اڄوڪو ڏينهن 3 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 3 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    3 مارچ 1737ع مذهبي اسڪالر مخدوم يار محمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1828ع اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1847ع سائنسدان اليگزينڊر گراهم بيل (ٽيليفون جو موجد) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1860ع صوفي سيد مهدي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولوي غلام رسول عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1903ع شاعر محمد خان غني جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1930ع شاعر غلام رسول مسرور جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1930ع صحافي صوفي محمد حسن منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1939ع ليکڪ فتاح ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1942ع سگهڙ طالب ماڇي (ميان وريل) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1942ع شاعر محمد هارون اداسي مهر جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1949ع شاعر دل مطلباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1951ع شاعر يوسف مست جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1951ع اديب ڊاڪٽر اشرف سمون جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1953ع سگهڙ شفيع چنو (محمود چنو) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1958ع ليکڪ نثار قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1958ع شاعر محمد خان پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1958ع تارا چند بيوس جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1961ع سگهڙ روشن ڪوري (جروار) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1962ع سياستدان ۽ گورنر عشرت العباد خان جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1964ع ليکڪ محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1969ع صحافي منور شيخ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1970ع ڪرڪيٽر انضمام الحق جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1971ع شاعر عزيز ڪٽپر (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 مارچ 1985ع ليکڪ بشير ملاح جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    3 مارچ 1707ع مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي وفات ٿي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 3 مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    روزانه ڪاوش

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    وڪيپيڊيا

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 مارچ 2014
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين هي مسئلو آهي آيا هيترا ويو صرف هڪڙو ان ڪري ئي ته آبادي وڌندي پئي وڃي۔



    بهترين ڄاڻ سائين
    وسلام
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    3 مارچ 2013ع تي مغرب جي وقت ڪراچي ۾ عباس ٽائون ڀرسان ابوالحسن اصفحاني روڊ تي زوردار بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن۔

    رپورٽن موجب مغرب جي نماز کانپوءِ عباس ٽائون واري علائقي ۾بلاول مسجد ويجهو هڪ ٻي پٺيان ٻه زوردار ڌماڪا ٿيا. پهريون ڌماڪو رابعه فلاور اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ ٿيو جنهن کان ٿوري دير بعد ٻيو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي۽ سڄو علائقو اوندهه جي ور چڙهي ويو، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ رابعه فلاور اپارٽمينٽ ۽ ان جي ڀر وارن اپارٽمينٽس ۾ روڄ ۽ راڙو پئجي ويو ۽ مختلف فلورن تي رهندڙ ڪٽنب سخت خوف ۽ دهشت ۾ پنهنجي ٻچن کي کڻي هيٺ لهڻ لڳا پر ان باوجود ڪيترائي ڪٽنب عمارت ۾ ڦاسي پيا جن کي علائقي جي ماڻهن عمارت مان ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون.

    بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ ٻن گهڻ ماڙ عمارتن اقرء اپارٽمينٽ ۽ رابعه فلاور جا 37 فليٽ ۽ 50 کان وڌيڪ دڪان مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو، آسپاس وارين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪي سبب باهه ڀڙڪي پئي ۽ اپارٽمينٽ جي چوٿين ماڙ جي فليٽ ۾ باهه لڳي وئي۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اڄوڪو ڏينهن، بهترين سلسلو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر اشرف سمون :

    3 مارچ 1951ع ڌاري تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راڄو نظاماڻيءَ لڳ ”جِهرڪ“ ۾ ڄائو. سندس والد مولوي عبدالله سمون، سنڌ ۾ فقهه جو برک عالم ٿي گذريو آهي. تعليم جو گهڻو حصو پنهنجي والد کان، عربيءَ جي تعليم مختلف عالمن کان، قرآن پاڪ جو تفسير مولانا عبيدالله درخواستيءَ خانپور واري وٽ ۽ حديث پاڪ جو دور مظهرالعلوم کڏي واري مدرسي ۾ پورو ڪري، حديث جي سَندَ حاصل ڪيائين. هن 1970ع ۾ دارالعلوم امجديه ڪراچيءَ مان فاضل عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. 1979ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان نمايان حيثيت ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ 1982ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1991ع ڌاري علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ”يارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون خدمتون“ جي عنوان سان مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ”مڪاتيب النبي“ جي موضوع تي ”سونا ورق“ سندس مشهور تصنيف آهي. محمد هاشم ٺٽويءَ جي عربي تصنيف ”وصية الهاشمية“ جو ”شاندار تحفه“ نالي سان اُردوءَ مان ترجمو ڪيائين، جيڪو ”الراشد اڪيڊميءَ“ ڪراچيءَ پاران ڇپيو. پاڻ ايران، سنگاپور، دبئيءَ ۽ ٻين ڪيترن مُلڪن جي ڪانفرنسن ۾، مُلڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. تفهيم دين، فهم القرآن ۽ سيرت النبيءَ کان سواءِ، پاڪستان ٽيليويزن تان سندس مختلف علمي ۽ ادبي پروگرام نشر ٿي چُڪا آهن. تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ پنهنجي نصابي ڪميٽيءَ ۾ کيس ميمبر منتخب ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن وقت گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ جي اسلاميات واري شعبي جو صدر آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو