انجنيئرنگ ۽ بزنس جي شعبن جي شاگردن لاءِ پرڏيهه ۾ اسڪالرشپ جا بهترين موقعا!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄ جي ڪاوش ۾ آيل هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي هيٺ ڏنل اشتهار ۾ انجنيئرنگ ۽ بزنس جي شعبن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن لاءِ پرڏيهه ۾ اسڪالرشپ جا بهترين موقعا آهن۔ انهي اسڪالرشپ جا ايوارڊيز موٽي ايندا ته وٽن نوڪري هوندي مُلڪ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾۔ بس ڪرڻو رڳو اهو آهي ته پنهنجي تعليمي سندن ۽ 200 روپئي جي ڊرافٽ سان گڏ درخواست اپريل کان اڳ موڪلڻي آهي۔
انهي کان علاوه اين ٽي ايس پاران گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ GAT جي ٽيسٽ ۾ ويهڻو آهي جيڪا 7 اپريل تي ٿيڻي آهي۔ انهي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جي آخري تاريخ 11 مارچ آهي۔ ۽ طريقيڪار لاءِ هتي ڪلڪ ڪري معلومات حاصل ڪريو۔

jY1b7I5jcsWHp.jpg
 
Back
Top