السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ،
دوستو، ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اسان جو ان باڪس فُل ٿي وڃڻ ڪري، اسان وڌيڪ ذاتي پيغام وصول نه ڪري سگهندا آهيون ۽ پيغام موڪلينڊر پڻ پريشان ٿيندو آهي ته خبر ناهي پيغام ڇو نه پيا وڃن. پوءِ ڇا ڪرڻو پوندو آهي ته اسان کي پنهنجو ان باڪس خالي ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن اڳتي لاءِ پيغام موصول ڪري سگهجن.
هتي انهيءَ مسئلي جو هڪڙو حل پيش ڪيو پيو وڃي. هيٺ هڪڙو سافٽويئر شيئر ڪري رهيو آهيان، ”پي ايم ريڊر“ جي نالي سان. انهيءَ کي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪريو. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ذاتي پيغام ۾ وڃو. اُتي توهان کي آخر ۾ XML جو هڪڙو لنڪ نظر ايندو. انهيءَ لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جا پيغام محفوظ ته ٿي ويندا، پر اُهي پڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿيندي. انهيءَ محفوظ ٿيل فائل کي هيٺ ڏنل ”پي ايم ريڊر“ سافٽويئر۾ امپورٽ ڪريو. توهان جا ذاتي پيغام محفوظ ٿي ويندا. هاڻي کڻي توهان آف لائن ئي ڇو نه هجو، توهان پنهنجا ذاتي پيغام بالڪل ائي پڙهي سگهو ٿا، ڄڻ ته توهان فورم تي آن لائن آهيو.
پي ايم ريڊر هتان ڊائونلوڊ ڪريو