رڳون ٿيون رباب وڄن ويل سڀڪنهن.

نثارابڙو

نائب منتظم
بهار جي موسم جي نالي ڪريانٿو هي آزاد نظم ۽ هي ساز ۽ انجو آواز ... رڳون ٿيون رباب وڄن ويل سڀڪنهن.

بهارون اينديون
مينهن ورکا ٿيندي
گل ٽڙندا
پکي مٺي لات لوندا
عيدون ٿينديون
وڇڙيل ملندا ...
پر پرين ،
تون نه هوندين
تنهنجي ياد
هر وار
موٽ کائيندي ...

نسيم حيدري​
 
پر پرين ،
تون نه هوندين
تنهنجي ياد
هر وار
موٽ کائيندي ..


هِن بهار ۾ وري ياد آيو يار
هي موسم عاشقن جي آهي دِل جا سور ضرور ونڊينداسين
محبوبن کان پَري مور نه وينداسين
 
بهار به پوين پساهن ۾ آهي ۽ ڪراچي ۾ جيئن جيئن بارود جي باهه وڌي آهي، تيئن ئي گرمي به جوڀن ڏيکاري رهي آهي۔ اهڙي حالتن ۾ اوهان جا احساس سمجهي سگهجن ٿا۔۔۔ ادي نسيم جون سهڻيون سٽون۔
 
Back
Top