آزاد نظم؛۔۔اکڙيون !!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ هندي ناٽڪ جو هڪ منظر ياد ٿو اچيم ته پتني پنهنجي مڙس کي رات جو چوي ٿي ته هو سندس اکين جي تعريف ڪري، مڙس چوي ٿو ته اڙي يار پاڻ مزدور ماڻهون آهيون، سرون، سيمنٽ ۽ گارو اسانجي زندگي، اوهانجي اکڙين تي ڪجهه چوڻ اسانجي وس جي ڳالهه ناهي ... پر زال ضد تي ته ... نه بس تعريف ڪر .... سو آخر مڙس پنهنجي زال جي اکڙين جي تعريف ڪجهه هن طرح ڪئي هئي ؛

    تنهنجون اکڙيون ايئن آهن، ايئن آهن، ايئن آهن ... جيئن غريب جي جهوپي ۾ ٻرندڙ ڏيئا .... ​


    سو دوستو، مونکي به ڪجه سال اڳ ڪنهن ائين ئي فرمائش ڪئي هئي، ان وقت ته ڪجهه چئي نه سگهيو هيس پر اڄ جڏهن اهي اکيون ياد آيون ته بي اختيار هيٺيان لفظ نڪتا ... تور تڪ ڪيئن آهي؟ آءُ ان معاملي ۾ اصل ڪورو ڄٽ ... پر لفظن اندر ۾ اڌما مچائي ڏنا آهن ... ممڪن آهي ته اوهان سان ونڊ ڪرڻ کانپوءِ ڪو سڪون ملي ...

    [​IMG]


    آزاد نظم؛
    ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...
    خيال ڇا آيو،
    ملڪ الموت سان،
    ڄڻ ته،
    ملڻ جو وار آيو،
    ڪاريون ڪجراريون
    سريليون اکڙيون،
    کڄن ته،
    گل گلزار اکڙيون.
    گهور ڪن ته،
    گهائيندڙ اکڙيون،
    بند ٿين ته،
    تنبوري جي تار اکڙيون،
    خماريل ته،
    تيز ترار اکڙيون،
    پلڪون جهپن ته،
    نيهن نياپا اکڙيون،
    انتظار ته،
    سانوڻ وسڪار اکڙيون،
    پيار اچي ته،
    افق تي لالاڻ اکڙيون،
    کڻي کوڙن ته،
    تير ۽ ڪمان اکڙيون،
    خوش ٿين ته
    لطيف وايون اکڙيون،
    نشو ڪئين نه ٿئي،
    وه جا پيالا اکڙيون،
    منهنجي محبوب جو اکڙيون
    ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اهي اکڙين جا اشارا ڪي سمجهو سمجهن اسان لاء ته مڙئي رڍون ٻوٿ ڪاريون
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين محترم نثار ابڙو صاحب اوهان جو هي آزاد نظم اسان کي پسند آيو۔۔۔۔ اها تور تڪ اسان جي وس ۾ ناهي جو کڻي چئون ته صحيح آهي يا غلط انهي کي صحيح يا غلط يا وري ان تي راءِ ڏيڻ سائين نثار ناز جو ڪم آهي۔۔۔۔۔

    پاڻ سائين رحيم بخش جي چواڻي مطابق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    الا! سائين رحيم بخش اصل توهان اکين لاءِ رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون چئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان اکڙين جي ڪٺلن کي اصل دل ۾ ڪان هڻي ڪڍيو۔۔۔۔۔۔۔۔ الا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عاشقن لاءِ اکيون ئي اهو دروازو آهن جنهن مان گُذري صنم جي دل ۾ اجازت يا بنا اجازت گهڙي پئبو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو سائين توهان اکين جي مئخاني مان پريم جون پِڪُون ڪين پيتيون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين اسان کان پُڇو۔۔۔۔۔۔۔ اسين ته اکين سان روز قتل ٿيندا آهيون وري اکين جي ئي آب حيات سان روز جيئرا ٿيندا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار ابڙو جي نظم جي هر سٽ اسان کي پنهنجي پرينءَ جِي اک وانگر لڳي، تمام تمام خوبصورت،
    بس اکين لاءِ ئي سُهڻي لطيف چيو آهي ته
    او قابيل! اکين ۾ توکي باري بان
    اُڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ هڻيو مستان،
    جانب تُون زيان، اکين سان ايڏا ڪرين​

    اک جي اڻِي جي گهُور هوش وندي کي ته هون ئي گهائي وجهندي آهي پر جيڪي اسان جهڙا مستان هوندا آهن انهن کي ته ويتر مستانو بنائي ڇڏيندي آهي۔۔۔۔۔۔
    وٺي ڪم اکين جي اڻِي خُوب ڄاڻِين!
    تکا تير دل تي هَڻِي خُوب ڄاڻين!
    الا شانِ انداز هِي بينيازي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    گهڻي کان خبر ٿم گهڻي خُوب ڄاڻِين!​

    دوست نثار ابڙا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي پيو ته هاڻي ڪهاڻيڪار سان گڏ تون شاعري جي فيلڊ ۾ اکين جي دروازي مان گهڙي، پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري سُرخرو ٿيڻ پيو چاهين۔۔۔۔۔۔ اڙي شايد غلطي ٿي وئي۔۔۔۔۔۔ قربان ته پاڻ اڳم ئي آهيون۔۔۔۔۔ مطلب نثار، مطلب ”مجبور آ، ڀلي ڪيڏو ڀي ڪنڌار هُجي“ مطلب سدائين سسي مقتل ۾ وڍجڻ لاءِ تيار۔۔۔۔۔۔۔۔ بس اکين جي گُهور جو جيڪو قائل هوندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان لاءِ پريم جو روڳ به سُڪون وارو هوندو، نُور جهڙو هوندو، ۔۔۔۔۔۔۔ بس وڌيڪ ڪونه ٿو چوان تنهنجي خوبصورت هن آزاد نظم تان مان ”نثار“ ٿي ويس۔۔۔۔۔۔ شل سدائين اکين جي جام جون پُرڪش وَ ٽِيون پيئندو رهين۔۔۔۔۔۔
     
  5. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثار ابڙا صاحب! توهان جي آزاد نظم ۾ وڏي ڪشش چاهت ۽ معني سموئيل آهي جنهن تي جامع ويچار ته سائين ناز ونڊي چڪو آهي۔ شاعري جي دنيا ئي عام انسانن کا جدا هوندي آهي، اهي راز و نياز جون جھلڪيون ڪنهن ڪنهن جي قلب ۾ لهنديون آهن۔ شاعر جي شاعري ڪائنات جي جنهن حسين ۽ خوبصورت شين تي جڙي ٿي تن ۾ به شامل آهن۔
    دل جا راز ٻڌائن ٿيون اکڙيون،
    توهان جي محنت تي جس هجي!!!!
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار ناز پيارا سائين جنهن گس جو ماڻهو واقف هوندو ته اهوئي صحيح ڏس پتو ٻڌائيندو هن گس جي پاڻ کي واقفيت گهٽ آهي ڪڏهن ان ڪُن ۾ ڪونه اٽڪيا آهيون ته ڪهڙي خبر ته هي جهان ڪهڙي جي ڳالهه آهي اکين لاء کوڙ سارا شعر نظم آهن ليڪن انهن کي سمجهڻ لاء ٿورڙي ان ڪيفيت جي جهلڪ محسوس ڪرڻ لاء اهڙي ڪيفيت کان گذرڻو پوندو آهي جيئن هڪ شاعر چيو آهي ته
    الٽي هي چال چلت ي هين ديوانگان عشق
    آنکهون کو بند کرت ي هين ديدار ک ي لئي


    اهڙي ڳالهه سهڻي لطيف به بيان فرمائي آهي ته

    اپٽيان ته انڌيون پوريان پرين پسن
    وڃيو روز رَسن حبيباڻي حجري۔


    اها ڳالهه ته ڪجهه سمجهه ۾ آئي ليڪن سائين واري شاعري لاء ڪجهه گهري نظر گهرجي جيڪا اوهان کي حاصل آهي هڪ شاعرانه ذوق ٻيو اکين جي مئي پيتل ته انڪري اهو ميدان اوهان لاء خالي ڇڏيون سين ويتر ٿورو اتساه لاء ٻه لفظ لکسياسين ته اوهان کُلي پنهنجي دل جو داستان بيان ڪيو۔ الله اوهان کي خوش رکي سائين نثار ابڙي جن کي به الله تعالي خوش رکي اصل منهنجي شاعري سان دلچسپي نه رهي آهي سواء سهڻي لطيف جي ، سائين جا ڪافي بيت ائين ئي دل ۾ لهي پوندا آهن ۽ پنهنجي ناقص سمجهه آهر ڪجهه محسوس به ٿيندو آهي ته هي ڳالهه انهن لفظن مان حاصل ڪري سگهجي ٿي باقي ڪنهن دوست کي داد ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي جو پاڻ پنهنجي محنت ۾ اڃا به وڌيڪ جوهر ڏيکاريندا بهرحال شاعر کي شاعر وڌيڪ سمجهندو آهي ٿي سگهي ٿو منهنجي طرفان وضاحت ۾ ڪجهه لفظ حقيقي مفهوم ادا نه ڪري سگهن ان ڪري اوهان جي مهرباني جو اوهان سائين جي شاعري جو مفهوم بيان ڪيو ۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهربان، عزيز، دل جا دلبر دوستو،

    آءُ سائين نثار ناز، سائين رحيم بخش، ادي زاهد ۽ ڀائڙي نجم الدين ڪنڀر صاحب جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان، جن جو به چيو منهنجي هنن منتظر اکڙين تي .... ، سائين نثار ته وڍيل ٽڪيل ۽ عشق مجاز جي نهائينءَ ۾ پچي رهيو آهي، ٻاهر ٻاڦون به ڪڏهن ڪڏهن ڪڍي وجهندو آهي جو شاعر جو آهي !!! سو اڄ جڏهن اکڙين جو ذڪر نڪتو ته سندس ٻاڦون ٻاهر نڪتيون آهن ...

    عاشق هجي ۽ محبوب جي اکين جو گهايل نه هجي سو ته ممڪن ناهي ... جو سائين نثار ناز چواڻي ته اکڙيون ئي دروازا آهن دل جا ... هڪ دفعو عڪس سو قيد ٿي وڃي پوءِ اکيون ڪانگن کي نوالا ڪري ڏجن ته به فرق نه ٿو پوي ...

    مسئلو هي آهي ته تازو سنڌ کان گهمي آيو آهيان، پرين پيارن سان ملي آيو آهيان، انهن جي ادائن سان ريجهي آيو آهيان، پنهنجن جي پيار جي مها ساگر مان نڪري اوچتو ئي اوچتو سعوديءَ جي پهاڙي ريگستاني علائقي جي سڪل زمين تي اچي ڪريو آهيان ... پاڻيءَ بنان مڇيءَ واري حالت ٿي آهي ... ڪنهنکي پنهنجي پيار سان ڏسان ٿو ته اکيون ڀرجيو اچن، ڪنهنکي پنهنجي امڙِ جي خدمت ڪندي ڏسانٿو ته اکڙيون ڀرجي اچن ٿيون، ڪنهن ٻارڙي کي پنهنجي پيءُ جي آڱر جهلي هلندي ڏسان ٿو ته اکڙيون ڀرجيو وڃن ... ٻن دوستن کي پاڻ ۾ اڪير سان ملندي ڏسانٿو ته اکڙيون آليون ٿيو وڃن ... ٻوليءَ جي مٺاس کان محروم، گهر ٻاهران شام جو گهاٽن وڻن تي گڏ ٿيندڙ پکين جي آواز کان محروم، صبح جو هلندڙ باد نسيم کان محروم ... مينهن جي موسم ۾ ڌرتيءَ جي هٻڪار کان محروم !!!!

    هڪ ٻي ڳالهه ته اهي سڀ ڳالهيون به ڪو حساس انسان ئي محسوس ڪندو آهي، باقي ته ادي رحيم بخش جيئان سڀ ٻوٿ ڪاريون ... جي ڪو پرديس ويو ئي نه هوندو ته کيس اهڙا احساس ڪيئن اڀرندا، ڪو مارئيءَ جيئان قيد ٿيو ئي نه هوندو ته آزاديءَ جي قدر ڪهڙي، جي ڪو ڪنهنجي زلفن جو اسير نه ٿيو هوندو ته کيس محبوب جي ڳل تي ڪريل ڪاڪل جو احساس ڪهڙو، جي ڪو ڪنهن اکين ۾ غرق ٿيو ئي نه هوندو ته کيس ان مهاساگر جي اونهائيءَ جو ڪهڙو پتو ...

    دوستو مضمون طويل آهي ۽ هت عشق جي باه جا الا آهن، سو ڪٿي ايئن نه ٿئي ته هروڀرو باهه لڳي پوي، انڪري وات تي هٿ ٿو ڏيان .... اوهان معاف ڪجو، جو اڄڪلهه عشق مجاز جا دورا پيا چڙهن، سو چوندا آهن ته جت عشق هوندو آهي ات عقل جواب ڏئي ويندو آهي ... سو هن چرئي دوست جي ڪا ڳالهه دل ۾ نه رکجو ...

    وســـــن ۽ وهســــــن، ڏيهاڙي ڏسڻ لئه،
    ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪـــن،
    ڍاپيو نه ڍاپن، پسڻ منجهان پرينءَ جي.

    لطيف

    الله اسان سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ... آمين

    سنڌ جي خاڪ منجهه مڪي پاڪ
    الله ڪريو آڪ، ته ملان مارن ســـان.

    sindhsalamatsaathsal
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين نثار ابڙا صاحب اوهان جي آزاد نظم تي دوستن جا اهڙا محبوب لفظ پڙهياسين جن اصل اسان جي من ۾ به مانڌاڻ مچائي ڏني آهي۔۔۔۔ سائين اوهان جي آخري سٽ جو اقتباس ورتو اٿم۔۔۔
    منهنجي خيال ۾ اهي لفظ ئي ڪافي آهن۔۔۔ ڪنهن جي سمجهڻ لاءِ۔۔۔۔ اهو ئي عشق آهي جتي ايندو آهي اتي عقل نه بيهندو آهي۔۔۔ سو سائين رحيم بخش به اهائي ڳالهڙي ڪئي۔۔۔۔

    سائين مولوي صاحب جي عشق ۽ اسان واري عشق ۾ فرق آهي۔۔۔۔۔۔۔

    الله اکيون اهي ڏئي جيڪي سائين سڃاڻن۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين عشق ته هر انسان کي ٿورو يا گهڻو هوندو آهي پر سائين زاهد وانگر ته ان فرق آهي ڪنهن کي مال سان ڪنهن کي .... سان ،ڪنهن کي اولاد سان، ڪنهن کي الله ۽ الله جي حبيب سان پر دعوي جي لاء دليل گهرجي جيڪو اسان وٽ فقط لفظن تائين محدود هوندو آهي. اڪثر ائين مشاهدو ڪيو ويو آهي .
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام سهڻي سمجهاڻي آهي جيڪر شاه سائين جي درد کي پسجي ته پوء ڪنهنجي جاء آهي۔
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين حقيقت ۾ اهي اداسي اکيون جيڪر اهڙوئي تصور کنيون بيٺيون آهن ته بي قصور آهن اسان جي دعا آهي سندن انتظار جون گهڙيون الله تعالي جلد ختم ڪري کين پنهنجي منتظرين سان ملائي ليڪن مون چيو ته حقيقي مقصد لکڻ وارو ڄاڻي يا شاعر شاعر کي سمجهي باقي اسين ته هڻون ها گپ ۾ داڦوڙا پوء لکندڙ جي هيانوَ تي ڇنڊي پوڻ بجاء اسان وارا لفظ زخمن تي لوڻ وارا ڪم ڪن ها انڪري خاموش رهڻ مناسب آهي اگر ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته اڳتي فاروڊ ڪجي من ڳالهه کلي پوي ۽ ائين ٿئي پيو ۔


    ان سان گڏ سهڻي لطيف جا ڪجهه سهڻا سخن اوهان جي خدمت ۾ پيش آهن


    ايڪ قصر در لک ، ڪوڙيـيــن ڪــڻس ڳــڙکيون ،
    جيڏانهن ڪريان پرک ، تيڏانهن صاحب سامهون .


    حال قربان ، مال قربان گهوريان لڊاڻو،
    فدا ٿيء فقير جـــو، شــل رســي مَ راڻو.
    مين سين ماڻو، مناســـــب نه مـــينڌرا!


    سنهيء سئيء سبيو ، مون ماروءَ سين ساه،
    ويـــٺـــي سـاريــان ، ســـومــــرا! گــولاڙا ۽ گاه،
    هنيون منــهـنـجو هُت ٿيو، هِـت مٽي ۽ ماه،
    پکن مــنجهه پـسـاه ، قالـب آهي ڪوٽ ۾.


    اکـڙيون مــــلير ڏي جـــــنـــيــن راتــو ڏينهن،
    هاڻي ڪنديس ڪيئن ، اَسان مارو مَنَ ۾.


    اڄ پڻ اکــڙين ســــڄـــڻ پـــنـــهــنــجا ســاريــا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون بونــدون بس نه ڪن،
    ســـــندي سڪ پرين لوڪ ڏٺــي نه لــــهي.


    وسڻ اکڙين جيئن ، جي هوند سکيين ميــنهن،
    ته هوند راتو ڏينهن ، بس بوندنئون نه ڪريين.


    ڪڪر منجهه ڪپار ، جهڙ نيڻنئون نه لهي،
    جهڙا منهنجا سپرين ، تــهڙا ميـــگهه مــــلهــار ،
    کڻ اکيون کل يار ! وڃن سور ســنــڌا ڪـــــيو.


    اکڙيون پريــن ري جـي ڪــي ٻــيو پــسنِ،
    ته ڪڍي کي ڪانگن ، نوالا نيـــڻ ڏيان.


    ڪي جو وڃي ڪال، اکيون پسي آئــيــون،
    لالون ڪيون لطيف چئي ، جانب جي جمال،
    ٿـــيا نــــيڻ نــــهالَ. جــــــــنين دلبر ديــــــــکيو.


    وســـــــن ۽ وهــــســـن ڏهـــــاڙي ڏســــڻ لــــئـــــي ،
    جيئن جيئن پرين پسن تيئن تيئن نشا نينهن جا.


    اکــين کي آئون ، جان ڪي جَهلُون پائيان،
    لوڪ لتــاڙي نـــنڊ ۾ ، ســـاڄــــن سوٺائون،
    مـــــون کــــي مـــاريائون ، پاڻ پــرچي آئيون.



    اکيون سي ئي ڌار جن سان پسين پرينءَ کي،
    ٻئي ڏانهن ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سڀرين.


    ديک مَ تون سين تن جي مجازياڻيون منهن ۾ ،
    جـــن نه ســـــڃاتو ســـپرين ، نــــهــاري نـــــــيڻن،
    پـــــريـــــــن ســــي پـــســـن ، ٻـئي جنين ٻوٽيون.


    اکــين ۾ ٿي ويــهه ، ته آئون واري ڍڪــيان ،
    توکي ڏسي نه ڏيهه ، آئون نه پسان ڪي ٻيو.


    هٿن سان هــــاج ڪر، نـــــيڻــن سين نـــــهار،
    اڀا اڱــڻان پــار ، پــس پـــــــنــهنجا ســـپـــريــن.


    مــــــون ســي ڏٺــا ماء ، جـــنـــين ڏٺــو پريــــنء کي ،
    ڪري نه ســــــگهان ڪا ، اُنين سنـــدي ڳالهڙي.



    ماڻهو گهرن مال ، آئون سڀ ڏينهن گـهران سپرين،
    دنـــيا تــــنهن دوســـت تان فدا ڪريان في الحال ،
    ڪـــــيـــس نام نــــهــــال ، پــــسڻ تان پـــري ٿيو.


    جڏهانــڪر ٿيام ، ساڃاه سڀرين سيــن ،
    تڏهانـــڪر تر جـــيترو، وير نه وســريام ،
    انـــدر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري.


    ڏاتـــــر مـــــون ڏيــــکاريـــو ، هــــوتَــــــــَن جـــــو حــــضـــور ،
    پــــريــــن پـــــرچــــڻ جــــو ڪـــيو مــــوٽائي مذڪـــــور ،
    ايءُ دوسنِ جو دستور ، جيئن ڇني ڇڏن ڪين ڪي.


    ســـتي سيــــج هياس، مــــون کي آه اٿــاريــــو،
    جنــين جاڳايــاس ، آئون نه جيئــندي اُنِ ري.
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بس اوهان دوستن جي لاءِ مولا علي عه جو هڪ قول نقل ڪريان ٿو ته۔۔۔
    ”جيڪڏهن توهان جون اکيون خوب آهن ته زمانو توهان کي وڻندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان جي زبان خوبصورت آهي ته توهان زماني کي وڻندا آهيو“
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سبحان الله!
    ادي رحيم بخش ته اصل اکڙين جو پورو فلسفو ... لطيف جي ذڪر ۽ فڪر مان بيان ڪري ڇڏيو .... سلام دوست سلام ... لطيف جي لطف سان ڪنهنجو مقابلو؟ اسانجي توبهه زاري ...
    يارو! جي اهڙا علمي ۽ معلوماتي بحث ٿيندا رهيا ته مون واري محبوب جون اکڙيون ته انتهائي قيمتي ٿي وينديون ... ۽ دل ته هر هر هرکائيندي ته اهڙا نظم پيا گهڙجن ته دوستن جو ميلو پيو مچي ... !!!

    ادا سائين هڪ ناٽڪ ليلي مجنون جو هڪ منظر ياد ٿو اچيم ته هڪ شخص نماز پڙهي رهيو هوندو آهي ته قيس سندس اچي سامهون گذرندو آهي ته اهو نمازي شخص اٿي کيس دڙڪا ڏيندو آهي ته تو منهنجي نماز ۾ خلل وڌو ...

    قيس کائنس معافي وٺي پڇندو آهي ته معاف ڪجو آءُ ته هڪ انسان جي عشق ۾ ايترو مهو هيس جو اوهان تي نظر ئي نه پئي ته پوءِ جڏهن تون الله جي محبت ۾ مبتلا انجي عبادت ۾ مهو هنئين ته تنهنجي نظر مونتي ڪيئن پئي؟

    ڇا سوال هو .... سوالن جو هڪ ئي سوال ... اهڙو سوال جنهن منجهه ئي لڪل جواب ...

    ڀائڙي زاهد جي دعا جيئن ته اکيون سي ڌار جي سائين سڃاڻن ...

    الله اسان سڀني کي اهڙيون اکيون عطا فرمائي ... آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مٺڙا دوست ڄامشورائي!
    تمام سهڻو قول ونڊ ڪيو اٿو! ... دعا ڪريو ته انسان جون ٻئي شيون خوب هجن، اک به ته زبان به ... !!!
    shal judy hujeen
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آزاد نظم؛۔۔اکڙيون !!

    وســـــن ۽ وهســــــن، ڏيهاڙي ڏسڻ لئه،
    ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪـــن،
    ڍاپيو نه ڍاپن، پسڻ منجهان پرينءَ جي.
    لطيف سرڪار
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آزاد نظم؛۔۔اکڙيون !!

    سائين نثار سلام

    سنڌ سلامت فورم هاڻي اسان لاء نون ڪهاڻيڪارن ۽ ڪالم نگارن سان گڏ نون شاعرن لاء به هڪ پليٽ فارم بڻجي رهيو آهي ، جنهن لاء مان بيحد خوش آهيان۔ اوهان جي شاعري پختي ۽ وري ڇا ته نيڻن کي ڳايو آهي۔

    منهنجي محبوب جو اکڙيون
    ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...​


    پرديس ۾ رهندي اهڙي ڪيفيت ته ضرور ٿيندي ۽ عاشقن کان اکيون ڪيئن وسرنديون۔ اهي اکيون ئي ته آهن جيڪي دل جو دروازو بڻجن ٿيون ، سو اوهان به ظاهر آهي لاچار ۽ بيوس آهيو۔ اکيون ۽ نيڻ سنڌي شاعريء جو محور رهيا آهن۔ لطيف سرڪار چيو آهي

    اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
    ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي

    اياز اکڙين لاء چيو آهي

    اکڙيون اڃايل، سڄڻ تنھنجي سونھن جون،
    سدا سڪايل، پرين پنھنجي پيار جون.


    قمر شهباز ٿو چوي

    ڪو ته هجي جو اکڙيون ڌوئي، آنسو ميڙي، مالا پوئي،
    ڪو ته هجي جو پريم سموئي، دل جو درد ڇُپائي روئي،
    ڪو ته هجي، يَرَ ڪو ته هجي!
    ڪو ته هجي مون ديواني سان، هن ويرانيءَ بستيءَ ۾،

    اکڙين تي ڇا لکي ڇا لکون پر سنڌ سلامت جي شاعرن تي به ڇا لکي ڇا لکون۔ هاڻي يا ته رشيد ۽ مونکي به شاعري ڪرڻي پوندي يا وري چوري ڪري ئي ڪا پنهنجي نالي تي هڻڻي پوندي نه ته اسان هاڻي هن فورم تي اجبني ٿا لڳون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آزاد نظم؛۔۔اکڙيون !!



    الائي ڇو اوهانجون اکيون ياد آيون ۔۔۔ سرمد جو سهڻو آواز ۽ منهنجي دل جو آواز
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آزاد نظم؛۔۔اکڙيون !!

    سائين ڌڻي اوهان کي پنهنجي محبت سميت هميشه سلامت رکي، آمين،،،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو