نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ هندي ناٽڪ جو هڪ منظر ياد ٿو اچيم ته پتني پنهنجي مڙس کي رات جو چوي ٿي ته هو سندس اکين جي تعريف ڪري، مڙس چوي ٿو ته اڙي يار پاڻ مزدور ماڻهون آهيون، سرون، سيمنٽ ۽ گارو اسانجي زندگي، اوهانجي اکڙين تي ڪجهه چوڻ اسانجي وس جي ڳالهه ناهي ... پر زال ضد تي ته ... نه بس تعريف ڪر .... سو آخر مڙس پنهنجي زال جي اکڙين جي تعريف ڪجهه هن طرح ڪئي هئي ؛
سو دوستو، مونکي به ڪجه سال اڳ ڪنهن ائين ئي فرمائش ڪئي هئي، ان وقت ته ڪجهه چئي نه سگهيو هيس پر اڄ جڏهن اهي اکيون ياد آيون ته بي اختيار هيٺيان لفظ نڪتا ... تور تڪ ڪيئن آهي؟ آءُ ان معاملي ۾ اصل ڪورو ڄٽ ... پر لفظن اندر ۾ اڌما مچائي ڏنا آهن ... ممڪن آهي ته اوهان سان ونڊ ڪرڻ کانپوءِ ڪو سڪون ملي ...

آزاد نظم؛
ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...
خيال ڇا آيو،
ملڪ الموت سان،
ڄڻ ته،
ملڻ جو وار آيو،
ڪاريون ڪجراريون
سريليون اکڙيون،
کڄن ته،
گل گلزار اکڙيون.
گهور ڪن ته،
گهائيندڙ اکڙيون،
بند ٿين ته،
تنبوري جي تار اکڙيون،
خماريل ته،
تيز ترار اکڙيون،
پلڪون جهپن ته،
نيهن نياپا اکڙيون،
انتظار ته،
سانوڻ وسڪار اکڙيون،
پيار اچي ته،
افق تي لالاڻ اکڙيون،
کڻي کوڙن ته،
تير ۽ ڪمان اکڙيون،
خوش ٿين ته
لطيف وايون اکڙيون،
نشو ڪئين نه ٿئي،
وه جا پيالا اکڙيون،
منهنجي محبوب جو اکڙيون
ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...
تنهنجون اکڙيون ايئن آهن، ايئن آهن، ايئن آهن ... جيئن غريب جي جهوپي ۾ ٻرندڙ ڏيئا ....
سو دوستو، مونکي به ڪجه سال اڳ ڪنهن ائين ئي فرمائش ڪئي هئي، ان وقت ته ڪجهه چئي نه سگهيو هيس پر اڄ جڏهن اهي اکيون ياد آيون ته بي اختيار هيٺيان لفظ نڪتا ... تور تڪ ڪيئن آهي؟ آءُ ان معاملي ۾ اصل ڪورو ڄٽ ... پر لفظن اندر ۾ اڌما مچائي ڏنا آهن ... ممڪن آهي ته اوهان سان ونڊ ڪرڻ کانپوءِ ڪو سڪون ملي ...

آزاد نظم؛
ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...
خيال ڇا آيو،
ملڪ الموت سان،
ڄڻ ته،
ملڻ جو وار آيو،
ڪاريون ڪجراريون
سريليون اکڙيون،
کڄن ته،
گل گلزار اکڙيون.
گهور ڪن ته،
گهائيندڙ اکڙيون،
بند ٿين ته،
تنبوري جي تار اکڙيون،
خماريل ته،
تيز ترار اکڙيون،
پلڪون جهپن ته،
نيهن نياپا اکڙيون،
انتظار ته،
سانوڻ وسڪار اکڙيون،
پيار اچي ته،
افق تي لالاڻ اکڙيون،
کڻي کوڙن ته،
تير ۽ ڪمان اکڙيون،
خوش ٿين ته
لطيف وايون اکڙيون،
نشو ڪئين نه ٿئي،
وه جا پيالا اکڙيون،
منهنجي محبوب جو اکڙيون
ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...