ڪي ماڻهو تاريخن تي نقش اڀاري ويندا آهن، اهڙن ئي بهادر ماڻهن مان هڪ هيو لاطيني آمريڪا جي رياست وينزويلا جو صدر هوگوشاويز ۔۔۔ هو اهو ماڻهو هيو جيڪو آمريڪا جو سخت مخالف رهيو ۽ کيس ڪيوبا جي اڳواڻ ڪامريڊ فيڊرل ڪاسترو جي ساٿ سان ڪيترن ئي رياستن کي آمريڪا ۽ ٻين سامراجي قوتن کان آزادي ڏياري۔ هوگوشاويز 14 سال حڪومت ڪرڻ کانپوء ڪينسر سبب اڄ انتقال ڪري ويو۔
هوگو شاويز اهوئي ته هيو جنهن آمريڪي صدر جارج بُش کي هڪ مذاق بڻائي ڇڏيو هيو۽ گڏيل قومن جي هلندڙ اجلاس ۾ کيس شيطان بُش سڏيو هو۔ هوگو شاويز کي دنيا جون مظلوم قومون سدائين ياد رکنديون ۽ هو تاريخ ۾ امر ڪردار سڏيو ويندو۔