پنهنجا ذاتي پيغام ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪريو

'سافٽويئر' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ،

    دوستو، ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اسان جو ان باڪس فُل ٿي وڃڻ ڪري، اسان وڌيڪ ذاتي پيغام وصول نه ڪري سگهندا آهيون ۽ پيغام موڪلينڊر پڻ پريشان ٿيندو آهي ته خبر ناهي پيغام ڇو نه پيا وڃن. پوءِ ڇا ڪرڻو پوندو آهي ته اسان کي پنهنجو ان باڪس خالي ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن اڳتي لاءِ پيغام موصول ڪري سگهجن.

    هتي انهيءَ مسئلي جو هڪڙو حل پيش ڪيو پيو وڃي. هيٺ هڪڙو سافٽويئر شيئر ڪري رهيو آهيان، ”پي ايم ريڊر“ جي نالي سان. انهيءَ کي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪريو. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ذاتي پيغام ۾ وڃو. اُتي توهان کي آخر ۾ XML جو هڪڙو لنڪ نظر ايندو. انهيءَ لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جا پيغام محفوظ ته ٿي ويندا، پر اُهي پڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿيندي. انهيءَ محفوظ ٿيل فائل کي هيٺ ڏنل ”پي ايم ريڊر“ سافٽويئر۾ امپورٽ ڪريو. توهان جا ذاتي پيغام محفوظ ٿي ويندا. هاڻي کڻي توهان آف لائن ئي ڇو نه هجو، توهان پنهنجا ذاتي پيغام بالڪل ائي پڙهي سگهو ٿا، ڄڻ ته توهان فورم تي آن لائن آهيو.


    پي ايم ريڊر هتان ڊائونلوڊ ڪريو
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا ابوزين، سافٽوئير کي لاهي پوءِ اوهان کي ٻڌائينداسين۔
     
  3. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام پياري شيئرنگ آهي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    واقعي ادا ابو زين اها حقيقت آهي ته پنهنجا ذاتي پيغام کي محفوظ ڪرڻ لا۽ هي توهان جو سافٽويئر هڪ بهترين سافٽويئر آهي اهڙي ڪم واري ۽ بهترين شيئرنگس پيش ڪرڻ تي توهان کي مان مبارڪ آباد پيش ڪريان ٿو .

    سدائين گڏ
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ابو زين السلام عليڪم اوهان جو ڏنل سافٽوئير ڊائون لوڊ ڪيو آهي بهترين ئي هوندو جو اوهان هميشه تجربي کان گذاري پوء ئي پيش ڪندا آهيو اها واقعي حقيقت آهي ته اسان کي فورم تي ڪافي پي ايم نه چاهيندي به ڊليٽ ڪرڻا پوندا آهن ليڪن هن جي مدد سان اهي اسان وٽ محفوظ هوندا اوهان جي وڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني۔
     
  6. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: پنهنجا ذاتي پيغام ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪريو

    السلام عليڪم ادا

    تمام بهترين۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو