انگريزي کارِنگھَه

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    انگريزي کارِنگھَه English Chunnel
    احسان احمد عرساڻي

    انسان ذات اوائلي دور کان ئي پنهنجا ڊگھا سفر آسان بنائڻ ۽ آمدورفت جا ذريعا ترت ۽ آرامده بنائڻ لاءِ جتن ڪندو رهيو آهي. سڀ کان اوائلي ڪوششن ۾ گھوڙو پالڻ شامل آهي، جنهن سان انسان پنهنجي سواريءَ کي آسان ۽ ترت بنايو. پر وچ ۾ ايندڙ پاڻيءَ جا وهڪرا، زميني سفر جي تسلسل ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل رهيا آهن، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ واهن، دريائن، ۽ پوءِ سمنڊن مٿان پليون تعمير ڪيون ويون. سمنڊن مٿان وڏي کان وڏين پلين ۾ چين واري ڪڱڊائو هيوان Quindao Haiwan پل ۽ آمريڪا واري پون شاغتغن ڍنڍ Lake Pontchartrain پل شمار ٿين ٿيون، جن جي ڊيگھه ترتيبوار 26.4 ميل ۽ 23.87 ميل آهي. 1820ع ۾ جڏهن ٻاڦَ انجڻ سان هلندڙ ريل ايجاد ٿي ۽ ريل رستي آمدورفت عام ٿيڻ لڳي ته پلين تي عام گاڏين لاءِ روڊن سان گڏ ريل گاڏين لاءِ پٽڙيون پڻ وڇايون ويون. يورپ ۾ ريل رستو، آمدورفت جو سستو، آسان، ۽ آرامده ترين ذريعو بڻيل آهي. مَي 1994ع تائين، سواءِ برطانيه جي، يورپ جا سمورا ملڪ هڪٻي سان تيز رفتار ريل گاڏين جي لڳاتار اچ وڃ ذريعي جڙيل هئا. برطانيه ۽ فرانس درميان هڪ انگريزي کاري English Channel واقع آهي. ڏاکڻي انگلستان ۽ اترين فرانس کي هڪٻي کان ڌار ڪندڙ اها کاري دراصل ايٽلانٽڪ ساگر جي اها ٻانهن آهي، جيڪا ان کي اتر سمنڊ North Sea سان ملائي ٿي. 560 ڪلوميٽر ڊگھي اها کاري، وڌ ۾ وڌ 240 ڪلوميٽر ۽ ڊووَر ڳچي سمنڊ Dover Strait وٽ گھٽ ۾ گھٽ، يعني 34 ڪلوميٽر ڊگھي آهي. ٻيٽ هوڻ سبب، برطانيه جو فرانس ۽ سموري يورپ سان زمين رستي آمدورفت ناممڪن بڻيل هئي. تنهنڪري برطانيه کان ۽ ڏانهن سموري آمدورفت پاڻيءَ ذريعي يا فضائي واٽ ذريعي ٿيندي هئي. مَي 2004ع تائين دنيا ۾ ڪٿي به ايڏي ڊگھي پل ٻڌڻ ممڪن ٿي نه سگھيو هو، جيڪا 34 ڪلوميٽر ويڪري انگريزي کاري ٽپي سگھي. 1988ع ۾ برطانيه ۽ فرانس جي انجنيئرس هڪ نرالي منصوبي تي ڪم جو آغاز ڪيو، جنهن جو مقصد انگريزي کاريءَ جي تري کان به هيٺ هڪ سرنگھه کوٽي برطانيه ۽ فرانس کي پاڻ ۾ زمين رستي ملائڻ هو. مَي 6، 1994ع تي تڏهوڪي فرانسيسي صدر فغانسوا متغان Francois Mitterrand ۽ برطانوي راڻي ايليزبيٿ 2 Elizabeth ان سرنگھه Tunnel جو افتتاح ڪيو، جيڪا انگريزي کاريءَ جي هيٺان گذرندي انگلستان ۽ فرانس کي ملائيندڙ ريل رستو فراهم ڪري ٿي، جيڪو برطانيه جي فوڪسٽون، ڪينٽ (Folkestone, Kent) کان اترين فرانس جي شهر ڪالي Calais ويجھو ڪوڪيل Coquelles جي مقام تائين وڃي ٿو. جيئن ته اها سِرنگھَه انگريزيءَ کاريءَ هيٺان گذري ٿي، تنهنڪري ان کي ”کارِي سرنگھه“ Channel Tunnel، مختصراً کارنگھَه Chunnel سڏيو وڃي ٿو. ساڳي ئي سال 14هين نومبر تي، ان کارنگھَه رستي مسافر ريل سواريءَ جو افتتاح ڪيو ويو. اڄ اتان Eurostar ۽ DB Schenker Rail جون ريل خدمات برسر عمل ۾ آهن. اڄ اها کارنگھه فرانس کان انگلستان توڙي انگلستان کان فرانس وڃڻ لاءِ روزانو هزارين ماڻهو استعمال ڪن ٿا. يورواسٽار جي انگن اکرن پٽاندر سن 2010ع ۾ اٽڪل 95 لک مسافرن يورواسٽار ۾ سفر ڪندي کارنگھه ذريعي ايٽلانٽڪ ساگر کي پار ڪيو. ان کارنگھه مان مسافرن لاءِ يورواسٽار ريل گاڏيون به گذر ڪن ٿيون ته مالبردار گاڏيون به هلن ٿيون. ان کان سواءِ هيءَ کارنگھه روڊ رستي سفر ڪندڙ مسافرن جي گاڏين کي سمنڊ پار کڻي وڃڻ جون سهوليتون به فراهم ڪري ٿي. تاريخ: کاري پار سرنگھه جو خيال 1802ع ۾ ئي پيش ٿي چڪو هو. اهڙي پهرين تجويز هڪ فرانسيسي کاڻڪاري Mining انجنيئر آلبيغ ماتيُو Albert Mathieu پيش ڪئي. 1830ع واري ڏهاڪي ۾ ايمي تومي دُ گامون Aimé Thomé de Gamond ڪالي Calais ۽ ڊووَر Dover درميان انگريزي کاريءَ جون پهريُون ڀون ڀياسِي Geological ۽ آبونگاري Hydrographical سرويز عمل ۾ آنديون. گامون ڪيتريون ئي رٿائون کوجيون ۽ 1856ع ۾ هن نيپوليئن 3 آڏو گِـرِي ني Gris-Nez کان اِيسٽ واٽر جي مقام Eastwater Point تائين سرنگھه کوٽي ريل هلائڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن تي 17 ڪروڙ فرانڪ يعني 70 لک پائونڊ کان به گھٽ لاڳت اچڻ جو تخمينو هو. 1865ع ۾ جارج وارڊ هنٽ George Ward Hunt جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد پڻ تڏهوڪي ناڻي واري چانسلر وليئم ايوارٽ گليڊسٽون William Ewart Gladstone کي هڪ تجويز پيش ڪئي. ڪيترن ئي ٻين فردن پڻ اهڙين رٿائن جي تشهير ڪئي پر ڪنهن تي به عمل نه ٿي سگھيو. 1876ع ۾ ته کاري پار سرنگھه ذريعي ريل رستو عمل ۾ آڻڻ لاءِ سرڪاري سطح تي اينگلو فرانسيسي ضابطه ڪار تشڪيل ڏنو ويو. رٿا تي عمل پڻ شروع ٿي چڪو هو. برطانيه واري پاسي کان لڳ ڀڳ 2 ڪلوميٽر، جڏهن ته فرانس واري پاسي کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر سرنگھه کوٽجي چڪي هئي، پر 1882ع جي مَي ڌاري برطانيه ۾ قومي سلامتيءَ واري سوال تي سياسي دٻاءُ سبب ان رٿا تي عمل کي روڪيو ويو. تنهن کان پوءِ 1919ع ۾ برطانوي وزير اعظم اهڙي رٿا تي زور ڏنو، جيڪا سندس موجب فرانس کي جرمنيءَ جي حملن کان بچائڻ لاءِ برطانيه جي عزم جو اظهار هو. پر فرانس ان رٿا تي سنجيدگي اختيار نه ڪئي. ڏهه سال رکي، 1929ع ۾ پڻ اهڙي رٿا سرڪاري سطح تي غور هيٺ آئي، پر ڪو نتيجو نڪري نه سگھيو. سبب ساڳيو ئي ـــ ٻنهي ملڪن جي عسڪري قيادت جا دفاعي خدشا. انجنيئرس سندن خدشا دور ڪرڻ لاءِ سرنگھه جي ٻنهي ڇيڙن ويجھو هڪ هڪ کوهه کوٽڻ جو سوچيو، جنهن کي مرضيءَ موجب پاڻيءَ سان ٻوڙيندي سرنگھه کي بند ڪري سگھجيو ٿي. پر اهڙي تجويز به ٻنهي ملڪن جي عسڪري قيادت کي مطمعين ڪري نه سگھي. تنهن کان سواءِ برطانوي ماڻهن کي اهو خدشو پڻ هو ته سرنگھه رستي سندن ملڪ ۾ سياحن جا ڪٽڪ اچي لهندا، جيڪي انگريزي طرز زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندا. عسڪري شعبي ۾ فضائي طاقت جي حاوي ٿيڻ سبب، 1955ع تائين سڀ ان ڳالهه تي متفق ٿي ويا ته هاڻي دفاعي خدشا اجايا ٿي چڪا آهن. تنهنڪري ٻنهي ملڪن جي حڪومتن اهڙي رٿا لاءِ ڀون ڀياسي Geological ۽ ٽيڪنيڪي سرويز ڪرائڻ جي پٺڀرائي ڪئي. 1964 ــ 1965ع دوران تفصيلي ڀون ڀياسي سروي Geological Survey عمل ۾ آندي وئي. 1974ع ۾ سرنگھه کوٽڻ جو ڪم شروع ٿي ويو، پر 1975ع جي جنوريءَ ۾ فرانس کي مايوسي ٿي، ڇاڪاڻ ته برطانيه ۾ ليبر پارٽيءَ جي سرڪار قائم ٿيڻ کان پوءِ غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي پئي ۽ اقتصادي بحران پيدا ٿي پيو. برطانيه ۾ هڪ ڀيرو وري ڪنزرويٽِوِ پارٽيءَ جي سرڪار قائم ٿيڻ کان پوءِ 1979ع ۾ ٻِرُ منصوبو Mouse-hole Project تجويز ڪيو ويو. برطانوي وزير اعظم مارگريٽ ٿيچر Margaret Thatcher ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري، پر هن چيو ته کيس خانگي سيڙپڪاريءَ تي ڪو به اعتراض نه ٿيندو. 1981ع ۾ برطانوي اڳواڻ مارگريٽ ٿيچر ۽ فرانسيسي صدر فغانسوا متغان Francois Mitterrand خانگي سيڙپڪاريءَ جي مدد سان منصوبي تي عمل ڪرائڻ لاءِ رضامند ٿيا. 1985ع ۾ خانگي شعبي کي اظهار دلچسپيءَ جي دعوت ڏني وئي. مجوزه منصوبن مان چار منصوبه غور هيٺ آندا ويا، جن مان هڪڙو اهو ئي ساڳيو 1975ع وارو منصوبو هو. اهو منصوبو فرانسيسي ڪوٺي Company فرانس مانش France-Manche ۽ برطانوي ڪوٺي برٽش چينل ٽنل گروپ British Channel Tunnel Group پيش ڪيو هو. فرانس مانش ٻن بينڪن ۽ پنجن اڏاوتي ڪوٺين Construction Companies تي ٻڌل هئي ته برٽش چينل ٽنل گروپ ٻن بينڪن ۽ پنجن اڏاوتي ڪوٺين تي مشتمل هو. جولاءِ 2، 1985ع تي انهن ٻنهي وڏين ڪوٺين ملي CTG/F–M نالي گروپ جوڙيو. ان گروپ منظوريءَ لاءِ ساڳيو 1975ع وارو منصوبو، ماحولياتي اثرات جي خاصي تفصيلي معائني ساڻ پيش ڪيو. 1987ع ۾ فرانسيسي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ CTG/F–M جي پيش ڪيل ان منصوبي تي عمل درآمد جي يڪراءِ منظوري ڏني. جڏهن ته فيبروري 1987ع ۾ هائوس آف ڪامنس ۾ ان جي منظوري ڏني وئي. 1986ع ۽ 1987ع ۾ کاري پار جهازران صنعت cross-Channel ferry industry ان منصوبي جي تمام ڇتي مخالفت ڪئي ۽ احتجاج ڪيو، پر عوامي راءِ ان منصوبي جي حق ۾ هئي. حادثاتي انتظام Accident Management، ڊرائيور کي غشي اچڻ، توڙي هوادانيءَ Ventilation جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي، ساڳي 1975ع واري منصوبي تي عمل جي منظوري ڏني وئي. آخرڪار Eurostar جي نگرانيءَ هيٺ 1988ع ۾ اڏاوتي ڪم شروع ٿيو، جيڪو ڇهه سال جاري رهيو. ان رٿا ۾ تخميني کان 80 سيڪڙو وڌيڪ خرچ اچي ويو. انتظامي جوڙجڪ: ان کارنگھه جي ڊزائين ۽ اڏاوتي ڪم CTG/F–M گروپ جي ڏهن اڏاوتي ڪوٺين سرانجام ڏنو. جڏهن ته بينڪن جو ڪردار سموري منصوبي لاءِ درڪار رقم جي فراهمي ممڪن بنائڻ هو. يوروٽنل Eurotunnel نالي هڪ مالي گروپ سموري CTG/F-M گروپ کي جذب ڪري ورتو، جنهن کارنگھه جي اڏاوت لاءِ ڪل 13 هزار ملازم ڀرتي ڪيا، جن جو مجموئي ساليانو پگھار 10 ارب فرانڪ هو. منصوبي جي تڪميل لاءِ درڪار سمورو ناڻو يوروٽنل ميسر ڪيو، تنهنڪري انگريزي کارنگھه جا مالڪاڻه حق ان ئي گروپ کي حاصل آهن. جڏهن ته Maître d'Oeuvre نالي هڪ نگهداشتي انجنيئرڱ تجسمSupervisory Engineering Body جو ڪم منصوبي جي پيش رفت بابت ٻنهي حڪومتن ۽ واسطيدار بينڪن کي آگاهي ڏيڻ هو. تنهن هوندي به انجنيئرڱ ۽ حفاظتي معاملات جا فيصلا فرانسيسي ۽ برطانوي حڪومتون ڪنديون رهيون، جيڪي هاڻي کاري سرنگھه حفاظتي اختياريءَChannel Tunnel Safety Authority جي زيردست آهن. بناوت: انگريزي کارنگھه دراصل ٽن سرنگھن جو نالو آهي؛ ٻه وڏيون سرنگھون (A) ۽ انهن جي ٺيڪ وچ ۾ هڪ ننڍي سرنگھه (B). ٻنهي وڏين سرنگھن مان هر هڪ اندر هڪ يڪ طرفو ريل رستو آهي، جڏهن ته مرمتي ۽ امدادي ڪمن لاءِ ٻنهي سرنگھن جي وچ ۾ هڪ ننڍي سرنگھه (B) رکي وئي آهي. سامونڊي تر کان ان سرنگھه جي وڌ کان وڌ اونهائي 75 ميٽر آهي. ريل رستي لاءِ جڙيل (A) مکيه سرنگھن جو قطر 25 فوٽ آهي، جڏهن ته امدادي سرنگھه (B) جو قطر 16 فوٽ آهي. اهي سرنگھون 31 ميل (50.5 ڪلوميٽر) ڊگھيون آهن، جن مان 23 ميل انگريزي کاريءَ هيٺ، 2 ميل فرانس واري پاسي زمين هيٺ، ۽ باقي 6 ميل برطانيه واري پاسي زمين هيٺ آهن. اهڙيءَ ريت هيءَ دنيا جي ٻين وڏي ۾ وڏي ريل سرنگھه آهي، ۽ سمنڊ هيٺان دنيا جي وڏي ۾ وڏي سرنگھه آهي. ان کارنگھه جي ٻن وڏين سرنگھن درميان 98 فوٽن جي وٿي رکي وئي آهي. مکيه سرنگھن (A) کي امدادي سرنگھه (B) سان ڳنڍڻ لاءِ هر 375 ميٽرن جي فاصلي تي 11 فوٽ قطر جي سرنگھن (C) جو هڪ جوڙو پڻ رکيو ويو آهي. تيز رفتار ريل گاڏيون پسٽن تاثير Piston-Effect سان داٻ ۾ تبديليون اچي سگھن ٿيون، جن سان مسافرن جي آرائش، واءُ کائي سرشتو، سرنگھه جا دروازا، پکا، ۽ ريل گاڏين جو ڍانچو متاثر ٿي سگھي ٿو ۽ ريل گاڏي گهلجي سگھي ٿي. ان کان بچڻ لاءِ هر 250 ميٽرن جي فاصلي تي ٻنهي مکيه سرنگھن کي پاڻ ۾ ملائيندڙ 7 فوٽ قطر واري هڪ سرنگھه (D) رکي وئي آهي، جنهن کي داٻ ڇڏ کاٽِي piston relief duct سڏجي ٿو. انهن 194 کاٽين جو ڪم ٻنهي مکيه سرنگھن ۾ هوا جو داٻ برابر رکڻ آهي. بدقسمتيءَ سان، انهن پاسائتين سرنگھن سان پاسائتو زور پيدا ٿيو، جنهن سبب ريل گاڏين جي رفتار گھٽائڻ ضروري ٿي پيو. ان ڪري سرنگھه اندر ريل گاڏين لاءِ رفتار جي حد 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رکي وئي آهي. کارنگھه اندر ٻن جاين تي ريل پٽين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ آڏيون غارون به جوڙيون ويون آهن. کارنگھه جي سراسري گهرائي، سمنڊ جي تر کان 45 ميٽر يا 148 فوٽ آهي. برطانيه واري پاسي ان کوٽائيءَ ذريعي نڪرندڙ 50 لک ڪعبي ميٽر ملبي مان 10 لک ڪعبي ميٽر ملبو ٽرمينل جي ڀرائيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ملبو هيٺاهين شيڪسپيئر اُڀوٽيءَ Lower Shakespeare Cliff ڀرسان سمنڊ ۾ وجھي 74 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي، جتي هڪ تفريحي پارڪ جوڙيو ويو. امدادي سرنگھه ۾ امدادي آمدورفت سرشتو (STSS) ۽ هلڪيون گاڏيون استعمال ٿين ٿيون. اها کارنگھه هر ڏيڍ منٽ ۾ هڪڙي ريل گاڏي گذارڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. ريل گاڏين جون انجڻيون ۽ برقي تنصيبات به گرمي پيدا ڪن ٿيون ته هوا ۽ تيز رفتار ريل گاڏين درميان گاٺ Friction سان به گرمي پيدا ٿي ٿِي. تنهنڪري هر مکيه سرنگھه اندر هڪ ٺار سرشتو Cooling system رکيو ويو آهي. ان ٺار سرشتي ۾ 32 ۽ 40 سينٽيميٽر قطر وارو ڪل 200 ڪلوميٽر ڊگھو پائيپ استعمال ٿيل آهي. 40 ميگاواٽ پلانٽ پاڻيءَ کي 4 درجا سينٽيگريڊ جي گرمي پد تائين ٿڌو ڪري، 220 ليٽر في سيڪنڊ جي شرح سان انهن پائيپن ۾ ڊوڙائيندو آهي. سموري سرشتي ۾ استعمال ٿيل پائيپ لائينن جي ڪل ڊيگھه 550 ڪلوميٽر آهي، جنهن جي تنصيبڪاريءَ لاءِ لک ويهه هزار بريڪيٽس استعمال ٿيل آهن. سرنگھه ۾ هڪ هواداني ventilation سرشتو پڻ رکيو ويو آهي، اهو سرشتو ٻن پلانٽس تي مشتمل آهي، جن ۾ 2.8 ميٽر جي قطر جا پنکا لڳايا ويا آهن. اهي پنکا سراسري طور 80 ڪعبي ميٽر هوا في سيڪنڊ مهيا ڪري سگھن ٿا. حادثاتي طور باهه لڳڻ جي صورت ۾ اهو هواداني سرشتو هڪ رخ ۾ هوا گذاري دونهين کي سرنگھه کان ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ ساهه کڻڻ لاءِ مسافرن کي تازي هوا ميسر ڪري ٿو. سرنگھن ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻيءَ کي ڪڍڻ لاءِ نيڪال جو سرشتو به موجود آهي، جنهن منجھه 3 پمپڱ اسٽيشنون آهن. هر هڪ پمپڱ اسٽيشن هڪ ڪلاڪ ۾ 1200 ڪعبي ميٽر پاڻي ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿي. مطلب ته اهو نيڪال سرشتو سرنگھه جي هر ڪلوميٽر تي هر سيڪنڊ ۾ گڏ ٿيندڙ 20 ليٽر پاڻيءُ کي نيڪال ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ۽ هنگامي حالتن جي صورت ۾ ٻن ڪلاڪن جي عرصي ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ کي سانڍي به سگھي ٿو. سرنگھه ۾ ڪنهن به امڪاني باهه کي وسائڻ لاءِ هڪ جامع باهه ٽوڙ سرشتو موجود آهي، جيڪو چئن ٽانڪين تي ٻڌل آهي. هر ٽانڪي 800 ڪعبي ميٽر پاڻي سانڍڻ جي گنجائش رکي ٿي ۽ هر هڪ ٽانڪيءَ سان گڏ هڪ پمپ به آهي. اهو باهه ٽوڙ سرشتو، جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ 120 ڪعبي ميٽر پاڻي فراهم ڪري سگھي ٿو، تنهن ۾ 10 کان 25 سينٽي ميٽر قطر رکندڙ ڪل 60 ڪلوميٽرن جي ڊيگهه جا پائيپ استعمال ٿيل آهن. سرنگھه ۾ مٿي لڳل تارن تي ٻڌل برقي سرشتو پڻ موجود آهي، جنهن ذريعي ريل گاڏين جي انجڻين لاءِ 50 هرٽز ۽ 25 هزار اي سِي وولٽ ساڻ برقي توانائي ميسر ڪئي وڃي ٿي. ان سرنگھه ۾ وسيع ربطياتي ۽ ضبطياتي Communication and Control سرشتو موجود آهي. ان ۾ 2700 ڏوروايا (ٽيليفون سيٽس)، 4400 گونجارا Loudspeakers، ۽ 1200 باهه ڀانپڻا Fire Detectors آهن. ان جا ٻه مکيه ضبطياتي مرڪز آهن، هڪڙو ڪوڪيل تي ۽ ٻيو فوڪسٽون تي. انهن مان هر هڪ سموري آمدورفت توڙي تنصيبڪارين تي نظر به رکي سگھي ٿو ته ضابطو به، جنهن لاءِ اهي 700 ملين ٻٽڻيون في سيڪنڊ Bits per second جي شرح سان اطلاع رسائيندڙ 237 ڪلوميٽر ڊگھو چشم ريش Optical Fibre استعمال ڪن ٿا. ان سرنگھه ۾ ٻه برقياتي ربطياتي سرشتا استعمال ٿين ٿا: هڪڙو يوروٽنل جي متحرڪ امدادي گاڏين درميان رابطي لاءِ ۽ ٻيو ضبطياتي مرڪز /کان ريل گاڏين جي عملي تائين آوازي توڙي اعدادي Data رابطي لاءِ. هن سال 25هين جُولاءِ کان کارنگھه اندر 2G، 3G، توڙي 4G موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جون سهوليات به موجود آهن. ترقياتي ڪم: فرانس ۽ انگلستان درميان سرنگھڻ هڪ وڏي انجنيئرڪي للڪار هئي. ان کان اڳ ۾ رڳو اهڙو هڪ ئي مثال / ڏسو صفحو...9 موجود هو، جاپان جي سيڪان سرنگھه Seikan Tunnel. سمنڊ هيٺان سرنگھڻ ۾ سنگين خطرو اهو هوندو آهي ته ڪن جاين تي ڀونءِ جي ڪمزور هوڻ جي صورت ۾ سامونڊي داٻ سبب پاڻي سرنگھه ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. کاريءَ هيٺ ڪامياب سرنگھڪاريءَ Tunneling لاءِ ڀون ڀياس Geology جي مناسب ڄاڻ گھربل هئي ته جيئن کوٽائيءَ لاءِ درست تهه stratum جي چونڊ ڪري سگھجي. 1833ع کان 1867ع دوران سامُونڊي پسگردائيءَ مان حاصل ڪيل نمونن مان تومي دُ گامون Thomé de Gamond معلوم ڪيو ته سامونڊي تر جي اونهائي 55 ميٽر آهي ۽ کاريءَ جي سموري ويڪر ۾ ڀون ڀياسي تهن جي لاڳيتي موجودگي آهي. سروي ڪيترا ئي سال جاري رهي، جنهن دوران سمنڊ ۾ 166 ۽ زمين ۾ 70 اونهيون کاهيون کوٽيون ويون، ۽ ڪل 4000 ڪلوميٽرن جي خط ۾ ڀون طبعي سروي ڪئي وئي، جنهن لاءِ ساڳيون تيل جي صنعت واريون ڀون طبعي ٽيڪنيڪون استعمال ڪيون ويون. تن ڏينهن ۾ انجنيئرڱ منصوبن لاءِ ڀون طبعي سروي جا طريقا اڃا غير پختا هئا. اهي سرويز 1958–1959ع، 1964–1965ع،1972–1974 ع ۽ 1986–1988ع ۾ ڪيون ويون. هيترين سارين سرويز کان پوءِ سرنگھه کوٽڻ لاءِ مناسب واٽ جي چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ 85 سيڪڙو گچ چيڪي مٽي هئي. سرنگھه کوٽڻ کان 20 سال اڳ ۾ ڪيل سروي مان اڃا به اڳوڻن خيالن جي پٺڀرائي ڪئي ته گچ چيڪي مٽيءَ Chalk Marl جو تهه موجود آهي، جنهن مان سرنگھه کوٽي سگھجي ٿي. انگريزي کاريءَ جي تر ۾، پٿريلي مٿاڇري هيٺان گچ Chalk جا چار تهه آهن، جيڪي 9 کان 10 ڪروڙ سال اڳ ۾ ٺهيا هئا. ٻيون نمبر تهه گچ ۽ چيڪي مٽيءَ Chalk Marl تي ٻڌل اهو تهه 25 کان 30 ميٽر ٿلهو آهي ۽ تمام ٿورو سيمائتو Pervious آهي. کوٽائيءَ لاءِ اهو تهه بهترين آهي. ڇاڪاڻ ته جَر ان مان سيمو ڪري نه ٿو سگھي ۽ ان کي ڪٽڻ به آسان آهي. سرنگھه کوٽڻ لاءِ بهترين جاءِ انهيءَ تهه جا هيٺين ۾ هيٺيان 15 ميٽر هئا، جنهن سان مٿان ايندڙ سامونڊي پاڻيءَ جي سيمي جو امڪان گھٽ کان گھٽ ٿي ٿو. کاڻڪاري Mining جي صنعت کي گچ Chalk مان سرنگھڻ جو ڪثير آزمودو حاصل هو. انگلستان واري پاسي کوٽائي وڌيڪ آسان هئي، ڇاڪاڻ ته ان پاسي گچ چيڪي مٽيءَ جو تهه هموار هو. جڏهن ته فرانس واري پاسي 5 ڪلوميٽرن جي رستي تي اهو تهه ناهموار هو. انگلستان واري پاسي ڀون ڀياسي تهه جي لهواري وڌ ۾ وڌ 5° هئي، جڏهن ته فرانس واري پاسي اها لهواري 20° تائين هئا. ان کان سواءِ ساڳي تهه جون خاصيتون انگلستان واري پاسي ۽ فرانس واري پاسي مختلف آهن. تنهنڪري ٻنهي پاسن تي کوٽائيءَ واري طريقي ۾ به ٿورو فرق هو، ۽ فرانس واري پاسي کوٽائي نسبتاً ڏکي هئي. ٽن سرنگھن جي کوٽائيءَ جو ڪم هڪ ئي وقت فرانسيسي توڙي برطانوي پاسي کان جاري رکيو ويو، جنهن ۾ 11 کاٽ ڪلون Boring Machines استعمال ڪيون ويون؛ 5 فرانسيسي پاسي کان ته 6 برطانوي پاسي کان. انگلستان واري پاسي سادي ڀون ڀياس سبب ڇهه تيز رفتار کليل منهن واريون سرنگھه کاٽ ڪلون Tunnel Boring Machines (TBM) استعمال ڪيون ويون، جن شيڪسپيئر اڀوٽيءَ Shakespeare Cliff کان ڪم شروع ڪيو. ٽي ڪلون سامونڊي سرنگھه لاءِ استعمال ٿيون ته ٽي خشڪيءَ واري سرنگھه لاءِ. ساگر هيٺان سرنگھه جي کوٽائيءَ کان پوءِ، انگلستاني سرنگھه کاٽ ڪلن TBM کي اڃا هيٺ اونهائيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. ساڳين ئي مدفن ڪَلُن کي برقي ارض Electrical Earth طور استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ فرانسيسي کاٽ ڪلن کي پرزا پرزا ڪري سرنگھه مان ڪڍيو ويو. سرنگھه جو ترقياتي ڪم هلڻ دوران 900 ملي ميٽر گيج واري ريل پٽي استعمال ڪئي وئي. سرنگھه جي کوٽائي 1988ع ۾ شروع ٿي، ۽ 1994ع ۾ سرنگھه جڙي راس ٿِي. امدادي سرنگھه جو ڪم مکيه سرنگھن کان هميشه 1 ڪلوميٽر اڳڀرو هلايو ويو ته جيئن ٻن مکيه سرنگھن جي کوٽائيءَ لاءِ صورتحال جي موافق هجڻ يا نه هجڻ جي خبر پئجي سگھي. اهڙيءَ ريت سڀ کان اڳ ۾ امدادي ڪمن واري سرنگھه، يعني وچين سرنگھه (B) جي کوٽائيءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 30، 1990ع تي بنا ڪنهن تقريب جي ان جو افتتاح ڪيو ويو. ساڳي ئي سال پهرين ڊسمبر تي گراهم فاگ Graham Fagg نالي هڪ ملازم ۽ فيليپ ڪوزيت Philippe Cozette نالي هڪ فرانسيسي ملازم ميڊيا آڏو امدادي سرنگھه پار ڪري ڏيکاري. ترقياتي ڪم جي سرگرم ترين عرصي دوران روزانو 15000 ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جن جي ڏهاڙي روزانو 30 لک پائونڊ ٿيندي هئي. 1987ع کان 1993ع تائين ڪم ڪندي 10 مزدور مارجي ويا، جن ۾ 8 برطانوي ۽ 2 فرانسيسي مزدور شامل هئا. کارنگھه جو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو ويو، پر انهن کي رٿيل تاريخ کان هڪ سال دير سان مَي 1994ع ۾ رسمي طور کوليو ويو. عوام لاءِ سفري سهوليتن جو آغاز اڃا به ڪيترا ئي مهينا بعد ۾ ٿيو. 2003ع ۾ کارنگھه جي ڇيڙن کي پاغِي Paris ۽ لنڊن سان هڪ تيز رفتار ريل رستي ذريعي ملايو ويو، جنهن تي اضافي لاڳت آئي. اهڙو ريل رستو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي مسافر سَوا ٻن ڪلاڪن ۾ لنڊن کان پيرس رسي سگھن ٿا. ماحوليات: کارنگھه جي اڏاوت سان پوندڙ ڪن به وڏن ماحولياتي خطرن جي نشاندهي ٿي نه سگھي. حفاظتي، گوڙ، ۽ هوا جي گدلاڻ وارا سمورا معاملات مثبت نظر آيا. تاهم، فوڪسٽون کان لنڊن تائين ويندڙ تيز رفتار ريل رستي تي ماحولياتي اعتراضات اٿاريا ويا هئا. سرنگھه ۾ حفاظتي انتظامات هاڻي کاري سرنگھه حفاظتي اختياريءَ جي ذميواري آهن. لاڳت ۽ اقتصادي اثرات: 1985ع ۾ ان منصوبي تي ايندڙ لاڳت جو تخمينو 2.6 ارب برطانوي پائونڊ لڳايو ويو، پر 1994ع ۾ اڏاوتي ڪم جي اختتام تائين ان تي 4.65 ارب برطانوي پائونڊ خرچ اچي ويو. وڌيڪ خرچ جو سبب اضافي حفاظتي، سلامتي، ۽ ماحولياتي تدابير شامل ڪرڻ هو. اها لاڳت يوروٽنل Eurotunnel نالي گروپ سيڙائي. کارنگھه آڏو وقت جي للڪار پڻ موجود هئي. جيئن ته ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري نجي شعبي ڪئي هئي، تنهنڪري تڪڙو مالي لاڀ ملڻ جي اهميت تمام گھڻي هئي. سن 1995ع ۾ کارنگھه ذريعي 29 لک ماڻهن سفر ڪيو، سن 2008ع ۾ 91 لک مسافرن سفر ڪيو، سن 2010ع ۾ 95 لک مسافرن سفر ڪيو، جڏهن ته سن 2011ع ۾ 97 لک ماڻهن سفر ڪيو. جيتوڻيڪ انگريزي کارنگھه ذريعي سفر ڪندڙ مسافرن جو تعداد هر سال وڌندو رهيو آهي، پر مالبرداريءَ جو مقدار گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي. سن 2007ع ۾ کارنگھه رستي اٽڪل 2 ڪروڙ ٽن مالبرداري ٿي هئي، پر 2011ع ۾ ڏيڍ ڪروڙ ٽن مالبرداري ٿي. مسافرن جي آمدورفت توڙي مالبرداريءَ جا اڳ ۾ لڳايل اندازا، جن جي مدنظر کارنگھه جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، سي موجوده حقيقي انگن اکرن کان تمام مٿي هئا. جيتوڻيڪ اها اڳڪٿي درست نڪتي ته ڪيترا سامونڊي ۽ فضائي واٽ ذريعي سفر ڪندڙ مسافر ۽ مالبرداريءَ جو ڪيترو سيڪڙو کارنگھه جي اڏاوت کان پوءِ ريل رستو استعمال ڪرڻ لڳندو، پر کارنگھه جي سهوليت سبب پيدا ٿيندڙ اضافي آمدورفت وارا سمورا اندازا غلط نڪتا. ان کان سواءِ ڀاڙا به ايترا وڏا رکجي نه سگھيا، جن جي اميد هئي. 1995ع ۾ يورواسٽار کي اٽڪل 92 ڪروڙ پائوندن جو نقصان کڻڻو پيو، جڏهن ته 1999ع ۾ پهريون ڀيرو يورواسٽار صافي منافعو حاصل ڪيو. لاڳت ــ لاڀ ڇيد Cost-Benefit Analysis مان خبر پئي ته کارنگھه جي سرگرمين جو برطانوي اقتصادي سرگرمين تي ڪو به خاص اثر نه پئجي رهيو آهي، ۽ کارنگھه نه جڙڻ جي صورت ۾ برطانوي معاشياتي صورتحال ڪجھه بهتر هجي هئا. اقتصادي لحاظ کان ڀلي اهو منصوبو ايترو لاڀائتو نه به ثابت ٿيو هجي، پر اهو فرانسيسي ۽ انگريز قومن لاءِ يقيناً باعث فخر عظيم انجنيئرڱ ڪارنامو آهي ۽ سندن عظمت جو نشان بڻجي چڪو آهي. 1996ع ۾ سِوِل انجنيئرس جي آمريڪي سماجواٽيءَ کارنگھه کي جديد دنيا جي ستن عجوبن ۾ ڳڻيو. )ليکڪ جامعه مهراڻ جي جياطب شعبي جو نشستمان ۽ پروفيسر آهي۔۔۔۔۔۔۔عبرت تان کنيو وِيو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو