ٺاهي پنهنجي پاڻ کي وندرايان۔۔۔۔۔ مونکي ڪهڙي خبر ته سُر تار ڇا ٿيندو آهي۔۔۔۔ ۽ آزمائش جي چڪيءَ ۾ سدائين پيسجي پيسجي وڃي ڪو نالي ماتر منهنجو نشان رهيو آهي۔۔۔۔۔ باقي سائين نجم الدين ڪُنڀر ته اسان جي سر جا سائين آهن۔۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا۔۔۔۔۔ سائين نجم الدين جي هن شعر مان خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪنڀر سائين ڪهڙي نثار سان مخاطب آهي ۔۔۔۔۔ نثار ابڙو سان يا نثار ناز سان۔۔۔۔۔ باقي سائين ڇا لکيو آهي جيڪو نثار ابڙي سمجهيو ان جو جواب نثار ابڙي ڏئي ڇڏيو ۽ جيڪو نثار ناز سمجهيو آ، ان جو جواب نثار ناز به ڏئي ڇڏيو۔۔۔۔ آئي ڳالهه سمجهه ۾ نثار سائين يا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثار ناز صاحب ، ادا نثار ابڙو صاحب ۽ ادا رحيم بخش صاحب اسلام عليڪم
    سائين اوهان سڀني جي مهرباني جو هن سيکڙاٽ جي سٽن جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ پنهنجا ويچار ونڊيا.
    دوستو هي بيت اصل ۾ سائين نثار ناز جي ڪجھ وقت اڳ چيل ” اڪيلو رهڻ ٿو چاهيان“
    جي جواب ۾ جوڙيو هئم.
    سائين نثار ابڙو صاحب توهان جي ڪيل اصلاح سان سوَ فيصد متفق آهيان پر عرض آهي ته شاعري جي سٽن ۾ ڪيئي معنائون ڪڍي سگھجن ٿيون منهنجو مقصد ته هي هو ، ته سائين نثار ناز صاحب اڪيلو رهڻ جو خيال ڇڏي ڏي اسان سان گڏ رهندو ته ڪهڙو فرق پوندو.اها ته پيار ڀري نصيحت هئي ٻيلي ڏاهو ٿي اوطاق کي اڪيلو نه ڪر ڪجھ سنگت جي به سار له.
    هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان سڀني جي مهرباني!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو