انيس انصاري : برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    انيس انصاري : برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر

    رضوان گُل

    اديب سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعيّن به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو. هو پنهنجي لکڻين ۽ سوچن ۾ مڪمل طرح خود مختيار آهي. ادب جي هر صنف جو پنهنجو رس، چس ۽ رچاءُ آهي پر ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح سماجي سور ۽ ناسور جي ڳالهه ٿئي ٿي سا شاعريءَ ۾ به ڪرڻ محال آهي. ڪهاڻي ادب جي انتهائي ڪهني صنف آهي، حقيقت ۾ ڪهاڻي خود انساني تاريخ جيتري ئي پراڻي آهي.

    اديب جو فرض صحتمند سوچ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪرڻ آهي. هر قلمڪار جي لکڻي پُر اثر ۽ معنى خيز ثابت ٿيڻ ضروري نه آهي، جيستائين ان ۾ داخليت يعنى مَن اندر جي ولوڙ شامل نه آهي. علم ۽ قلم جو سفر ته روان آهي پر انهيءَ سفر ۾ ڪي پانڌيئڙا اهڙا به هوندا آهن جيڪي سماج تي پنهنجي پورهئي ۽ انسان دوست رويّن جي ڇاپ صدين تائين ڇڏي وڃن ٿا، اهڙن ئي انتهائي شفيق، سٻاجهڙن ۽ مهان انسانن مان انيس انصاري به هڪ هو.
    الله بخش انيس انصاري 26 جولاءِ 1923 تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. 1956 ۾ قلم ڌڻين جي قافلي ۾ شامل ٿي لکڻ جي ڪرت سان سلهاڙجي ويو. سندس لکيل پهرئين ڪهاڻي ”رنڊي“ هئي. نوڪري جي تمام گهڻين مصروفيتن باوجود لکڻ پڙهڻ سان به ناتو نڀائيندو رهيو. ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن شاعري، ڪڏهن ڊائري ته ڪڏهن مضمون يا تحقيقي مقالي جي صورت ۾. سندس مطابق: ”جنهن عمر ۾ ماڻهو قلم رکندا آهن (ادبي تخليق جي حوالي سان) مان ان عمر ۾ قلم کنيو، اها عمر هئي جڏهن سرڪار ڪم ڪندڙ کي جسماني ۽ ذهني طرح بيڪار سمجهي پينشن تي اماڻيندي آهي.“

    سائين انيس انصاري صاحب ڪيتريون ئي يادگار ڪهاڻيون سرجيون جن جا اڪثر موضوع روزاني زندگيءَ جي ننڍن وڏن مسئلن جي عڪاسي کان علاوه انساني نفسيات ۽ ٻين دل ڇهندڙ مختلف موضوعن تي مشتمل آهن. سندس شاهڪار ڪهاڻين ۾ ”ٽپڪو“، ”اڃا نه اڃا نه“، ”پينشنر“، ”مٽي“ ۽ ”ويراني“ شامل آهن، جن مان ڪهاڻي ”پينشنر“ تي 1988 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس ايوارڊ ارپيو ويو. ڪهاڻي ”اڃا نه اڃا نه“ کي 1989 ۾ سنڌ سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران سال جي بهترين ڪهاڻي طور جمال ابڙو ايوراڊ ڏنو ويو. هن وٽ ڪهاڻي لکڻ جو خاص ڏانءُ آهي، لفظن جي جوڙجڪ ماحول مطابق هئڻ کان علاوه ڪردارن جي چونڊ ۽ علاقائي لهجي واري ٻوليءَ جو استعمال ۽ باريڪ بينيءَ سان ٿيل مشاهدو، شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ لکيل ڪهاڻين جي خاص خوبين منجهان آهي جنهنڪري سندس ڪهاڻين کي ڀرپور موٽ ملي.

    انيس انصاري جون ڪهاڻيون يڪسانيت جو شڪار هرگز نه آهن، بلڪه انهن ۾ پلاٽ جي ويرائٽي کان علاوه ڪردارن جي نواڻ پڻ موجود آهي. هن مصنوعي ماحول ۽ جملن جي ڀرمار بجاءِ مقصديت تي فوڪس ڪيو آهي. منٽو جيان انيس انصاري پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ”منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ نه زوردار ڊائلاگ آهن، نه ڀرپور فلاسافي، هڪ عام ذهني سوچ جي پيداوار آهن منهنجون ڪهاڻيون!“ هن جي ڪهاڻين جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ جي قريب آهي، سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”انيس جا افسانا“ پڻ ڇپيل آهي.
    انيس انصاري جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي، هو فقط ڪهاڻيڪار ئي نه، پر خوبصورت شاعر، مضمون نويس، منتظم ۽ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي جي علمن کان علاوه دنيا جي تاريخ جو ڄاڻو پڻ هو، ۽ اهڙي جهلڪ سندس ڪهاڻين ۾ پڻ موجود آهي. ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ ۾ راڪس، منرلس ۽ فاسلس وغيره جو تفصيلي ۽ سائنسي انداز ۾ بيان، ”وڏي حويلي“ ۾ سير و تفريح ۽ شڪار جو ذڪر وغيره. سندس اهم لکڻين ۾ ”آتم ڪٿا ۽ روزاني ڊائري“ پڻ شامل آهن، جيڪي هڪ دور جي تاريخ جي حوالي سان به اهميت رکندڙ آهن پر اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌريون ٿي ناهن سگهيون.

    انيس انصاري کي سير و تفريح کان علاوه شڪار ۽ فوٽوگرافيءَ سان پڻ تمام گهڻي دلچسپي هئي، پاڻ مختلف ٻوليون پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندو هو جن ۾ انگريزي، اردو، فارسي، گرمکي ۽ هندي وغيره شامل آهن. انيس انصاري مختلف وقتن تي مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ جميعت الشعراء، ڪاليج يونين، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي وغيره شامل آهن. پاڻ جن به مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيائين سو سندس اولاد مان هر هڪ پنهنجي لاءِ پڻ منتخب ڪيو. اشتياق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو محقق ۽ آرڪيالاجسٽ وارو آهي. اخلاق انصاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي ۽ ڊاڪٽر اسحاق انصاري ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انصاري خاندان سنڌ جي انهن چند خاندانن منجهان هڪ آهي جن جا تمام گهڻا فرد ليکڪ آهن، جنهن جو بنيادي سبب انيس انصاري جي تربيت ئي آهي. هو شخص انا جي خول کان آجو هيو. سموري حياتي سادگيءَ ۾ گذاريائين پر پنهنجي طَي شده اصولن تي ڪمپرومائيز نه ڪيائين. کل مُک ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ اهڙا شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن. انيس انصاري 6 مارچ سن 2000 ۾ اسان کان موڪلائي ويو.

    _____
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منهنجو سائين...انيس انصاري

    اسحاق انصاري

    عام چوڻي آهي ته گھر ئي اصل ۾ پهرين ۽ آخري تربيت گاهه آهي. ان ۾ وري ڪو شڪ ناهي ته اسان جا والدين اسان جا استاد رهيا. امڙ سڳوري جيڪڏهن اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ، کائڻ پيئڻ، ٻارن سان رويو، يا وڏن جي عزت جي باري ۾ سمجھائيندي رهندي هئي ته بابا سائين انيس انصاري اسان جو اهڙو استاد هئو جنهن اسان کي رنگن کي پيار ڪرڻ کان وٺي لفظن جي پوپٽ جھلڻ جو فن به سيکاريو، خوشيءَ جي خوشبوئن کي جھٽڻ به سيکاريو ته حسن جي نزاڪتن ۽ نفاستن جي باري ۾ به ڄاڻ به ڏني. اهو به سيکاريو ته قدرت جي منظرن کي ڪيئن فوٽوءَ جي نگيٽو تي آڻي پازيٽو بڻائبو آهي. انڪري ئي مون لکيو آهي ته هو منهنجو ڇا پر اسان سڀني ڀائرن ڀينرن جو سائين(استاد ۽ مينٽر) آهي. پر هتي ان ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته هو اسان کي تعليم روايتي طريقي سان نه ڏيندو هو ته ڪنهن وقت اسان کي ويهاري ”ادب جا ڪلاس“ وٺي يا وري ”اچو ته فوٽو گرافي سکون“ يا وري اهو چئي ته ”اڄ اسان جو موضوع فلڪيات آهي“ يا وري اهو چئي ته ”آرٽ جي ارتقا“ تي ڳالهايون يا وري ”سائنس جي ايجادن“ تي ڳالهايون. بالڪل ائين نه هئو، هن جو پنهنجو طريقو هو. ادب جي ڪلاس وٺڻ جي هن کي ضرورت نه هوندي هئي پر گھر ۾ ايترا ڪتاب رکيل هئا، ٻارن جا رسالا ۽ ڪتاب گھرائڻ، کيس فارغ وقت ۾ رڳو پڙهندي ڏسون ته اسان جو ذهن به آهستي آهستي ننڍي هوندي کان وٺي ڪتابن جي ويجھو ٿيندو ويو. وري جڏهن کيس ڏسندا هئاسين ته پنهنجي مخصوص ڊائري کڻي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ ويندو هئو. يا پنهنجي اوطاق تي وقتن بوقتن آيل ان وقت جي نامور شاعرن ۽ ليکڪن جا هٿ ڌورائيندا هئاسين ته ڪهڙو نود هوندو جيڪو انهن شين جو اثر وٺي ڪتابن کي ويجھو نه ٿيندو. رات جو سمهڻ کان اڳ بابا آکاڻي ٻڌائيندو هو جيڪو به ڪو مشهور ناول هوندو هئو. انڪري بابا جي ٻڌايل ڪهاڻي ڪڏهن فرسٽ پرسن ۾ هوندي هئي ته ڪڏهن ٿرڊ پرسن ۾، اسان انهن ڪهاڻين جي ڪاڪ محلن ۾ رستا ڀلجي پوندا هياسين ۽ پوءِ پاڻ پنهنجا رستا جوڙي ٻاهري نڪري ايندا هئاسين ته اسان جي تخيل ۾ هڪ نئين ڪهاڻي جُڙي پوندي هئي.
    فوٽو گرافي به ڪڏهن هٿ کان وٺي نه سيکاريائين پر بابا انيس انصاري وٽ ان زماني به کوڙ قسمن جون ڪئميرائون هونديون هيون. جن تي اسان به هٿ صاف ڪندا هئاسين. ان زماني ۾ 50 واري ڏهاڪي ۾ بابا سلائيڊس(ٽرانپيرنسي) تي فوٽو ڪڍندو هئو جيڪو رول صاف ٿيڻ لاءِ انگلينڊ ويندو هئو ته وري پاڻ به گھر ۾ ڊارڪ روم ٺاهي فوٽو ڊولپ ۽ پرنٽ ڪندو هئو. سو اسان به فوٽوگرافي ڏانهن ائين آياسين.
    رات جو دوربين کڻي، آسمان ۾ مختلف ستارن جا ميڙ ڳولهيندو هئو پوءِ وري پاڻ وٽ رکيل ستارن جي نقشي واري امونيا پرنٽ تي ڳولهيل ستارن جي ميڙ کي گول دائرو ڪڍندو ويندو هئو. ياد آهي ته ان 60 واري ڏهاڪي ۾ سال مون کي ياد نه آهي ته ڪجھه ڏينهن لاءِ پڇڙ تارو نظر ايندو هو. اهو ڏيکارڻ لاءِ اسان کي ننڊ مان به اٿاريندو هو ڇو ته اهڙو تارو هميشه نظر نه ايندو آهي.
    جماليات سندس هر عمل مان بکندي هئي. ڪراڪري به وٺندو ته اها مختلف هوندي هئي. ان وقت گھڻو ڪري سٺي ڪراڪري يورپ مان ايندي هئي. مون کي ياد آهي ته هڪ گلاسن جو سيٽ هوندو هئي جنهن تي دنيا جي مختلف ناچن جا انداز پينٽ ٿيل هوندا هئا. هڪ سيٽ وري اهڙو هوندو هئو جنهن تي مختلف مڇيون پينٽ ٿيل هونديون هيون. ڊنر سيٽ به اهڙا هوندا هئا جن تي ڪي خاص نقش ٺهيل هوندا هئا. صبح جي واڪ تي وٺي ويندو هئو، ته پکين جون لاتيون، روشنيءَ جا مخلتف شيڊز پسيندا هئاسين، مخلتف آواز ٻڌاندا هياسين. گھر ۾ دنيا جي مشهور پينٽرن جون مشهور پينٽنگز لڳل هونديون هيون، انهن تي ڪتاب رکيل هوندا هئا ، تنهنڪري ننڍي هوندي کان وٺي، ليونارڊو ڊاونچي، پڪاسو، ريمبرانٽ، وان گو وغيره سان واقفيت ٿي. ان کان علاوهه پنهنجي لٽي ڪپڙي ۾ نفاست رکندو هئو ته گلن ۽ وڻن جي هڳاءَ کي به محسوس ڪندو هئو، وارن لاءِ امپورٽيڊ خوشبودار تيل ۽ ڪريمون وٺندو هئيو. ته ٽوپين ۽ هيٽ جا مختلف سيٽ سندس ڪٻٽ ۾ پيل هوندا هئا. تنهنڪري جماليات جي حِس اسان وٽ آئي. انهن ڳالهين جي ڪري ئي مان چوان پيو هو منهنجو سائين آهي.

    ڪاوش گيلري ۾ ڇپيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو